ابراھيم ڪنڀر

اھم مقرري ۽ سينيارٽي لسٽ نظرانداز ٿيڻ جو قصو

ابراھيم ڪنڀر اوهانجو موقف ليکڪ

ابراھيم ڪنڀر

لڳي اھو پيو تہ پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو مسئلو دفاع وزارت جي ماتحتي ۾ ھڪ اھم عھديدار جي مقرري آھي، پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏھن ائين ناھي ٿيو جو ھڪ فوجي عھديدار جي مقرري تي ھيڏو ٻڙڌڪ متو ھجي، جيترا وات آھن اوتريون ڳالھيون آھن، ھميشا سادو طريقيڪار رھيو آھي، ٻن عھدن يعني فوجي سربراھ ۽ چئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي مقرري جي لاءِ پنج ڇھ سينيئر ترين جنرلز جا نالا دفاع واري وزارت معرفت وزيراعظم آفيس ۾ ايندا آھن، اھا بدقسمتي آھي ھو ذاتي پسند نا پسند واري چڪر ۾ جڏھن سينيارٽي کي نظرانداز ڪري ھيٺين مان ڪنھن جا نالا چونڊيا وڃن ٿا تہ پھرين وڏي ۾ سزا انھي کي ملي ٿي جيڪو اھا چونڊ ڪري ٿو، قصو جنرل ايوب کان شروع ٿئي ٿو جيڪو جنرل يحيحي کان ٿيندو جنرل ضياالحق تي کٽي ٿو. ھتي اھو واضع ڪرڻ ضروري آھي تہ ھن وقت جنرل قمر جاويد باجوا ملڪ جو آرمي چيف آھي، ڪالھ تائين مختلف قسم جا اطلاع گردش ۾ آھن تہ حڪومت ۽ راولپنڊي ۾ فوجي سربراھ جي مقرري تي اختلاف آھن، نواز ليگ توڙي اتحادي حڪومت اھو طئي ڪيو آھي تہ جيڪو سينيئر ترين جنرل آھي انھي کي آرمي چيف مقرر ڪيو ويندو جڏھن تہ ھڪ خيال اھو پيو ڪيو وڃي تہ انھي جنرل کي آرمي چيف مقرر نہ ڪيو وڃي جنھن عمران خان جي چوري، ڪرپشن پڪڙي ھئي، يعني انھي منظرعام تي نہ آندو پر عمران خان کي روڪيو ھو تہ عثمان بزدار، بشرا بيبي فرح گوگي اينڊ ڪمپني پنجااب ۾ جيڪا لٽ مچايو ويٺا آھن انھي سان اوھان جي ايمانداري تي آڱر کڄندي، مڃيوٿو تہ وڃي انھي شڪايتي جنرل جي خلاف عمران خان دانھن جنرل باجوا کي ڏني انھي کيس اھم پوسٽ تان ھٽائي ڇڏيو آھي.تحريڪ انصاف جي حڪومت ۽ راولپنڊي جي وچ ۾ پھريون اختلاف انھي تان ٻيو اختلاف عثمان بزدار جي نااھلي، ٽيون اختلاف عليم خان جي مقرري وارو واعدو ڪري ڦرڻ، چوٿون اختلاف جنرل فيض حميد کي اسلام آباد مان اھم عھدي تان رليو نہ ڪرڻ ، پنجون اختلاف خراب حڪمراني، نااھلي، غلط فيصلن تان ٿيندو ٿيندو نيٺ حتمي نتيجو بي اعتمادي رٿ جي ذريعي نڪتو…
ھاڻ بہ عمران خان جنگ جوٽيو ويٺو آھي، ھن فوجي اداري جي سربراھ جي مقرري کي چونڪ چوراھي تي بحث جو مرڪز ناھي ٺاھيو پر ھن اداري جي سينئير ترين آفيسرن جي خوبين خامين کي ماڻھن جي زبان تي آڻي چڏيو آھي، عمران خان ھڪ عھديدار جي مقرري تي جيڪا سياست ڪئي آھي اھڙي سياست ڪڏھن ناھي ٿي البتہ ماضي ۾ اھو ٿيو آھي جو سينيارٽي لسٽ کي ڇڏي جڏھن جڏھن جنھن جنھن حاڪم وقت جونئير کي اڳيان ڪيو آھي انھي سان حشر بہ خراب ٿيو آھي، ذوالفقار علي ڀٽو،نواز شريف انھي جو وڌ ۾ شڪار ٿيا،مدي ۾ واڌ کانپوءِ عمران خان بہ متاثر ٿيو پر عمران خان جو ڪيس ابتو آھي، عمران خان چوي پيو تہ اليڪشن بہ فوج ڪرائي، منھنجي خلاف بي اعتمادي جي رٿ کي ناڪام بہ فوج ڪرائي ھا. منھنجو ساٿ بہ فوج ڏي، اپوزيشن کي ڏنڊو بہ فوج ڏي، عمران خان جي ڪوشش رھي آھي تہ منھنجي سياسي گرائونڊ ۾ آئون ڇڪا ھڻندو ھجان باقي ميداان کي فوج سنڀاليو بيٺي رھي،
پاڪستان ٺھڻ کان وٺي ھيستائين جڏھن بہ فوجي سربراھ جي مقرري ٿي آھي تہ انھي کان اڳ اھڙو ٻائتال ڪڏھن ناھي متو جھڙو ھن ڀيرو ٿيو آھي، عمران خان ھڪ طرف پاڻ کي 26 سالن کان قانون، انصاف ۽ آئين جي لاءِ جنگ جو سپاھي چوندو وتي ٻي طرف ھڪ فوجي سربراھ جي مقرري تي اھڙو گهٻرائي ابتا سبتا بيان ڏئي رھيو آھي جو انھي مان اھو ظاھر ٿي رھيو آھي تہ ھو پنھنجي حق ۾ ٺھيل ماحول خراب ڪري مستقبل ۾گهاٽو کائڻ وڃي رھيو آھي،جيستائين ملڪ اندر فوجي سربراھن جي مقرري جو معاملو آھي تہ جنرل ايوب خان جي مقرري کان وٺي جنرل قمر جاويد باجوا تائين پاڪستان ۾ 13 آرمي چيفس جي مقرري دوران رڳو چار ڀيرا سينيئر ترين جنرلز کي فوجي سربراھ مقرر ڪيو ويو آھي، باقي مقررين دوران سينيارٽي کي نظرانداز ڪيو ويندو رھيو آھي، انھي جي ڪري عمران خان جو اھو بيان بلڪل درست آھي تہ جھڙي ريت چيف جسٽس جي مقرري ٿئي ٿي ائين فوجي سربراھ جي مقرري ٿيڻ گھرجي، عمران خان ھونئن تہ ارڙھين ترميم جي مخالفت ڪري ٿو پر کيس ياد رکڻ گهرجي تہ ارڙھين ترميم جي ذريعي انھي کي آئيني شڪل ڏني وئي آھي تہ سپريم ڪورٽ يا ھائيڪورٽ جو سينئير ترين جج چيف جسٽس جي رٽائرٽمنٽ کانپوءِ چيف جسٽس ٿيندو.
.پاڪستاني تاريخ ۾ جنرل فرينڪ ميسروي ۽ جنرل گريسي کان پوءِ آرمي چيفس جي سينيارٽي يا انھي کي نظرانداز ڪرڻ جي ڪھاڻي شروع ٿئي ٿي، اھو بنياد جنرل ايوب خان وڌو، گورنر جنرل اسڪندر مرزا جنرل ايوب کي ٻن سينيئر جنرل کي نظر انداز ڪري مقرر ڪيو، طاقتور عھدو ملڻ شرط جنرل ايوب سرحدن جي حفاظت واري اصلي ڪم کانن ھٽي ويو، کيس اقتدار عزيز ٿي ويو انھي جي ڪري ھن ملڪ ۾ جمھوريت جي تڏا ويڙھ ڪندي مارشل لا مڙھي انھي گورنر جنرل اسڪندرمرزا جي بي توقير ڪري کيس ھٽايو جنھن کيس آرمي چي مقرر ڪيو ھو، ھٽائي پاڻ فيڊل مارشل ٿي ڌانڌلي جي ذريعي صدر ٿي ويھي رھيو، جنرل ايوب جنرل گريسي جي جاءِ تي فوجي سربراھ ٿيو، سندس مقرري جي وقت ميجر جنرل اڪبر خان ۽ ميجر جنرل نعم رضا خان سينيئر جنرل ھئا، جنرل ايوب خان جڏھن جنرل موسا کي آرمي چيف مقرر ڪيو تہ انھي بہ سينارٽي لسٽ کي نظرانداز ڪيو ٽن جنرلز کي ڇڏي چوٿين نمبر تان جنرل موسا خان کي چونڊي فوجي سربراھ مقرر ڪيو ويو،اھڙي ريت جنرل موسا خان کانپوءِ فوجي سربراھ طور ڪمانڊ جنرل يحيي خان وٽ آئي جنھن کي فوجي سربراھ ڪرڻ جي وقت ٻن سينئر جنرلز جنرل بختيار رانا، جنرل الطاف قادر کي سپرسيڊ ڪيو ويو، ذوالفقار ڀٽو ڊسمبر 1971ع تي جنرل ٽڪا خان کي نظرانداز ڪري جنرل گل حسن کي فوجي سربراھ مقرر ڪيو پر ٽن مھينن کانپوءِ جنرل گل حسن ۽ ذوالفقار علي ڀٽو پاڻ ۾ نہ ٺھيا تہ وري جنرل ٽڪا خان کي فوجي سربراھ مقرر ڪيو ويو،جنرل ٽڪا خان پھرين نظرانداز ۽ بعد ۾ سينيارٽي جي اعتبار کان پھريون نمبر ايندڙ جنرل ھو جنھن کي آرمي چيف مقرر ڪيو ويو، پر ذوالفقار ڀٽي جنرل ضياالحق جي مقرري جي وقت ستن جنرل کي سپرسيڊ ڪري ڇڏيو، انھن ۾ جنرل محمد شريف، جنرل محمد اڪبر، جنرل آفتاب احمد خان، جنرل عظمت بخش، جنرل آغا ابراھيم اڪرم، جنرل مجيد ملڪ ، جنرل غلام جيلاني شامل ھئا، ذوالفقار علي ڀٽو جنرل ضياالحق ۾ وفا جا گڻ ڏسي فوج ۾ سينيارٽي واري نظام کي ھيٺ مٿي ڪري ستن جنرلز کي نظرانداز ڪري جنرل ضياالحق کي طاقتور ترين عھدي تي مقرر ڪري ڇڏيو، جنرل ضياالحق جنھن جو آئيڊيل جنرل ايوب ھو جنھن پنھنجي محسن گورنر جنرل اسڪندر مرزا کي ھٽائي ڇڏيو ھو انھي واٽ تي ھلندڙ جنرل ضياالحق ملڪ ۾ مارشل لا ھڻي ذوالفقار ڀٽي کي گرفتار ڪرائي آخر ۾ عدالت جي ذريعي قتل ڪرائي ڇڏيو، جيڪڏھن جنرل ضيااالحق جي جاءِ تي ٻيو ڪو بہ فوجي سربراھ مقرر ٿئي ھا تہ بہ شايد ذوالفقار علي ڀٽي سان اھو ڪجھ ٿئي جيڪو سندس باوفا جنرل ڪيو ڇاڪاڻ جو شھيد ڀٽو سامراجي سازش تحت شھيد ڪيو ويو،17 آگسٽ1988ع تي زندگي جي زليل گهڙين ۾ جيڪا خبر آئي انھي کانپوءِ جنرل اسلم بيگ فوج جو سربراھ مقرر ٿي ويو، جنرل ضياالحق جئين تہ اٺين ترميم جي ذريعي پارليمنٽ کي مڏو ڪري عملي طور ملڪ ۾ صدارتي نظام لاڳو ڪري ڇڏيو ھو انھي جي ڪري آرمي چيف جي مقرري جو اختيار صدر وٽ ھو، اھو ئي ڪارڻ ھو جو جنرل ضياالحق بطور صدر جنرل ضياالحق کي ٽي چار ڀيرا مدي ۾ واڌ ڏيندو رھيو، اھو ساڳيو پرويز مشرف بہ ڪندو رھيو، صدر مشرف جنرل مشرف کي آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ ڏيندو رھيو،جنرل اسلم بيگ انھي جي وقت سينيئر ترين جنرل ھو انھي جي ڪري وقتي صدر غلام اسحاق خان کيس آرمي چيف مقرر ڪيو، انھي جي مقرري دوران 1988ع ۾ چونڊون ٿيون، پر انھن چونڊن ۾ پيپلز پارٽي کي ديوار سان لڳائڻ جي لاءِ اسلم بيگ جيڪو ڪيو انھي جو ذڪر سپريم ڪورٽ ۾ موجود سمورن دستاويزن ۾ موجود آھي، ڪھڙي ريت غلام اسحاق خان ۽ جنرل اسلم بيگ ڳٺ جوڙ ڪري پيپلز پارٽي مخالف سياسي ڪٺ گڏ ڪيو اصل ۾ جنرل اسلم بيگ توڙي غلام اسحاق خان جنرل ضياالحق جي رستي تي ھلندو رھيو، سنڌ، پيپلز پارٽي يا ڀٽو خاندان جي خلاف سندن نفرت گهٽجي نہ سگھي ھئي انھي جي باوجود جنرل اسلم بيگ کي جماعتي بنيادن تي بينظير ڀٽو شھيد جمھوريت جو تمغو ڏنو، اسان جي ھڪ صحافي دوست جنرل اسلم بيگ کان جڏھن ڪيمرا تي اھو سوال ڪيو تہ اوھان کي جمھوري تمغو وٺڻ باوجود جمھوريت جي خلاف سازش ڪندي ڪجھ محسوس نہ ٿيو تہ سندس اردلي انھي صحافي سان ذري گھٽ ٻکين پئجي ويو ھو.جون 1991ع تي سينئير ترين جنرل اسلم بيگ جي رٽائرٽمنٽ جي موقعي تي ميان نواز شريف بطور وزيراعظم ٻي نمبر تي سينيئر جنرل آصف نواز جنجوعا کي فوجي سربراھ بنايو جڏھن تہ سينيئر ترين جنرل شميم عالم کي چئرمين چيفس جوائنٽ اسٽاف ڪميٽي بنايو ويو، جنرل آصف نواز جنجوعا 1993ع ۾ دل جي دوري سبب فوت ٿي ويو،نئين آرمي چيف جي مقرري جي ذميواري جو بار وري نواز شريف جي ڪلھن تي اچي ويوجنوري 1993ع ۾ ميان نواز شريف چئن سينيئر جنرلز کي سپر سيڊ ڪندي جنرل عبدالوحيد ڪاڪڙ کي نئون آرمي چيف مقرر ڪيو، انھي وقت بہ جنرل ڪاڪڙ ۽ نواز شريف جي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿيا، سيينارٽي کي نظرانداز ڪندڙ جنرل عبدالوحيد ڪاڪڙ جي اھم عھدي تي رھندي غلام اسحاق خان قومي اسيمبلي کي ٽوڙي ڇڏيو، نسيم حسن شاھ جي سربراھي ۾ ھلندڙ سپريم ڪورٽ جي لارجر بئنچ اھا اسيمبلي ۽ ميان نواز شريف کي وزيراعظم جي عھدي تي بحال ڪري ڇڏيو، پر حڪومتي معاملا ھلي نہ سگھيا، ڊڪٽيشن نہ وٺڻ جو اعلان ڪندڙ نواز شريف کي استعيفي ڏيڻي پئي پر کيس ھٽائيندڙ غلام اسحاق خان کي بہ گهر وڃڻو پيو انھي کي ڪاڪڙ فارمولا طور اڄ بہ ياد ڪيو ويندو آھي.جنرل ڪاڪڙ جنوري 1996ع تائين فوجي سربراھ جي عھدي تي رھيو، آڪٽوبر 1993ع ۾ عام چونڊون ٿيون تہ بينظير ڀٽو وري ملڪ جي ٻيو ڀيرو وزيراعظم ٿي وئي، جنرل ڪاڪڙ جي رٽارٽمنٽ جي موقعي تي جنرل جھانگير ڪرامت سينيئر ترين فوجي جنرل ھو جنھن کي بينظير ڀٽو فوجي سربراھ مقرر ڪيو، جنھن جي مقرري جي دوران صدر فاروق لغاري پنھنجي پيپلز پارٽي جي حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪري ڇڏيو.انھي کانپوءِ ميان نواز شريف اقتدار ۾ آيو انھي بہ ٻن جنرلز کي نظرانداز ڪري جنرل پرويز مشرف کي فوجي سربراھ مقرر ڪيو، جڏھن جنرل پرويز مشرف ۽ نواز شريف ۾ اختلاف پيدا ٿيا تہ 12 آڪٽوبر 1999ع تي نواز شريف پنھنجا اختيار استعمال ڪندڙ پرويز مشرف کي ھٽائي انجنئير ڪور جي جنرل ضياءُ بٽ کي مقرر ڪيو تہ آرمي چيف جنرل ھڪ چونڊيل وزيراعظم کي ھائيجڪر بنائي عدالت ذريعي اھا تاريخ ورجائڻ چاھي جيڪا ذوالفقار ڀٽي جي ھئي، يعني جنرل پرويز مشرف ھڪ ڀيرو ٻيھر جنرل ضياالحق بڻجي پارليمنٽ،چونڊيل حڪومت تي حملو ڪرائي وزيراعظم کي گرفتار ڪرائي جيل ۾ وجھرائي عمر قيد جي سزا ڏياري ڇڏي،جنرل پرويز مشرف اقتدار ۽ آرمي چيف جي ڪرسي تي چنبڙيو رھيو سندس ڪرسي کي پھريون وڏو لوڏو 3 مارچ 2007ع ۾ انھي وقت آيو جڏھن چيف جسٽس افتخار چوڌري کي آرمي ھائوس طلب ڪري استعيفي طلب ڪئي، افتخار چوڌري استعيفي ڏيڻ کان انڪار ڪيو،نيٺ وڏي ڪوشش کانپوءِ سينيئر ترين جنرل اشفاق پرويز ڪياني کي ڪمان ڏيڻي پئجي وئي، جنرل اشفاق پرويز ڪياني سينيئر ترين جنرل ھو،جنرل ڪياني کي انھي وقت جي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني مدي ۾ ٽن سالن جي واڌ ڏني، مدي ۾ واڌ کانپوءِ پيپلز پارٽي جي پنجاب مان تڏا ويڙھ ٿي، يوسف رضا گيلاني جو پٽ اغوا ٿي ويو چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري يوسف رضا گيلاني کي پنھنجي پارٽي سربراھ ۽ صدر مملڪت جي خلاف سوئز اٿارٽيز کي خط لکڻ جي لاءِ ٻانھن مروٽيندي مروٽيندي نيٺ کيس نااھل ڪري گهر ڀيڙو ڪري ڇڏيو، جنرل ڪياني جي ھوندي آصف علي زرداري کي غدار قرار ڏيارڻ جي لاءِ ميموگيٽ اسڪينڊل سامھون آيو، جنرل راحيل شريف ۽ پيپلز پارٽي حڪومت جي وچ ۾ لڪ لڪوٽي ٿيندي رھي، سندس ڪمانڊ ۾ اليڪشن ٿي انھي اليڪشن کانپوءِ ميان نواز شريف ملڪ جو ٽيون ڀيرو وزيراعظم ٿيو، جنھن جنرل راحيل شريف کي نومبر 2013ع تي آرمي چيف مقرر ڪيو ھو، ھن ڀيري بہ سينئير ترين جنرل ھارون کي نظرانداز ڪيو ويو، جنرل راشد محمود کي چئرمين چيفس ڪميٽي مقرر ڪيو ويو، انھي مقرري کانپوءِ عمران خان ۾ ھوا ڀري وئي، طاھر القادري ۽ عمران خان ڳٺ جوڙ ذريعي لنڊن پلان تيار ڪيو ويو، پارليمٽ آڏو ڌرڻو ھڻي حڪومت کي مڏو ڪيو ويو، نواز شريف کي استعيفي ڏيڻ جو چيو ويو، عمران خان روزاني امپائير جي آڱر کڄڻ جا اعلان ڪندو رھيو،تحريڪ لبيڪ پاڪستان ۾ ھوا ڀري نواز شريف تي جوتن سان حملاڪرائي سندن ساٿين کي بي عزتو ڪيو ويو، جڏھن راحيل شريف مدي ۾ واڌ گهري تہ حڪومت جواب ڏئي ڇڏيو، 29 نومبر 2016ع تي ميان نواز شريف جنرل قمر جاويد باجوا کي آرمي چيف مقرر ڪيو، سندس مقرري جي وقت ٻن جنرلن کي سپرسيڊ ڪيو ويو،جنرل باجوا جي مقرري وقت سينيارٽي جي لسٽ کي نظر انداز ڪيو ويو، چئن سينيئر ترين جنرلز کي عھدن کي رٽائرڊ ٿيڻو پيو، جن ۾ ليفٽيننٽ جنرل سيد واجد حسين، جنرل نجيب اللہ خان ، جنرل اشفاق نديم احمد ۽ جنرل جاويد اقبال رمدي شامل ھئا،نواز شريف جي سفارش تي انھي وقت جي صدر ممنون حسين جنرل قمر جاويد باجوا کي آرمي چيف ۽ جنرل زبير محمود حيات کي چئرمين جوائنٽ چيفس اسٽاف ڪميٽي بنائڻ جي منظوري ڏني.جنرل باجوا جي مقرري کانپوءِ ميان نواز شريف، سندس خاندان يا سياست سان ڇا ٿيو، عام چونڊن ۾ ڇا ڪيو ويو، عمران خان ڪرسي تائين ڪئين پھتو اھي سموريون ڳالھيون ڪنھن کان ڳجھيون ناھن پر نومبر 2019ع تي تحريڪ انصاف جنرل قمر جاويد باجوا جي بطور آرمي چيف مدي ۾ ٽن سالن جي لاءِ واڌ ڪري ڇڏي آھي جيڪو مدو ايندڙ ھفتي پورو ٿي رھيو آھي، اھو اتفاق آھي يا پراڻي مشق جو مدي ۾ واڌ کانپوءِ تحريڪ انصاف يا انھي جي سربراھ سان جيڪو ڪجھ ٿيو، عمران خان حڪومت ۽ اسٽبلمشنٽ ۾ سرد جنگ جو خاتمو بي اعتمادي تحريڪ جي ڪاميابي جي نتيجي ۾ سامھون آيو، عمران خان ھڪ ڀيرو ڪنٽينر تي سوار آھي، اھم عھدي تي مقرري کانپوءِ ڪو نہ ڪو نتيجو ھميشا سامھون آيو آھي، ھن ڀيري طاقتور عھديدار جي مقرري ايندڙ ھفتي تائين ممڪن آھي، انھي مقرري کان پوءِ نتيجا بہ سامھون ايندا ھڪ تاريخ ٺھندي،جيڪا وري سڀاڻي لکي ۽ پڙھي ويندي.
حوالا: (دي نيوز، دي ڊان، بي بي سي، انٽرنيٽ جون مختلف ويب سائٽس)

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *