ابراھيم ڪنڀر

اڳوڻي چيف جج جو حلفيہ بيان ملڪي نظام تي سواليہ نشان ناھي؟

ابراھيم ڪنڀر اوهانجو موقف ليکڪ

ابراھيم ڪنڀر

اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار تي گلگت بلتستان عدالت جي چيف جج جيڪي الزام ھنيا آھن انھن حڪومت سميت اھم ادارن ۾ ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيو آھي،اسلام آباد ھائيڪورٽ انھي تي پاڻمرادو نوٽس وٺي اڄ سمورين ڌرين کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آھي، حڪومتي وزير ثاقب نثار تي ھنيل الزامن جي وضاحت سندس ترجمان بڻجي ھڻي رھيا آھن، وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ جيڪو اجلاس ٿيو آھي انھي ۾ بہ اھو شڪ ڏيکاريو پيو وڃي تہ انھي سموري راند جي پويان نواز ليگ جو ھٿ آھي، نواز ليگ جي ھٿ ھجڻ کان ڪير انڪاري نٿو ٿي سگھي ڇاڪاڻ جو جنھن کي جڏھن بہ صفائي يا بي گناھي جو موقعو ملندو تہ ھو بيگناھي ثابت ڪرڻ جي لاءِ ھڙان وڙان سمورا وسيلا ڪتب آڻيندو، نواز ليگ 2014ع کان شروع ٿيل سموري سازش کي بي نقاب ڪري انھي ۾ ملوث ڪردارن کي وائکو ڪري رھي آھي تہ اھو نواز شريف، مريم نواز يا سموري نواز ليگ جو بنيادي حق بڻجي ٿو، جيڪڏھن سازشون نہ ٿين، مداخلت بند ٿيڻ گهرجي، ادارا ھڪٻئي جي حدن کي نہ اورانگھين، ملڪ کي آئين موجب ھڪ بھترين پارلياماني جمھوري نظام تحت ھلايو وڃي، ھر ادارو پنھنجي حد اندر رھي ڪم ڪري تہ سڀ ٺيڪ ٿي ھلندو پر سير مٿان سوا سير سمجھندڙ ادارا ائين ڪندا رھندا تہ انھي جو جواب وقت ڏيندو رھندو آھي.
پھرين ڏينھن کان وٺي جيڪي بہ سازشون ٿيون آھن انھن کي وقت طور ڪارپيٽ ھيٺ رکيو ويو آھي، انھن کي محدود وقت جي لاءِ لڪايو ويو آھي پر اھي سڀ سازشون، منصوبابنديون ظاھر ٿينديون رھيون آھن انھي سان ڪا نيڪ نامي نہ ٿي آھي انھي ۾ ملڪ ۽ انھي جي شھرين يعني عوام جو ئي نقصان ٿيو آھي، اڄ بہ معاشي، سياسي، خارجي، سيڪيورٽي حساب سان ملڪ جتي بيٺو آھي اھو نقصان ٻي ڪنھن جو نہ پر عوام جو نقصان آھي.
بھرحال اسلام آباد ھائيڪورٽ جي چيف جسٽس معاملي جو نوٽس وٺندي چيف جج، خبر ڏيندڙ صحافي، اخبار جي مالڪ توڙي اٽارني جنرل کي طلب ڪري ورتو آھي چيف جسٽس صاحب چيو آھي تہ ڪنھن التوا ۾ پيل ڪيس جي حوالي سان اھڙي ڪا خبر انھي ۾ مداخلت جي برابر آھي، انھي ۾ ڪو شڪ ناھي تہ التوا ۾ پيل ڪيس جي معاملي تي ايڏي وڏي خبر جنھن ۾ الزام اڳوڻي چيف جسٽس تي ھنيل ھجي اھا انھي عدالت جي وقار جي حوالي سان اھم آھي پر انھي ۾ شڪ بہ نہ رھيو آھي تہ سياسي نظام ۾ عدالتن جي مداخلت ڪئين ٿيندي رھي آھي، نواز شريف جو ڪيس تہ ڪالھوڪي ڳالھ آھي، مولوي تميز الدين جي ڪيس کان وٺي 17 ھزار سرڪاري ملازمن کي قلم جي ھڪ جھٽڪي سان بيروزگار ڪرڻ وارن سمورن فيصلن تي تنقيد ٿيندي رھي آھي، بلڪہ انھن مان ڪيترن ئي فيصلن کي عدالتي فورمز تي چئلنج بہ ڪندو ويندو رھيو آھي، معزز جج صاحب پاڻ بہ اھو تسليم ڪندا آھن تُہ ھنن کان پنھنجي فيصلن ۾ غلطيون ٿيون آھن انھي جي ڪري ڪجھ ڪيسن کي واپس ورتو ويندو آھي،يعني عدالتن پنھنجي فيصلن کي واپس ورتو ويوآھي، عدالتن جو سياستدانن جي حوالي سان ڪھڙو ڪردار رھيو آھي يا ساڳي عدالتن آمرن جي سھوليتڪاري جي لاءِ ڪھڙو ڪردار ادا ڪيو آھي اھو ڪنھن کان لڪيل ناھي، ھي معاملي رڳو اسلام آباد ھائيڪورٽ نہ پر ھاڻ پارليامينٽ جي فورم تي بہ اچي چڪو آھي، مسلم ليگ نواز جي اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪندي چيف جسٽس آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو آھي تہ ھي اڳوڻي چيف جسٽس سان لاڳاپيل معاملو آھي انھي جي ڪري ننڍن ننڍن معاملي تي پاڻمرادو نوٽس وٺندڙ سپريم ڪورٽ ھن اھم معاملي تي نوٽس وٺي، انھي ۾ ڪو شڪ ناھي تہ ھي معاملو اھم آھي، نواز ليگ تہ انھي ۾ متاثر ڌر آھي، انھي جي ڪري ھنن رانا شميم جي بيان جي جاچ سان گڏ ثاقب نثار کي جيل ۾ وجھڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي.
ھي معاملو رڳو ھائيڪورٽ ۾ نہ آيو آھي پر پارليامنيٽ ۾ بہ ھن معاملي تي ڳالھايو ويو آھي سينيٽ ۾ نواز ليگ جي اڳواڻ اعظم تارڙ انھي معاملي تي ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪيو آھي، ھن بہ ذوالفقار ڀٽو جي قتل کان وٺي يوسف گيلاني کان نواز شريف جي خلاف سازش جو ذڪر ڪيو آھي سينيٽ ۾ گڏيل اپوزيشن انھي معاملي تي واڪ آئوٽ بہ ڪيو آھي. قومي اسيمبلي ۾ خواجا آصف واضع طور چيو آھي تہ ھڪ چيف جسٽس جو حلفيا بيان آھي انھي سان اليڪشن جو نظام متاثر ٿي رھيو آھي، ايوان کي ھن معاملي جو نوٽس وٺڻ گهرجي، اھو ڏسڻ گهرجي تہ ھن ملڪ ۾ ڇا ٿي رھيو آھي؟ھائيڪورٽ نوٽس ورتو، پارليامينٽ ۾ واڪ آئوٽ ٿيو، سياسي پارٽين پنھنجا پنھنجا مطالبا رکيا پر سوال اھو ٿو پيدا ٿئي تہ اھو ڪير آھي جنھن جي آڏو وقت تي اچڻ وڏا وڏا انصاف گهر ۽ انھن جي ڪرسين تي ويھندڙ ڪنڌ جھڪائي ھا ۾ ھا ۾ ملايو ٿا ڇڏين، سوال اھو آھي تہ اھو ڪير آھي جيڪو ملڪ جي باقي ادارن کي ڪا اھميت ڏيڻ جي لاءِ تيار ناھي، جنھن کي جڏھن وڻي انھي وقت ڪنھن بہ اداري کي حدن کي اورانگھڻ ئي نہ پر انھن کي لغام وجھي گھلڻ جي بہ جرعت ٿئي ٿي اھم سوال اھو بہ آھي تہ ھي سمورو قصو ڪيستائين ھلندو رھندو؟ قصو ھلڻ مان مراد آئين جي ڀڃ ڊاھ، اشارن تي سمورن ادارن جو ھلڻ، ھر دور جي جمھوريت ۾ حقيقي جمھوريت جو مطالبو ٿيڻ، سويلين بالادستي جو نعرو لڳڻ، پارليامينٽ جي بالادستي کي ڇيھون ڇيھون ڪرڻ وارو عمل آخر ڪيستائين ھلندو رھندو.
گلگت بلستان جي چيف جج جيڪو ڪجھ چيو آھي انھي کي جيڪڏھن ھڪ لمحي جي لاءِ سچ تسليم ڪري وٺجي تہ انھي ۾ رڳو اڪيلي ثاقب نثار يا انھي شخص جو ڏوھ نٿو ڪري سگھجي جنھن کي ثاقب نثار اھو آرڊر ڏنو، يا اھا مشق ڪا ھڪ ٻن ڏينھن جي لاءِ نہ ھوندي انھي کان اڳ جيڪو ڪجھ ٿي چڪو ھو اھو بہ اھم ھو، انھي کان اڳ جنھن ليڊر کي اقتدار جي لاءِ تيار ورتي پئي وئي، جنھن کي پروموٽ ڪيو پئي ڪيو پئي ويو جنھن تي رياستي وسيلا خرچ ڪيا پيا ويا انھي جي پويان ڪير ھو؟ انھن جو پتو لڳائڻ ضروري آھي، ايتري تہ پڪ آھي تہ انھي معاملي يا انھي کان اڳ ۾ جيڪي وڏا وڏا حادثا، سانحا، سازشون يا منصوبابنديون ٿيون آھن انھي تي ڪنھن قسم جي سچائي ڪميشن نہ ٺھندي ڇاڪاڻ جو اھا جرعت ۽ ھمت ڪنھن ۾ ناھن، انھي سچائي ڪميشن جو ذڪر ميثاق جمھوريت ۾ بہ ھو پر آخر ۾ ڪنھن نہ ڪنھن دٻاءُ سبب پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ ٻئي انھي نڪتي جي خلاف ٿي بيھي رھيون آھن ۽ ارڙھين ترميم تي ڪم ڪندڙ ڪميٽي ۾ انھي نڪتي تي غور ئي نہ ڪيو ويو. خير پاڻ وري انھي ڳالھ تي اچون ٿا تہ روزاني ميان نواز شريف جي حمايت ۾ ڪا نہ ڪا نئين شي اچي رھي آھي، جيڪا حڪومت کي وري دفاعي پوزيشن تي وٺي وڃي رھي آھي، مس وڃي حڪومت جا اتحادين سان معاملا ڪنھن حد تائين نبريا آھن تہ مارڪيٽ ۾ وري نئين شي اچي وئي آھي جيڪا ڪجھ ڏينھن ڳائبي، آھستي آھستي انھي کان وڌيڪ شيون بہ اينديون ڇاڪاڻ جو صورتحال تبديلي ڏانھن وڃي رھي آھي، خانصاحب جيڪو ڪجھ ڪرڻ چاھي پيو انھي جا مخالف سندس صفن ۾ ئي پيدا ٿي چڪا آھن انھي جي ڪري شايد حڪومت کي بہ اھا خبر پئجي چڪي آھي تہ معاشي ناڪاميون، ملڪ جي لاءِ مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسڻ، ملڪ جي اھم ادارن جي اھم عھديدارن سان ڏند چڪ جي قصو خراب ٿي چڪو آھي،انھي جي ڪري اھو فيصلو ٿي چڪو آھي تہ عمران خان کي بہ ھاڻ ڪنھن بہ صورت ۾ برداشت نہ ڪيو ويندو، ويھ نومبر ۾ اڃان چار ڏينھن پيا آھن عين ممڪن آھي انھي تاريخ کانپوءِ تبديلي تڪڙي بنياد تي ٿئي، نواز شريف جي حوالي سان جيڪي دستاويز يا خبرون اچي رھيون آھن انھي جي ھڪڙي معني اھا ورتي وڃي ٿي تہ نواز شريف جي ھمدردي پيدا ڪرڻ بہ ھڪ ٻي مھم جو حصو آھي، يعني سمورو منظر نامو تبديل ٿي چڪو آھي، ڏسڻو اھو آھي تہ عمران خان کي آڻيندڙ ڌريون واقعي سرينڊر ڪرڻ واريون آھن يا وري ٻيو تجربو ڪرڻ جي لاءِ نئين راھ ڏسي رھيون آھن،جيڪي ڌريون انھي خيال جون آھن تہ نواز شريف سان تقريبن سمورا معاملا طئي ٿي چڪا آھن، مڃي ٿا وٺون تہ اھو سڀ ڪجھ ٿيندو بہ ھجي پر سوال اھو آھي تہ انھي قسم جي حڪمراني يا سازشون ڪيستائين ٿينديون رھنديون؟ ڪيستائين آئين کي سنگھرون پيل ھونديون؟ ڪيستائين آئين جي حڪمراني تي ڪڙو چڙھيل ھوندو؟ ڪيستائين چونڊن تي سوديبازي ٿيندي رھندي؟ ڪيستائين عوام جو ووٽ چوري ٿيندو رھندو؟ ڪيستائين اليڪشن ڌانڌلي ۽ من پسند نتيجن واريون ٿينديون رھنديون، ڪيستائين لاڏلا شخص وزيراعظم ٿيندا رھندا؟ انھي قسم جي سنگين معاملن کي سنجيدہ نہ وٺڻ جي ڪري ھن ملڪ ۾ وڏا سانحا پيدا ٿيندا آھن ۽ ھڪ چيف جسٽس جو حلفي بيان ملڪي نظام جي پت وائکي ڪري ڇڏي ٿو انھي باوجود ملڪ جي حاڪم اشرافيا انھن تجربن مان ڪجھ سکي سڌي راھ وٺڻ جو نٿي سوچي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے