رياض سهيل

اڇڙو ٿر، جتي زندگي ڪنهن زخم وانگر  آهي!

چونڊمواد رياض سهيل ليکڪ

رياض سهيل

  هو اڳ پنهنجي ڌرتيءَ جي بقا لاءِ انگريزن خلاف وڙهي رهيا هئا، اڄ هو بک ۽ بدحالي خلاف جنگ وڙهي رهيا آهن. اڳ هو ڀيڄ پاڳارا جا نعرا هڻي انگريزن جي فوج تي ڪڙڪيا پئي، پر اڄ ڳوٺن ۾ رڳو ماني ڳڀي لاءِ پريشان  آهن.

       سنڌ جو ڪنڊائتو علائقو اڇڙو ٿر به گذريل ڏهاڪو سالن کان ڏڪار جي ور چڙهيل آهي، پر بدقسمتي سان نه ڪڏهن علائقي واسين اهڙي دانهن ڪئي آهي، نه ئي حڪومتي اختيارين هن علائقي ڏانهن ڌيان ڏيڻ جي ضرورت محسوس ڪئي آهي. ان علائقي جي سڃاڻپ اها وڃي رهي آهي ته هتان جا ماڻهو انگريزن سان وڙهيا هئا ۽ کين ڊوڙائي ڪڍيو هئائون. خيرپور، سانگهڙ ۽ ميرپورخاص ضلعن کي لڳندڙ هن علائقي جي ماڻهن لاءِ سموريون حڪومتون هڪ جهڙيون رهيون، پوءِ کڻي اها پ پ  حڪومت هجي، مسلم ليگي سرڪار هجي  يا آمريت  هجي .اڄ ڏينهن تائين هڪ لک 30 هزار آبادي واري هن علائقي ۾ ڪوبه روڊ ناهي ٺهي سگهيو. بجلي ۽ پاڻي ته پري جي ڳالهه آهي، پر ڪا اسپتال به موجود ناهي. بک سان وڙهندي وڙهندي هتان جي ماڻهن جي هاڻ ته قوت مدافعت به ختم ٿي وئي آهي. ٿورائو، چيرولي ۽ کٿرائو ڳوٺن ۾ ڳوٺاڻا اهڙين نامعلوم بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آهن، جو سندن جسم سرهو لڳل وڻ وانگر ڳري رهيا آهن. ميڊيڪل سائنس ۾ هونئن ته ڪا بيماري پراسرار ۽ نامعلوم گهٽ ئي هجي ٿي، پر 20 سالن کان هن بيماريءَ جو مقامي ڊاڪٽر  پتو ناهن لڳائي سگهيا. اها بيماري   12 سالن کان 50 سالن جي عمر تائين جي ڳوٺاڻن تي حملو ڪري ٿي. پهرين پگهر ٿئي ٿو، جسم کي جهٽڪا لڳن ٿا، پوءِ آهستي آهستي هيٺيون ڌڙ ڪم ڪرڻ ڇڏيو وڃي ۽ جسم مفلوج ٿيو وڃي. جڏهن ته ڪجهه ڳوٺاڻن کي هٿ يا پير ۾ داڻو ٿئي ٿو، جنهن جي ڦاٽڻ بعد جسم جو اهو حصو ڳرندو وڃي ٿو. ٿورائو ۾ اهڙا 15 کان وڌيڪ مريض موجود آهن، جن مان ڪن جا هٿ پير ڇڻي ويا آهن ۽ ڪجهه ڪوئلي جيان ڪارا ٿي ويا آهن. هڪ عورت جو ته نڪ به ڇڻي ويو آهي. اهڙن مريضن کي ڳوٺاڻا واريءَ تي سمهاري ڇڏين ٿا. ان کان سواءِ وٽن ڪوبه علاج ناهي. اهي جيئرا لاش بيوسي ۽ لاچاريءَ ۾ موت گهرندا رهن ٿا. هو ان حالت ۾ روز مرن ٿا، جنهن سبب منجهانئن جيئڻ جي خواهش ئي ختم ٿي وئي آهي. گرميءَ جي لڪن ۾ جڏهن واري سندن منهن ۽ اکين تي ڪري ٿي يا  اڃ تڙپائي ٿي ته کين ڪو پاڻي پيارڻ وارو به نه ٿو هجي.

       کپري تعلقي جي ڳوٺ چيرولي ٿورائو ۽ کٿورائو ۾ هن بيماري جي ڪري 5 1  ڄڻا حياتيون وڃائي چڪا آهن. جڏهن ته ساڍا 3 سئو ماڻهن تي مشتمل انهن ڳوٺن ۾ اها بيماري هاڻي ٻئي نسل ۾ داخل ٿي رهي آهي. انهن ڳوٺن جي آبادي حجام، خاصخيلي ۽ سمان ذاتين سان تعلق رکي ٿي، جن کي مقامي معاشري ۾ تمام گهٽ اهميت حاصل آهي. انهن ڳوٺن ۾ موجود کوهن جي کاري پاڻي کانسواءِ ٻين جي کوهن تان پاڻي ڀرڻ تي ڄڻ  قلم 144 لڳل آهي. حالت  اها آهي جو ٿورائو ۾ هڪ سماجي تنظيم جي ڪوششن سان مٺي پاڻي لاءِ ٽيوب ويل لڳائڻ جي منظوري ملي، پر بدقسمتيءَ سان ڳوٺ واري علائقي کان ٿورو پري مٺو پاڻي نڪتو. جڏهن ٽيوب ويل جي بورنگ لاءِ کوٽائي شروع ٿي ته وڏين برادرين وارا لٺيون کڻي پهچي ويا ته اهو ٽيوب ويل لڳائڻ نه ڏينداسين، نه ته اهي ننڍين ذاتين وارا اسان جي علائقي ۾ اچي آباد ٿيندا. اهڙيءَ ريت هڪ بک ۽ بدحالي، ٻيو هٿ ٺوڪين سماجي تفاوتن حالت وڌيڪ خراب ڪري ڇڏي آهي. دلچسپ صورتحال اها آهي ته اڇڙي ٿر ۾ زمينون کاتن تي ناهن. سوين ايڪڙ زمينون ذات وارن جي علائقن سان سڃاڻپ رکن ٿيون. جنهن تي هڪ موجوده صلاحڪار سميت ڪيئي ماڻهو قرض کڻي ڳڙڪائي چڪا آهن.

       ڪجهه عرصو اڳ ڊاڪٽرن جي هڪ ٽيم نامعلوم بيماريءَ سبب متاثر ٿيل  ڳوٺن جو دورو ڪيو هو ۽ اي ڊي او کي رپورٽ ڏني ته بيماريءَ جي سڃاڻپ لاءِ ڳوٺاڻن جون مڪمل ٽيسٽون ٿيڻ ضروري آهن، پر اها سفارش فائيلن ۾ ئي دٻجي وئي. ملڪ جي سگهاري اداري جي صحت واري شعبي جا ڊاڪٽر ڪجهه مريضن کي ٽيسٽن لاءِ ڪراچي وٺي ويا، جتي هڪ ئي ڏينهن ۾ اٻوجهه ڳوٺاڻن کي اچي ڊپ ٿيو ۽ واپس ڳوٺ وڃي نڪتا. مقامي ماڻهو ڪنهن به صورت ۾ پنهنجا اباڻا پڊ ڇڏڻ لاءِ تيار ناهن، سندن چوڻ آهي ته جيڪو قسمت ۾ هوندو، اهو ٿيندو. پنهنجي زمين نٿا ڇڏي سگهون. وطن سان محبت جي قيمت کين زندگين جي صورت ۾ ڏيڻ پئجي رهي آهي. انهن ماڻهن جو موجوده وقت ۾ گذرسفر جو واحد ذريعو چوپايو مال آهي، جيڪو به هاڻي آهستي آهستي ختم ٿي رهيو آهي. ٻيو ذريعو نه هجڻ ڪري بکن ۾ سندن هڏا نڪري آيا آهن، وٽن کائڻ لاءِ ڪجهه ناهي ۽ پيئڻ لاءِ پاڻي زهريلو آهي.

       عام طور تي اهو خيال ڪيو پيو وڃي ته ڳوٺن ۾ موجود کوهن جي پاڻي ۾ آرسنڪ (سئنکيو) ۽ فلورائيڊ شامل آهي. صحت واري عالمي اداري ڊبليو ايڇ او مطابق آرسنڪ 5 کا ن 20 سالن تائين اثرانداز ٿئي ٿو. هڪ وڏي عرصي کان آرسنڪ وارو پاڻي واپرائڻ سان صحت تي منفي اثر پون ٿا، جنهن سان چمڙيءَ جو رنگ تبديل ٿيڻ سميت چمڙي جي ڪينسر، رت، ٽنگن، پيرن ۾ تڪليف،  بلڊپريشر ۽ شگر جا مرض ٿين ٿا. نه فقط اهو پر آرسنڪ واري پاڻيءَ سان ڪپڙا ڌوئڻ، وهنجڻ سان به اثر ٿئي ٿو. ڊبليو ايڇ او مطابق تائيوان ۾ آرسنڪ واري پاڻيءَ جي استعمال سان پير ڪارا ٿيڻ جي بيماري به ٿي آهي. اهڙيون نشانيون انهن ڳوٺن جي ماڻهن جي بيمارين سان ملن ٿيون.  فلورائيڊ جي گهڻي استعمال سان هڏن ۽ سنڌن ۾ سور معمول بڻجي وڃي ٿو.

       يونيسيف سنڌ جي ڪجهه ضلعن ۾ پاڻيءَ ۾ موجود آرسنڪ جو اڀياس ڪيو آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جنهن اين جي او حوالي اهو اڀياس ڪيو ويو، ان جو تعلق سانگهڙ ضلعي سان آهي، پر اڇڙي ٿر ۾ اهڙو ڪو به اڀياس ناهي ڪيو ويو. هن غيرآباد زمين تي ڪو زرخيز ذهن وارو ماڻهو به سامهون نه آيو، جيڪو هنن بيوس ماڻهن لاءِ صدا بلند ڪري. توڙي جو سياسي طور تي هتان جا ماڻهو حر جماعت سان لاڳاپيل آهن.  

       ملڪ ۾ هلندڙ خوشحال پاڪستان پروگرام هجي يا غربت جي خاتمي وارو پروگرام، خوشحالي بئنڪ هجي يا اين آر ايس پي جي ننڍي قرض ڏيڻ واري اسڪيم، هي علائقو سندن لاءِ ”غيرعلائقو“ آهي. جيئن تعليم، صحت، روڊس ۽ واپڊا وارا هن علائقي جو رخ نٿا ڪن، ائين اهي غربت جي خاتمي جو بينر ڪلهي تي کڻي هلندڙ ادارا به نٿا اچن. ساڳئي طرح يونيسيف ۽ ورلڊ فوڊ پروگرام جهڙا عالمي ادارا به انهن علائقن ۾ نه پهچي سگهيا آهن.  ايشيائي بئنڪ پاران سنڌ جي باراني علائقن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ سنڌ جي کاتن جي عملدارن ۽ اين جي اوز جي هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي هئي. گڏجاڻيءَ ۾ اڇڙي ٿر جي نمائندگي ئي نه هئي، حالانڪه سنڌ جي باراني علائقي جو 18 حصو اڇڙي ٿر ۾ آهي. گڏجاڻي ۾ اين جي اوز جو به اهو ئي مئوقف هيو ته اڇڙي ٿر ۾ مواصلاتي نظام سميت ڪا سهولت ناهي. ان ڪري اتي ڪم ڪري ئي نٿو سگهجي، جنهن تي سڀني اتفاق ڪيو. پر حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته ڪم ٿيڻ ئي اتي گهرجي، جتي ڪا سهولت ناهي.  ڊارفر، صوماليا، ايٿوپيا ۽ آفريقا جي شديد خراب حالتن ۾ به ته ماڻهن جي بحالي لاءِ ڪم ٿين ٿا، پر هتان جي اين جي او اڳواڻن رويي مان اهو ثبوت ملي ٿو ته هو اصل محنت ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.

       سنڌ حڪومت وٽ ته هڪ ئي رليف ڪمشنر جو عهدو آهي، جيڪو به فقط ڪاغذي ڪارروائي تي ٻڌل آهي. جڏهن ته قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪوبه ادارو ناهي. سنڌ ۾ هاڻي ته ڪڏهن  سامونڊي طوفان ٿو اچي ته ڪڏهن ڏڪار ، ڪڏهن ٻوڏ ته ڪڏهن زلزلو، جنهن لکي منهن ڏيڻ لاءِ باقاعده هڪ کاتي جي ضرورت آهي، جيئن قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ  اڳواٽ انتظام ٿي سگهي. موجوده وقت ۾ ٿرپارڪر کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي، پر ٿر سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيٺل هي علائقو اڃا سرڪار جي حڪم نامي جي انتظار ۾ آهي.  نه ته ضلعي ناظم، نه ئي سانگهڙ جي صوبائي وزيرن ۽ نه ئي ايم اين ايز، ايم پي ايز کي اهڙي صورتحال تي ڇڪ آئي آهي. موجوده حڪومت ۾ سنڌ جو وڏو وزير توڙي گورنر ٻئي ڊاڪٽر آهن، کين مرض ۽ مريض جي تڪليف بابت ضرور ڄاڻ هوندي. ان ڪري ايندڙ نسل کي بچائڻ لاءِ سندن زبان مان فقط چند لفظن ادا ٿيڻ جي دير آهي.  جيڪڏهن هتان جي رهواسين جي تڪڙي ۽ وقت سر پرگهور لهڻ وارا حڪم جاري ڪيا وڃن، ته شايد علائقي جي ماڻهن جي زندگي تبديل ٿي سگهي ٿي.

( ڪاوش جي ٿورن سان )

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *