wusatullah khan

اڇا تون به رت واري ٿُڪ اڇلائين ٿو؟

چونڊمواد ليکڪ وسعت الله خان

وسعت الله خان

اڙي اڙي، هي ڇا ٿي ويو! برساتن ۾ ڀتيون ڪرڻ، گھرن جو اڌ منو ٻڏي وڃڻ، هفتن جا هفتا گھٽين پاڙن ۾ پاڻي بيهي رهڻ، ان پاڻي سبب سيوريج لائنن جو بند ٿيڻ، بيٺل پاڻي ۾ مڇرن جو وڌڻ، ڪيئي ڏينهن بجلي جي سپلاءِ ڪٽيل رهڻ، هٿ ٺوڪين ايمرجنسي فون نمبرن تي لاڳيتو ٽُون ٽُون ٽُون ٿيندو رهڻ يا رڪارڊنگ جو وڄندو رهڻ، ۽ ان سڀ کانپوءِ جڏهن احتجاج لاءِ روڊ تي نڪرڻ ته هٿياربند پوليس کي شيهي جي ڀِت جي روپ ۾ ڏسڻ ۽ جڏهن لاڳاپيل آفيسن جي ٻاهران ڌرڻا هڻڻ ته فرعوني آفيسرن جو ڏسندي ئي ڏسندي جنات واري انداز ۾ هوا ۾ تحليل ٿي وڃڻ ۽ جڏهن ميڊيا ئي رپورٽر جو انهن کي فون ڪرڻ ته فون انگيج ڪري ڇڏڻ ۽ پوءِ مظاهرين خلاف سرڪاري ڪم ۾ مداخلت جو پرچو ڪٽرائي ڇڏڻ ۽ پوءِ ڪجھه اين جي اوز پاران عوامي مفاد جي نالي تي اعليٰ عدالت جي زنجيرِ عدل کڙڪائي ڇڏڻ.

اهي سڀ تماشا، حرڪتون، مسئلا، خرابيون ته ڪچين بستين، ادنيٰ ڪالونين، اڌ وچولي طبقي جي آبادين يا وڌ ۾ وڌ وچولن طبقن جي علائقن جو تعارف هئا، پر صرف ذِلَّتن جي مارين کي ئي ذليل ڪندو رهڻ کان بي مهر آسمان کي ڀلا ڪٿي سڪون ٿو ملي. ان کي ته هر پاسي نئون هدف گھرجي.

جيتوڻيڪ هنن گنهگار اکين کي اهو ڏينهن به ڏسڻو هو جو پنهنجي پاران جديد ذهن رکندڙ، پڙهيل لکيل، اشرافي پاڪستان جي مهڪندڙ شاد باد وسندين کي به انهن سمورين صعوبتن ۾ چرخِ نيلي فام وجھي ڇڏيو ته جيڪي مصيبتون صرف انهن آبادين جو مقدر سمجھيون وينديون آهن جن کي شاد باد بستين جا رهواسي صرف ان لاءِ ڄاڻين ٿا ته اتان کان روزانو انهن جا نوڪر، بورچي، چوڪيدار، گارڊ ڀاڄيون ۽ ميوا کڻي پنڌ، بسن ۽ ويگنن ۾ لڙڪي پگھار جي تلاش ۾ ايندا آهن.

جن اشرافي بسيتن جا پنهنجي پر ۾ پاڻ بااختيار رهواسي هڪ ئي شهر ۾ هوندي به هاڻي صرف ٻه هفتا پهرين تائين ذهني لحاظ کان مريخ تي آباد هئا ۽ انهن لاءِ پُل جي ٻئي پاسي وسندڙ ڪروڙين انسان “او ماءِ پُوئر بَي بِي” به نه هئا.

اهي جن لاءِ دبئي پوڻن ٻن ڪلاڪن جي مفاصلي تي ۽ ڊفينس وارِي ڀت جي هن پاسي موجود قيوم آباد پوڻا ٻه سئو سال پري آهي. اهي جن جي باري ۾ اسان جهڙا ڪنگلا گذريل هفتي تائين اهو ئي سمجھندا آيا هئاسين ته

اَمِير زادُون سَي دِلِي ڪَي مَت ملا ڪر مِير

ڪه هم غريب هُوئَي هَين اِنِهي ڪِي دولت سَي

پر جڏهن انهن “غريب ۽ مظلوم اشرافي بستين” جو احوال بي مُروت برساتن کولڻ شروع ڪري ڇڏيو ته جانِ حيا غيب جي آبرو جيان اهڙو کُليو اهڙو کُليو جو برسات بيٺي ته

مُصَحفِي هم تو يه سمجھَي ٿَي ڪ هوگا ڪوئِي زخم

تيرَي دل ۾ تو بهت ڪام رفو ڪا نِڪلا

گذريل هڪ هفتي کان منهنجي دل هڏڪين جي مشين بڻجي پئي آهي. اهي بالادست ته اسان کان به وڌيڪ ويچارا نڪتا، پاڪستان جي سڀ کان مهانگي علائقي ۾ رهندڙ اهي غريب جن وٽ گاڏي آهي، بنگلو آهي، بينڪ بيلنس آهي ۽ مال به. پوءِ به اهي ماڻهو ڪنگلين بستين جي مقابلي ۾ ڪيڏي تڪليف ڏيندڙ حالت ۾ آهن جو جن اها ويڳاڻپ به پيسا ڏئي خريد ڪئي آهي.

ستم ظريفي ناهي ته ڇاهي جو ڪراچي جي غريب وسندين ۾ پاڻي ڀلي نه ملي پر پائپ لائن ضرور آهي. مهانگي ترين ڊي ايچ اي جي اڪثر فيزز ۽ ڪلفٽن جي ڪيترن ئي پاڙن ۾ ته پائپ لائن جو وجود ئي ناهي. انهن ويچارن ته واٽر ٽينڪر کان سواءِ زندگي ۾ ڪجھه ڏٺو ئي ناهي.

ڪيتريون ئي غريب وسنديون نيڪال جي گندي نالن جي ڪناري تي آباد آهن ۽ انهن جي سينن مان اٿندڙ نالا ته آسمان تائين رسد کان پهرين ئي ڪٿي خلا ۾ وڃائجي ويندا آهن، پر مهانگي ترين علائقن جا قدرتي نالا پهرين ته هٿرادو ڪيا ويا ۽ پوءِ عين وقت تي رهواسين کي خبر پئي ته نالا وهڻ جا پابند ناهن.

ڪنگلَي ڪراچي ۾ ته اعلانيل ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ برسات جي پهرين بوند پوندي ئي بجلي جو هڪ ٻن ڏينهن لاءِ غائب ٿي وڃڻ زندگي جي معمول ۾ شمار آهي، جيتوڻيڪ بجلي مهانگي ٿيڻ جا سبب اڌ ڪراچي ۾ ڪنڊاگردي ئي رهي آهي پر ڪنڊن کان پاڪ اشرافي بستين ۾ چار چار ڏينهن بجلي نه هجڻ؟ شيڪسپيئري هيملٽ چواڻي ته “راست ڊنمارڪ ۾ ڪجھه نه ڪجھه ته ڳري سڙي رهيو آهي”.

اسان ميرا اگھاڙا سمجھندا هئاسين ته رڙيون ڪرڻ ۽ احتجاجي جلوس ڪڍڻ اشرافيا جي وس جو روڳ ئي ناهي ۽ نه ئي انهن کي ان روڳ جي ضرورت آهي پر پهريون ڀيرو احساس ٿيو ته ڪيترن ئي سالن کان سڀ سٺو آهي، سڀ عظيم آهي، سڀ قابو ۾ آهي ٻڌڻ جا عادي حالتن جي سازن جو مزاج ايڏو آسماني ٿي چڪو آهي جو ماڪوڙَي جهڙا اڌ انسان ته رهيا هڪ پاسي، هاڻي ته اشرافيا جو اشرافيا خلاف احتجاج به ڏوهه ٿيندو پيو وڃي.

گذريل هفتي تائين ته اسان اهو ئي سمجھندا هئاسين ته “چَلِي هَي رسم ڪه ڪوئي نه سر اُٺا ڪَي چَلَي” جو دستور صرف ڪنگلَي پاڪستان تي ئي لاڳو آهي پر گذريل هفتي خبر پئي ته اهو قانون ته بنا فرق جي لاڳو آهي.

مهرباني اَي برسات جو تو پهريون ڀيرو محمود ۽ اياز کي هڪ ئي صف ۾ بيهاري ڇڏيو آهي. مهرباني جو هر پاسي انسان ئي انسان آهن پر بنده نواز گم. البته مونکي خدشو نه پر پڪ آهي ته جيئن ئي “اشراف پوره” جي بجلي بحال  ٿيندي، روڊ ۽ گھٽيون پاڻي چُوسَي ٽينڪرن جي مدد سان خوش ٿينديون، ٻڏندڙ گاڏيون ۽ بجلي وارين شين جي انشورنس ڪليئر ٿيندي، نوڪر، بورچي، چوڪيدار، جمعدار، فقير، ڪاسائي پنهنجي پنهنجي گپ وارين بستين مان هلي هلي ٻيهر اشراف پوره ۾ ظاهر ٿيندا، زندگي ٻيهر 20 آگسٽ کان پهرين جهڙي گل و گلزار ٿي ويندي.

چوڻ لاءِ ته هي ملڪ اٺ لک ٻياسي هزار چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل ٻڌايو ويندو آهي، پر ائين ناهي. اصل ملڪ ته وڌ ۾ وڌ ٻياسِي هزار چورس ڪلوميٽرن تي مشتمل آهي. باقي اَٺ لک چورس ڪلوميٽر ته ان ٻياسِي هزار ڪلوميٽرن جي رهواسين جي  زندگي “سسٽَين” ڪرڻ لاءِ آهي.

البته جڏهن به لڳندو آهي ته ٻياسِي هزار ڪلوميٽر رداس ۾ رهندڙ به آزمائش جي ڪنهن وسريل ڀٽڪيل گھڙي ۾ اٺ لک چورس ڪلوميٽر ۾ آباد ڪروڙن جيان بي وس آهن، ڀلي چئن ڏينهن لاءِ ئي سهي، ته دل پنهنجو ڏک وساري ڪجھه لمحن لاءِ ئي سهي پر عجيب قسم جَي ظالماڻَي اطمينان سان لبريس ٿي ويندي آهي.

اڇا؟ تو تم ڀِي خون ٿُوڪتَي هو؟ سن ڪر خوشي هوئي!

اڙي ياد آيو! ڊفينس ڪلفٽن جي رهواسين جَي هاڻوڪَي احتجاجي مظاهري ۾ هڪ عورت کي پلي ڪارڊ کنيل هو “ڊفينس ڪراچي کي موهن جو دڙو بڻائڻ وارئو ڪجھه شرم ڪجھه حيا”. جنهن ارسطُوءَ به اهو پلي ڪارڊ لکيو ان کي نه ته موهن جي دڙي جي نيڪال جي نظام جي باري ۾ ڪا ڄاڻ آهي ۽ نه ئي ڊفينس جي باري ۾.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *