ابراھيم ڪنڀر

اچو ته ملڪ جو مثبت چهرو ڏيکارڻ واري صلاح تي سوچيون.

ابراھيم ڪنڀر اوهانجو موقف ليکڪ

ابراهيم ڪنڀر

تحريڪ انصاف جي حڪومت کي هڪ سئو کان مٿي ڏينهن ٿي چڪا آهن، ۽ انهن ڏينهن ۾ سواءِ حڪومت جي ٻيو ڪير به نٿو چئي ته ڪا تبديلي آئي آهي. ملڪ جا سمورا ادارا اڳ به عمران خان سان گڏ هئا، وزارت عظمي جو مسند ماڻڻ کانپوءِ به اهي مضبوطي سان سندس هٿ جهليو هر مشڪل درياهه اڪارڻ لاءِ مدد ۽ معاونت ڪري رهيا آهن. چيف جسٽس آف پاڪستان ٻه سئو ماڻهن جي سامهون اعلان ڪيو آهي ته مديني جهڙي رياست ٺاهڻ لاءِ اسان ڪهلو ڪلهي ۾ ملهائي وزيراعظم سان گڏ بيهنداسين. وزيراعظم پاڻ اهو اعلان کلي عام ڪيو آهي ته پاڪ فوج اسان جي منشور سان گڏ بيٺل آهي. پاڪ فوج جي ترجمان انهي بيان تي ردعمل ٻن ڏينهن بعد ڏيندي اهو چيو آهي ته هر حڪومت سيڪيورٽي معاملن تي فوج کان راءِ وٺندي آهي، انهيءَ جي ڪري موجوده حڪومت کي به ان پٽ ڏيون ٿا. فوجي ترجمان جي هاڻوڪي پريس ڪانفرنس ۾ ٻيون به اهم شيون هيون، جن ۾ اڻ سڌي ريت حڪومت لاءِ مدد طلب ڪئي وئي آهي، ان جي ڪري ميڊيا کي جيڪا نيڪ صلاح ڏني وئي آهي اها هي ته اسان کي رڳو سٺائي بيان ڪرڻي آهي، يعني ڇهن مهينن تائين اسان کي ملڪ جو مثبت چهرو ئي ڏيکارڻو آهي.
مثبت پاسا يا بهتر چهرو ڏيکارڻ جي ضرورت به آهي ۽ اهو هجڻ به گھرجي، پر انهيءَ جي لاءِ وقت يا مدو مقرر ڇو هجي؟ اهو مثبت چهرو ته هميشه ۽ سدائين جي لاءِ ڏيکارڻ گھرجي. اسان جو ديس اسان جي ڌرتي آهي، اسان انهيءَ کي خراب ڇو چونداسين؟ خراب ته حڪمرانن جون پاليسيون، خراب حڪمراني، لاقانونيت ۽ آئيني ڀڃڪڙيون هونديون آهن. ڪا به حڪومت رياست جي رکوال هوندي آهي، جيڪڏهن اها درست رکوالي نه ڪندي، انهيءَ جي نڪ هيٺ ڪو ادارو آئين يا قانون جي ڀڃڪڙي ڪندو، لاقانونيت جو مظاهرو ڪندو ته انهيءَ کي خراب چيو ويندو. حڪومت جي هر غلط پاليسي کي سٺو ڪري ڏيکارڻ مشڪل به آهي، پر فرض ڪجي ته ڇهن مهينن تائين ائين ڪيو به وڃي، هر غلط ڪم کي سٺو ۽ ناڪام پاليسي کي ڪامياب ڪري پيش ڪيو وڃي، هر خرابي کي سٺن لفظن ۾ بيان ڪجي ته به نقصان ڪنهن جو آهي؟ جيڪڏهن سڀ سٺو هجڻ جي رپورٽ ڏجي ته ڇا ان سان سڀ شيون سچ پچ سٺيون ۽ فائديمند ٿي وينديون؟ بلڪل نه ٿينديون. بقول هڪ سينئير صحافي جي ته سعودي عرب، عراق، لبيا، شام ويندي روس تي ميڊيا سدائين اهو ئي ڏيکاريو، جيڪو رياست چاهيو پر انهن سان انهن رياستن جي ڪهڙي حالت ٿي يا ڪهڙي ٿي رهي آهي؟ انهيءَ ڪري ٻلي ڏسي ڪبوتر کي اکيون پورڻ واري اها صلاح ڏيڻ جي پاليسي اختيار ڪرڻ بدران سچ کي برداشت ڪرڻ جو حوصلو پيدا ڪرڻ واري ڪا لائين ئي وٺڻ گهرجي، ملڪ انهي سان ڪامياب ٿي سگهي ٿو. اهو اعلان ته اڄ ٿيو آهي ته رڳو ملڪ جو سٺو چهرو ڏيکاريو پر انهيءَ جو رواج تمام گھڻو اڳ جو پيل آهي. ملڪي مفاد، وسيع تر مفاد جي نالي ۾ اسان سدائين سچ کي لڪائي غلط بيانيءَ کي گھڻي عرصي کان هٿي ڏيندا رهيا آهيون. اهو ئي ڪارڻ آهي، جو اڄ هن خراب صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهيون.
اسلام آباد کان پري ويهي صورتحال جي نزاڪت، خطرن جي گھڻائي، معاشي صورتحال جي بدتري، حڪومتي ۽ انتظامي بحران کي محسوس نه ٿو ڪري سگهجي، نه وري انهن خطرن جي خبر پئجي سگهي ٿي، جيڪي ملڪ کي درپيش هوندا آهن. هن وقت وڏيون سرڪاري نوڪريون ڪندڙ بااختيار طبقي، اعلي ڪاموراشاهي، ملڪ کان ٻاهر ويٺل پاڪستانين ۽ تحريڪ انصاف جي چاهيندڙن ۽ عشق عمراني ۾ مبتلا ماڻهن کي کڻي ملڪ ملير ٿو لڳي، پر سچ اهو آهي ته ملڪ جنهن غير يقيني واري صورتحال ۽ بحراني ڪيفيت جي ور چڙهيل آهي ته اهڙي صورتحال ويجهي ماضي ۾ ڏسڻ ۾ نه آئي آهي. پريس ڪانفرنسون يا بيان جاري ڪري، هدايتون ڏئي ڀلي اهو محسوس ڪرائجي ته سڀ ڪجھ بهتر آهي پر اندر جيڪو ڪجھ ٿي رهيو آهي، اهو خراب ۽ مايوس ڪندڙ آهي. آسرا، غلط بيانيون، اميدون اهي سڀ حڪمراني چالون رهنديون آيون آهن. ماڻهو اهو ڏسڻ چاهيندا آهن، جيڪو زمين تي هجي، زميني حقيقتون ڪي شاندار ناهن.
اسان ته مڃون ٿا ته رات پيٽ ۾ ڪجھ تبديل نٿو ٿي سگهي، نه وري تري تي بهشت ملي سگهي ٿو، پر جيڪڏهن حڪومت پاڻ ئي سمجهي ته هو سال ٻن سالن اندر ستر سالن جو گند صاف ڪري تري تي بهشت آڻي ڏيکاريندي ته انهن حڪمرانن جي سوچ کي ڇا چئجي؟ حڪومت کي سڀ کان پهرين تي اها حقيقت تسليم ڪرڻي پوندي ته جنهن ملڪ تي اوهان جي حڪمراني آهي، انهيءَ ۾ بدقسمتي سان پارلياماني نظام آهي، جيڪو نج سياسي نظام آهي. حڪمرانيءَ جون ڏوريون کڻي ڪٿان به هلنديون هجن پر حڪمران وري به پارليامينٽ آڏو جوابده آهي ۽ پارليامينٽ عوام جو نمائنده ايوان آهي. حڪومت کي اها حقيقت تسليم ڪرڻي پوندي ته هن وقت ملڪ سياسي، معاشي، سيڪيورٽي سميت ڪافي قسمن جي بحرانن جو شڪار آهي. اهو سچ به مڃڻو پوندو ته گذريل سوا سئو ڏينهن ۾ اهي سمورا بحران ٽارڻ جي لاءِ ڪافي ڪوششون به ڪيون ويون آهن، پر کين خاطرخواه نتيجا نه ملي سگهيا آهن. اهو به مڃون ٿا ته حڪومت ماضي جي خرابين، ڪرپشن، اقرباپروري، نقصانڪار ۽ مدي خارج پاليسين مان جند ڇڏائي هڪ نئين پاڪستان جو بنياد رکڻ گھري ٿي، پر ڇا اهو سڀ ڪجهه گذريل چئن مهينن واري آزمايل طور طريقي سان ممڪن آهي؟ عدم استحڪام کي نظرانداز ڪري حڪومت تنهائي ۾ ڪجھ نٿي ڪري سگهي. ملڪ جي خراب معاشي حالت اندروني ۽ پرڏيهي عدم استحڪام سان جڙيل آهي. ٻاهرين دنيا ۾ اسان جي صورتحال ڪا آئيڊل ناهي.
پيپلز پارٽي يا نواز ليگ جي قيادت جا ڳڻ ڳائڻ جي ڪا ضرورت ناهي. جيڪڏهن اهي به اکيون بند ڪري نه هلن ها ته شايد اسان کي ناتجربيڪار، ناسمجهه ۽ وائڙي قسم جي حڪومت نه ملي ها. اسان جي آڏو جيڪو به منظر آهي، انهيءَ ۾ ماضي جي حڪومتن به حصو پتي ائين آهي جو هنن ادارن جي مضبوطي توڙي عوام جي ڀلي لاءِ ڪجھ ڪرڻ بدران ٻين معاملن کي ترجيح ڏني ۽ هاڻي اسان جي ڳچي ۾ اهي ماڻهو پئجي چڪا آهن. اسان جا دوست ڀلي پيپلزپارٽي يا نواز ليگ جي مخالفت ۾ عمران خان حڪومت جي واکاڻ ڪن ۽ کين ملڪ ۾ کير ۽ ماکيءَ جون نديون نظر اينديون هجن، پر انهن هڪ سئو ڏينهن جي يوٽرنز ۽ ناڪامين تي هڪ نظر ضرور وجهن.
پرڏيهي محاذ تي هن ملڪ کي گھڻو سوڙهو ڪيو پيو وڃي اهو سڀ ڪجھ پنهنجي جاءِ تي، پر پهرين ڪير اهو ٻڌائي ته حڪومت جي پهرين سئو ڏينهن ۾ سوئيٽرزلينڊ جي بئنڪن مان جيڪي ٻه سئو ارب ڊالرز ملڻا هئا، اهي ڇو نه آيا؟ سمنڊ پار پاڪستانين طرفان جيڪا ڊالرن جي برسات ٿيڻي هئي، اها ڇونه ٿي آهي؟ ڇو پاڪستان جا دوست ملڪ ڊالرن جون ٻوريون ڀري اسان جي وطن نه آيا آهن؟ ڇو دنيا جا سيڙپڪار پاڪستان اچڻ کان لهرائين پيا؟ وزيراعظم جي ڊيم مهم لاءِ هڪ هزار ڊالر في فرد واري اپيل کي موٽ ڇو نه ملي آهي؟ هن ملڪ ۾ چئن مهينن تائين ڪهڙي اداري ۾ سڌارو آيو آهي؟ ڪهڙو نئون نوٽيفڪيشن نڪتو آهي؟ پارليامينٽ مان ڪهڙو بل پاس ٿيو آهي؟ پارليامينٽ جي ڪهڙي ڪميٽي ٺهي آهي؟ چونڊيل جمهوري حڪومت بل آڻڻ بدران آرڊيننس آڻڻ تي ڇو پئي غور ڪري؟ تيل جي اگھن ۾ واڌ کي ”جگا ٽيڪس“ جو نالو ڏئي رقم کيسي ۾ پوڻ جا الزام هڻندڙ تحريڪ انصاف حڪومت ڇو تيل مهانگو ڪيو آهي؟ اسان سڀ ڪجھ سٺو هجڻ جي رپورٽ ڏيڻ جي لاءِ به تيار آهيون پر حڪومت اهو ٻڌائي ته ملڪ جا سڀ مقامي سيڙپڪار هٿ تي هٿ رکي ڇو ڪاروبار تان هٿ کڻي ويا آهن؟ ناڻي جي وزيرن، معاشي صلاحڪارن جي باصلاحيت ٽيم اسٽاڪ ايڪسچنج جي تباهي جا ڪارڻ ڇو نٿي معلوم ڪري، ڊالر ۾ وقتي طور مصنوعي نموني جان وجهڻ سان جيڪڏهن معيشت کي هٿي ملي سگهي ٿي ته انهيءَ ۾ ڪهڙي خرابي آهي؟ اسان ڪيئن لکون ته ڊالر بهتر پوزيشن ۾ آهي، اسٽاڪ ايڪسچنج ۾ ٻاڙائي ناهي، مهانگائي ختم ٿي چڪي آهي، هزارين ماڻهن کي نوڪرين مان ڪڍڻ بدران روزگار جا هزارين موقعا پيدا ڪيا ويا آهن. تحريڪ انصاف حڪومت اچڻ شرط چين، سعودي عرب ملڪي قيادت تي پئسن جا مينهن وسائي ناڻي جي ذخيرن کي ايترو ڀريو آهي، جو اهي اڀامي رهيا آهن، عالمي سطح تي تنهائي مان نڪري سموري عالم سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهيون، آءِ ايم ايف بنا شرطن جي قرض ڏئي ڇڏيو آهي. تيل، بجلي، گئس جا اگھ گھٽجي چڪا آهن، ڪنهن به قسم جي سياسي افراتفري ۽ غير يقيني ناهي ۽ حڪومت ڪاميابيءَ جي رستي تي آهي!
جيڪڏهن حڪمرانن جي ذهن ۾ اهو آهي ته مخالف ڌر کي واش آئوٽ ڪري ملڪ ۾ سنگل پارٽي راڄ قائم ڪري ملڪ کي سينگاري سنواري اڳتي وڌندا ته انهن کي اهو سوچڻ گھرجي ته اهو تجربو پرويز مشرف جهڙي آمر ڪيو هو، پر انهيءَ ۾ ناڪامي نصيب ٿيس، ۽ ملڪ مٿان رڳو پرائي جنگ ئي نه مڙهي وئي، پر دنيا جهان جي دهشتگردن کي پنهنجي پرامن ملڪ اندر خودڪش ڌماڪن جي اهڙي دعوت ڏئي ويو، جنهن ۾ اڃان تائين لوڙي رهيا آهيون. ڪرپشن، بدانتظامي جي خاتمي ۽ شفافيت جي ڳالهه ڪندڙ حڪمرانن کي سياست ۾ به شفافيت جو مظاهرو ڪري ٻين سيساسي ڌرين کي پيرن سان چيڀاٽڻ جي روش ڇڏي جمهوري نظام جي استحڪام لاءِ صلاح مشوري سان اڳتي وڌڻ گھرجي. سياسي استحڪام هن ملڪ لاءِ ضروري آهي. جيڪڏهن اڄ نه ته سڀاڻي حڪومت کي ان پاسي وڃڻو پوندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *