امتياز عالم
بحران اھڙو آھي جيڪو سنڀالجي ئي نٿو، سياسي ڀڃ ڊاھ هجي،يا معاشي ابتري يا وري رياستي بندوبست،سڀ هڪ ئي وقت موجھاري ۾ آهن ۽ سرو ھٿ نھ پيو اچي تھ ماضيءَ جون سموريون تدبيرون ابتيون سبتيون ٿي ويون آھن، نه پراڻا نسخا ڪنهن ڪم جا رھيا آهن ۽ نه وري اهڙي ڪا سمجھه جيڪا نئون رستو سمجھائي.
مطلب تھ ھر ڪو پنھنجي پنهنجي پنهنجي ڌن جي بي فڪري ۾ مگن ۽ مرڻ مارائن تي تيار آهي.ھاڻي جيڪڏھن عمران خان ديوارن سان مٿو ٽڪرائڻ جي بجاءِ گڏ ويهڻ تي آمادھ ٿي رھيو آھي تھ پوءِ وقت تي چونڊن جي مخالفت ڪيئن ڪري سگهجي ٿي، جڏهن ته معيشت جي ڪا ڪل سڌي ٿيڻ جي اميد ئي ناهي.
پي ڊي ايم جي جماعتن کي بي اعتماديءَ جي ڪاميابي ڳلي ۾ پئجي وئي آهي ۽ ڳچي ۾ پيل دُھُل ڪيستائين وڄائي سگهندي. سياسي حريف پنهنجون پنهنجون چالون ھلي بيزار ٿي پيا آھن، پر سياسي انا جي اسيري ۾ بدحال رياست کي پيش بحران اهڙو آهي جو هرڪو گم سم ٿي ويو آهي. سياسي سرڪس جو تماشو اھڙو لڳو آھي جو حقيقي وجودي بحران ۽ معاشي ڏيوالو هر ڪنهن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي رهيو آهي ۽ اهو اهڙو الميو آهي جو ان جي ڪنهن کي به ڪا ڳڻتي ناهي.
سياسي بحران تھ ڪو وڏو معمو ناهي، جيڪڏهن عمران خان انا جي بلند ترين چوٽي تان هيٺ لهي اچي ۽ اتحادي حڪومت ڪنهن وڏي معجزي جي اميد ترڪ ڪري ڇڏي ته پوءِ ان جو ھڪڙو عملي حل نڪري سگهي ٿو.اليڪشن آڪٽوبر ۾ نه سھي،ٿورو اڳ ۾ ڪرائڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي؟ ھونئن بھ اتحادي حڪومت ايندڙ سال جون واري بجيٽ پيش ڪرڻ جي متحمل نٿي ٿي سگهي.اھا بلا عبوري حڪومت جي مٿي ۾ ھنئي وڃي تھ ان ۾ سڀني جي ڀلائي آھي. ڇا عمران خان مارچ ۽ اپريل ۾ چونڊون ڪرائي ۽ ڪاميابي جي صورت ۾ ايندڙ بجيٽ پيش ڪري سگهڻ جو متحمل ٿي سگھي ٿو، جيڪو ايترو جلد چونڊن تي زور ڀري رهيو آهي.
منهنجو ارادو اهو آهي ته وچولي مدي تي اتفاق ٿي سگھي ٿو، مئي جي آخر تائين سموريون اسيمبليون متفقه راءِ سان ٽوڙي ۽ جون ۾ 90 ڏينهن جي عبوري حڪومت تي اتفاق ڪيو وڃي، جيڪا آگسٽ ۾ چونڊون ڪرائي، رڳو چونڊن جي تاريخ تي اتفاق ڪافي ناهي.
آزاد ۽ منصفاڻين چونڊن تي پارٽين ۾ اتفاق راءِ ھئڻ ضروري هوندو ته جيئن چونڊن جي نتيجن تي ڪو به سياسي تڪرار پيدا نه ٿئي. ان سان گڏ سڀني کي معاشي ۽ سيڪيورٽي پاليسين تي ڪوڙيون گوريون کائڻ لاءِ تيار رهڻو پوندو.
جنھن معاشي ناپائيداري جي وارننگ ھڪ عرصي کان هنن ڪالمن ۾ ڏني پئي وئي، اھو بدقسمتيءَ سان هڪ مڪمل جوھر سان اچي چڪو آهي. ان جو ڪو فوري حل نھ آھي.ان جي لاءِ ايمرجنسي قدم سان گڏوگڏ وچولي ۽ ڊگھي مدي واري حقيقي سڌارن ۽ رٿابندي جي ضرورت آهي. ان بعد بھ ايندڙ ٻه چار حڪومتون معاشي بحران کي سنڀالڻ ۾ خرچ ٿيندي نظر اچي رھيون آھن. ستارن تي ڪمند وجھڻ ۽ خودي کي بلند ڪرڻ وارن فضول نعرن جي بدران حقيقت جي ميدان تي اچڻو پوندو ۽ پنهنجي بلند ھوائي قلعن ۽ علائقائي مهمن کان توبھ تائب ٿيڻو پوندو.
سوال ۽ چئلينجز وڏا آهن ۽ حل وڌيڪ مشڪل ۽ پيچيده آهن. پهريون وڏو چيلينج اهو آهي ته پاڪستان قومي سلامتي جي عسڪريت پسند رياست جي حيثيت سان برقرار رھي نٿو سگهي. هن لاءِ ٻج تھ نه هئا ۽ جيڪي هئا سي سڪي ويا آهن. پاڪستان جا پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا 7 ارب ڊالرز آھن ۽ ڀارت جا 600 بلين ڊالر کان مٿي آهن. افغان جھاد اسٽريٽجڪ بدران هڪ عميق خندق بڻجي ويو آهي. هاڻي تھ افغان طالبان پاڪستان جي سموري اتر اولھھ علائقي سان گڏوگڏ ڪشمير تائين افغان راڄڌاني جي ابدالي خواب جو نقشو بھ شايع ڪري ڇڏيو آهي ۽ تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ ننڊي کنڊ جي داعش عزوھ هند جي ابتدا پاڪستان خلاف دهشت گردي جي جهاد سان شروع ڪري ڇڏي آهي،
جڏهن ته موجوده دفاعي بجيٽ لاءِ قرض ملڻ جي اميد گهٽ ئي آهي ۽ جيڪڏهن ڪجهه مليو به ڪهڙن شرطن تي؟ سڀ کان پهريان تھ هڪ دفاعي چيلھھ ڇڪڻ جي ضرورت ھوندي ۽ طاقتور ان تي راضي ٿيندا يا نه. ملڪ اندر هلندڙ وڳوڙن جو سياسي حل نه ڳوليو ويو ته پوءِ ٻاهرين طاقتن لاءِ راند کيڏڻ جا موقعا وڌي ويندا. رھيو هائبرڊ سياسي نظام جو تعلق آهي ته ان جا باني اڳ ئي ان جا نتيجا ڀوڳي چڪا آهن،
ان جي نوڪ پلڪ سڌراڻ جي بجاءِ سياست کان پاسي ٿي وڃڻ جو ادارتي فيصلو وڏو چئلينج هوندو. شڪر آهي جو نئون آرمي چيف پھرين صفحي تان غائب آهي ۽ آءِ ايس پي آر جي نئين مقررين تي بھ خاموش آهي. فوج کي سول معاملن کان الڳ ڪرڻ ۽ ڪارپوريٽ جي عمل جي دائري کي محدود ڪرڻ ۾ ئي سول سوسائٽي جي عافيت آھي،
ٻيو وڏو چئلينج پاوراسٽرڪچر سياسي معيشت کي بدلائڻ ۽ ان کي آئين سان هم آهنگ ڪندي رياست اندر هڪ متوازي رياست کي خيرآباد ڪرڻ جي لاءِ ادارتي سڌارا آڻڻا پوندا، جنهن لاءِ اڳڀرائي پاڪ فوج کي ئي ڪرڻي پوندي. ٽيون وڏو دست نگري.مفت خوري .مسواڙخوري ۽ قرض خواھي کي خيرباد چوندي۽ اعليٰ قدر جي معاشي ڊانچي ۾ انقلابي تبدلين جي ضرورت آھي.اھڙيون برآمدات جن جو دارومدار درآمدات تي آھي ۽ اعليٰ قدر جي برآمدات ۽ ان جو گراف وڌائي ڪرنٽ ۽ بجيٽ خسارو گهٽ نه ٿيندو ۽ واڌ ويجھھ سان خساري جي چڪر مان نڪرڻو ناممڪن ٿيندو.
اسان جي زراعت پراڻن جاگيرداراڻن لاڳاپن ۽ پراڻي پيداوار سپاري طريقي جي ھوندي اڳيان نٿي وڌي سگھي ۽ نه ئي مسواڙ خوري معاشي ڪاروبار کي ترقي ڪرڻ ڏيندي.
جديد سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي بنيادن کان سواءِ، صنعتي ترقي به رڪيل رھندي. جڏهن ته قرض خوري ۽ سرڪاري شعبي جي بدحالي سان کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ سخت پاليسي جي ضرورت پوندي. جيو اسٽريٽجڪ نظرين کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ممڪن نه آهي،اصل مرڪز عوام جي ترقي ۽ سلامتي آھي، جنهن لاءِ سماجي شعبن جي ترقيءَ سان گڏوگڏ تعليم ۽ صلاحيتن جي ترقيءَ کان سواءِ بيروزگار نوجوانن جي فوجي ھل ھنگامي جو ٻارڻ ته بڻجي سگهي ٿي، پر ڪارآمد نٿي ٿي سگهي.
مطلب اھو تھ ھر رياست جي هر شعبي ۽ ان جي ٽن ٿنڀن ۾سڌارن جي ضرورت آهي. پر پورهيت عوام کان سواءِ اميرن جو ڪوبه طبقو پاڪستان جو وارث ٿيڻ لاءِ تيار ناهي. سڀ ڦرلٽ ڪري ٻاهر وڃڻ چاهين ٿا. ان صورت ۾ ڪير آھي جيڪو پاڪستان کي عافيت ۽ خوشحالي طرف آڻڻ لاءِ اڳيان اچي؟
آخري سوال ۽ چئلينج جيڪو شايد پرنسپل تضاد آھي،اھو آھي سول ملٽري لاڳاپن جو بنيادي تضاد !، جنهن کي آئين جي روح موجب نئين سر واضح ڪرڻ جي ضرورت آهي.ان ۾ پهريون شرط اهو آهي ته هٿياربند فوج دفاع کانسواءِ سمورن معاملن کان خود کي سختيءَ سان الڳ رکي ۽ ٻيو شرط اهو آهي ته هٿياربند فوج کي سياست ۾ شامل ڪرڻ بدران سياستدان پنهنجا مسئلا پاڻ ۾ مفاهمت ذريعي نھ رڳو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن بلڪه سڀني اسٽيڪ هولڊرز ۽ سياسي ۽ سماجي قوتن جي وچ ۾ هڪ نئين معاهدي جو بنياد وجھن.
پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) ۾ جيڪو جمهوريت جو ٺاهه ٿيو ھو ۽ جنھن جمهوري عمل جي شروعات ٿي ھئي.ان کي هائيبرڊ سياسي نظام سان ھٽايو ويو ھو،ھاڻي هائبرڊ سسٽم جو تجربو ناڪام ٿيڻ تي اسان کي ٻيهر جمهوري ۽ آئيني رستي ڏانهن موٽڻو پوندو. ٻي صورت ۾ھڪ بعد ٻيو بحران اسان جو مقدر ٿيندو ۽ پتو ناھي اھو ڪٿي وڃي ختم ٿيندو،ھاڻي جي ھوش کان ڪم نھ ورتو ويو تھ پوءِ ڪڏھن ورتو ويندو ؟