ابراھيم ڪنڀر

اٺ مارچ کان اٺ اپريل جي سياسي ڪھاڻِي ۾ ڇا ڇا ٿيو؟

ابراھيم ڪنڀر اوهانجو موقف ليکڪ

ابراھيم ڪنڀر

ھلندڙ سال ۾ اٺ مارچ کان اٺ اپريل تائين جي ملڪي سياست جي ڪھاڻي ڏاڍي دلچسپ، سنسني خيز،لرزش، جوش، جذبات،ڪاوڙ، ڌمڪين،انا، ضد سان ڀرپور ڪھاڻي آھي، انھي ڪھاڻي جا شروعاتي ڪردار ٻہ آھن جنھن کانپوءِ انھي سياسي ڪھاڻي ۾ ٻيا ڪردار شامل ٿيندا ويا،ھوئين تہ 25 جولائي 2018ع واري عام چونڊن جي نتيجن کان يا انھي کانپوءِ 18 آگسٽ 2018ع تي عمران خان جي وزيراعظم ھائوس ۾ انٽري کان ھي قصو شروع ٿئي ٿو. وزيراعظم عمران خان طرفان ملڪي ادارن کي ذاتي مفاد يا پنھنجي ڪرسي جي بقا خاطري استعمال ڪرڻ جو قصو بہ پھرين ڏينھن کان شروع ٿئي ٿو. 20 آگسٽ تي وزيراعظم ڪابينا جو پھريون اجلاس ڪري ٿو جنھن ۾ عوام جي فلاح بھبود، ملڪ جي بھتري، پارليمنٽري نظام جي بقا، آئين ، قانون ۽ جمھوريت جي بالادستي يا مضبوطي سميت ڪا شي ايجنڊا تي ناھي پھرين ئي اجلاس ۾ ھو شريف خاندان جي ماڻھن جا نالا اي سي ايل تي شامل ڪري ٿو.سندس پھرين تقرير ڪڍي ڏسو، رڳو حوالن تي ٻڌل ھي ڪري ڇڏيندس ھو ڪري ڇڏيندس، فلاڻو ملڪ کي کائي ويو فلاڻي ناس ڪري ڇڏيو،آئون ملڪ گل و گلزار ڪري ڇڏيندس، پوڻن چئن سالن ۾ ڪا شي نہ ٿي، ملڪ 2018ع تہ ڇڏيو 2002 واري پوزيشن تي ھليو ويو ائين قصا وڏا آھن، اھي سڀاڻي کان کلڻ شروع ٿيندا.
پاڻ ڳالھ اٺ مارچ کان اٺ اپريل تائين جي ڪريون ٿا،جڏھن کان گڏيل اپوزيشن وزيراعظم کي لاھڻ جي لاءِ آئيني ۽ جمھوري طريقو اختيار ڪندي، پارليمنٽ کي استعمال ڪيو ۽ وزيراعظم جي خلاف بي اعتمادي جو ٺھراءُ قومي اسيمبلي ۾ جمع ڪرايو،پيپلز پارٽي انھي ٺھراءُ پيش ڪرڻ جي ڳالھ ٽي مارچ 2021ع کانپوءِ ان وقت ڪئي جڏھن تحريڪ انصاف کان ناراض ميمبرن جي حمايت سان يوسف رضا گيلاني سينيٽر ڪامياب ٿي ويو، سياست آھي انھي ۾ ٻين جي ووٽن ذريعي ڪنھن بہ چونڊ ۾ ڪاميابي ھجي يا بي اعتمادي رٿ ھجي اصولي ۽ اخلاقي طور اھو نہ ھجڻ گهرجي پر جڏھن سسٽم تي دز چڙھيل ھجي، ملڪي نظام ۾ ھر نئين ڏينھن تي نوان تجربا ٿيندا ھجن، ڪنھن سياستدان تي اعتبار نہ ڪري سگھجي، گهڙي گهڙي سوديبازيون، سياسي ويساھ گھاتيون ۽ بي اصوليون سرعام ٿينديون ھجن تہ اتي جيڪو جئين ڪري ٿو انھي کي ڦٻيو وڃي ٿو انھي جي خاتمي جي لاءِ نظام جي بقا، مداخلت جي روڪٿام ۽ ادارن جي آزادي توڙي مضبوطي ضروري آھي، جڏھن اھو ٿيندو تہ سڀ شيون سڌيون ٿي وينديون،جمھوريت تي يقين رکندڙ ھر طبقي جو ماڻھو انھي حوالي سان پراميد آھي تہ ملڪ ۾ھڪ ڏيننھن اھڙو سج اڀرندو،.
اٺ مارچ تي قومي اسيمبلي ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ميمبرن جي صحيحن سان وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ جمع ٿي، بي اعتمادي رٿ جي لاءِ آئين ۾ واضع آھي تہ پارليمنٽ جا ويھ سيڪڙو ميمبر وزيراعظم، اسپيڪر يا ڊپٽي اسپيڪر جي خلاف بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي سگھن ٿا، اپوزيشن بي اعتمادي رٿ تي صلاحون ڪري رھي ھئي تہ حڪومتي وزيرن ۽ ترجمانن مخالف ڌر کي چيڙائڻ جي لاءِ بار بار اھي بيان ڏنا تہ رڳو ڳالھيون ٿا ڪريون، بي اعتمادي جي رٿ آڻيو تہ خبر پوي، اپوزيشن وٽ ماڻھو ئي ناھي، عوام انھن سان گڏ ناھي، رٿ ڪامياب نہ ڪرائي سگھندا، اھڙا ڪيترائي بيان جيڪي روزاني تبديلي ٿيندا ويا، خير اٺ مارچ تي انھي رٿ سان گڏ قومي اسيمبلي جو اجلاس سڏائڻ جي لاءِ بہ رڪيوزيشن بہ جمع ڪرائي وئي، جيڪڏھن قومي اسيمبلي جو اجلاس ھلندڙ آھي تہ انھي ۾ ڪنھن جي خلاف بي اعتمادي رٿ اچي ٿي قومي اسيمبلي کي اھا رٿ ھر صورت ۾ ستن ڏينھن اندر اڪلائڻ آئيني گهرج آھي، پر جئين تہ قومي اسيمبلي جو اجلاس سڏايل نہ ھو انھي جي ڪري مخالف ڌر ٻي درخواست اجلاس سڏائڻ جي لاءِ ڏني انھي حوالي سان بہ آئين واضع آھي تہ 14 ڏينھن اندر اسپيڪر ان رڪيوزيشن تي اجلاس سڏائڻ جو پابند آھي، مخالف ڌر قومي اسيمبلي ۾ بي اعتمادي رٿ آڻڻ کان اڳ اپوزيشن، حڪومت جي ڪيترن ئي ميمبرن سان مشاورت ڪري بي اعتمادي رٿ منظور ڪرائڻ جي لاءِ 172 ميمبر اڳ ۾ ئي پورا ڪرڻ جي دعوا ڪري چڪي ھئي، بي اعتمادي جي رٿ کانپوءِ حڪومت ۾ شامل ڌرين سان رابطن جي سلسلي کي تيز ڪيو ويو،انھي ڏس ۾ سڀ کان پھريون رابطو ق ليگ جي قيادت سان ٿيو، آصف علي زرداري پھرين نواز ليگ ۽ پوءِ ق ليگ کي ھڪٻئي سان گڏجي ويھڻ جي لاءِ راضي ڪيو، مولانا فضل الرحمان بہ انھي ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو، چوڌري شجاعت حسين ھاٽ پراپرٽي بڻجي ويو،ائين شريف خاندان ۽ چوڌرين جي وچ ۾ ويھ سالن جي وٿي کان پوءِ رابطا بحال ٿيا، پرويز الاھي کي الائي ڪھڙي کٽي کنيو جو ھن اپوزيشن سان واعدا وچن ڪري آخري لمحي تي وزيراعظم جي حمايت ڪري ڇڏي،پھرين عثمان بزدار جو سر وڃايس انھي کانپوءِ پاڻ تہ وڏ وزارت کان پري ٿي ويو پر پنھنجي ھٿن سان پاڻ ئي پنھنجي اسپيڪر واري ڪرسي بہ خطري ۾ وجھي ڇڏيس.
اپوزيشن جي انھن سياسي رابطن جو اثر اھو نڪتو جو عمران خان بہ انا ھڪ پاسي رکندي چوڌرين وٽ وڃڻ تي مجبور ٿيو، ايم ڪيو ايم جي مرڪز بھادر آباد مان اچي نڪتو،جي ڊي اي وارن ميمبرن کي پاڻ گهرائي عزت بخشيس، ھن مرحلي تي عمران خان پنھنجي صلاحڪارن جي ڏٽن جي ور چڙھي ڪجھ نہ ٿيندو ڪجھ نہ ٿيندو کان ٿورو ھٽي پنھنجي انھن اتحادين سان پھرين رابطا ڪرڻ شروع ڪيا، حڪومتي ميمبرن جون ٽيمون ٺاھيون جن اپوزيشن سان ڳالھيون ڪيون، اعتمادي واري رٿ تي خانصاحب جو پھريون رد عمل اھو ھو تہ اپوزيشن جو ٿورائتو آھيان جن منھنجي پارٽي کي جياري پنھنجي پيرن تي بيھاري ڇڏيو، مطلب تہ خانصاحب کي پارٽي کان وٺي حڪومت کي ھلائڻ جي لاءِ ٻين جو سھارو ضروري گهرجي.عمران خان جو مارچ 2021ع ۾ اھو بيان بہ ذھن ۾ رکڻ گهرجي تہ آئون اعتماد جو ووٽ وٺان ٿو جيڪڏھن ڪير چاھي تہ ڀلي ووٽ نہ ڏي اڪثريت نہ ھوندي تہ آئون حڪومت کي ڇڏي اپوزيشن ۾ ويھي رھندس، پر ھن ڀيري جڏھن بي اعتمادي رٿ آئي تہ کائنس اھو بيان وسري ويو،ڪنھن جي ھٿان ڪڏھن بليڪ ميل نہ ٿيندس، ڪنھن جو زور بار نہ ھلندو، ڪنھن جي ڪاڻ نہ ڪڍندس خانصاحب ھاڻ ڪاڻ ڪڍڻ کان ٻہ قدم اڳيان وڌي ويو، ق ليگ جي بليڪ ميلنگ ۾ اچي ڏھن سيٽن واري چوڌري پرويز الاھي جي ڪري عثمان بزداري جي قرباني ڏنائين، اتحادين کي ھر قسم جي آڇ ڪيائين، ايم ڪيو ايم کي من پسند وزارتون، گورنر شپ، پنجاب ۾ پرويز الاھي کي وڏ وزارت، ڪابينا ۾ حصو وڌائي ڏيڻ، باپ پارٽي کي وڌيڪ وزارتون، ترقياتي فنڊ وغيرہ وغيرہ ايستائين جو آزاد ميمبر سرداار اسلم ڀوتاڻي کي بہ وزارت آڇي وئي،پنھنجي ڪرسي بچائڻ جي لاءِ ھن حڪومت کي ناني ويڙھو ڪري ورھائڻ جي شروعات ڪري ڏني، پر خان جي لالچن، منٿن، مدد جي پڪار ڪنھن ڪم جي نہ ٿي..
بي اعتمادي رٿ قومي اسيمبلي جي فلور تي ھئي، عمران خان انھي دوران ٽي چار قسم جون مختلف چالون ھلندو رھيو،ھڪ ئي تقرير ۾ ھو پنھنجي پارٽي جي ميمبرن کي منھن تي دانگي ملڻ، ماڻھن کي ھشيون ڏئي سندن گهرن تي حملا ڪرائڻ، ٻارن کي اسڪولن مان بي عزتو ڪري ڪڍڻ جي بہ ڳالھ ڪندو ھو وري آخر ۾ انھن ساڳين ميمبرن کي اھو بہ چوندو ھو تہ موٽي اچو اوھان کي ڪجھ نہ چيو ويندو.انھي وقت تائين تحريڪ انصاف جا پندرنھن ميمبر پارٽي کان ناراض ٿي مخالف ڌر جي ڪئمپ ۾ ھليا ويا،، عمران خان ۽ سندس وزيرن انھن ميمبرن کي دڙڪا داٻا ڏنا، ايستائين جو خانصاحب پاڻ قومي اسيمبلي جي اجلاس وارن ڏينھن ۾ ڊي چوڪ تي جلسو ڪري انھن ميمبرن کي سبق سيکارڻ جا اعلان ڪندو رھيو، سندس ميمبر اھي بيان ڏيندا رھيا تہ جنھن کي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ وڃڻو ھوندو اھو ڏھ لک ماڻھن جي سمنڊ کي پار ڪري جلسي مان گذري ويندو،واپس بہ اتان ئي ايندو. انھي دوران ٻي ڪوشش سپريم ڪورٽ جي ذريعي رليف وٺڻ جي ڪئي وئي صدر پاڪستان سپريم ڪورٽ ۾ آئين جي آرٽيڪل 63 اي جي تشريح جي لاءِ ھڪ ريفرنس موڪلي ڇڏيو، انھي ريفرنس ۾ صدر جي نمائندگي اٽارني جنرل ڪئي، جنھن آئين جي واضع ھجڻ جي باوجود سپريم ڪورٽ کي عرض ڪيو تہ باغي ميمبرن کي تاحيات نااھل ڪيو وڃي. اٽارني جنرل شاندار ماڻھو ۽ قانوني ماھر آھي آئين واضع ھجڻ جي باوجود ھو صدارتي ريفرنس تي فيصلو وٺڻ جي چڪر ۾ گهڻو اڳيان ھلي ويو سپريم ڪورٽ بار بار چيو تہ صدارتي ريفرنس ۾ عدالت رڳو صلاحڪاري دائرہ اختيار استعمال ڪندي آھي انھي ۾ ڪنھن جي خلاف فيصلو ڏيڻ بدران رڳو آئين کي واضع ڪري سگھجي ٿو،عدالت جون ڪيتريون ئي آبزرويشنز آيون، حڪومت انھي محاذ تان بہ جنگ ھارائڻ جي نتيجي تي پھچي چڪي، اصل مقصد رڳو انھن ميمبرن کي ڊپ ڏيارڻ ھو جيڪي اپوزيشن سان ملي ويا ھئا،جڏھن سپريم ڪورٽ وارو ڪارڊ ھلي نہ سگھيو تہ تحريڪ انصاف وري ٻيو ڪارڊ کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي.اھو جلسو ڪري پنھنجي ميمبرن توڙي اپوزيشن کي ڊڄارڻ جو ڪارڊ ھو، سپريم ڪورٽ انھي ريفرنس ۾ حڪم ڏئي ڇڏيو تہ حڪومت يا اپوزيشن مان ڪير بہ ڊي چونڪ تي جلسو نہ ڪندو، بي اعتمادي رٿ تي ووٽ ڏيڻ جي لاءِ ڪنھن کي نہ روڪيو ويندو، ڪاسٽ ٿيل ووٽ کي ڳڻپ کان ٻاھر رکڻ توھين ھوندي، انھي آبزرويشن مان حڪومت سمجھي وئي تہ سندن دال نہ ڳرندي.
ماضي جو بھترين ڪرڪيٽر سياسي ميدان ۽ حڪومت کي ڪرڪيٽ سمجھي ھيڏانھن ھوڏانھن لوز بال تي کيڏڻ لڳو،ڪرسي بچائڻ خاطر ھن ادارن کي خوب استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪا روش ست مارچ تائين جاري رھي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي بي اعتمادي رٿ ۽ ريڪيوزيشن جي حوالي سان ھدايتون جاري ڪيون ويون تہ جيترو ممڪن ٿي سگھي انھي معاملي اينگھايو وڃي، اسپيڪر پارليمنٽ جو نگھبان ٿيڻ بدران بني گالا جو چوڪيدار بڻجي ويھي رھيو، وزيراعظم ايوان صدر کي ھن پلان بي جي لاءِ اڳواٽ تيار ڪري ڇڏيو صدر وفاق جو نگھبان ۽ رياست جو سربراھ ٿي ڏيکارڻ بدران پاڻ کي پارٽي ڪارڪن واري حيثيت مان ٻاھر نہ ڪڍي سگھيو.ائين معاملا اڳتي وڌندا ويا پر عمران خان جي ھٿن مان نڪرندا ويا، پر بي اعتمادي رٿ جي حوالي سان آئين کي ڪيترو نظر انداز ڪري سگھجي ٿو؟ جيڪو اجلاس 14 ڏينھن ۾ گهرائڻو ھو اھو اجلاس 17 ڏينھن کانپوءِ 25 مارچ تي طلب ڪيو ويو،بي اعتماد رٿ پيش ٿيڻ کانپوءِ انھي کي اڪلائڻ جي لاءِ ست ڏينھن اندر فيصلو ڪرڻو آھي پر عمران خان جي ھدايتن تي انھي ۾ بہ دير ڪئي وئي.قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ٿيڻ کانپوءِ وزيراعظم انھي رٿ کي پنھنجي لاءِ پنھنجي ڪرسي جي لاءِ انتھائي خطرو محسوس ڪيو.
ھاڻ قومي اسمبلي جي اجلاس جي پھرين ڏينھن 25 مارچ جو ذڪر ڪريون ٿا، انھي ڏينھن سڏايل قومي اسيمبلي جي انھي اجلاس جي پھرين ڏينھن تي اسپيڪر قانون ۽ آئين جي تقاضا تي روايتن کي ترجيح ڏئي اپوزيشن کي بي اعتمادي رٿ کي پيش ڪرڻ جي اجازت نہ ڏني ۽ 25 وارو اجلاس ٽن منٽن جي ڪارروائي کانپوءِ 28 مارچ تائين ملتوي ڪيو ويو،27 مارچ تي ٻن صوبائي حڪومتن، وفاقي حڪومت آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان حڪومت جي سرڪاري وسيلن تي پريڊ گرائونڊ ۾ عمران خان جو جيڪو ڏھ لک ماڻھن واري جلسي ۾ 20 ھزار ماڻھو شريڪ ٿيا، انھي جلسي ۾ عمران خان کيسي مان ھڪ خط لکي انڪشاف ڪيو تہ حڪومت مخالف بي اعتمادي رٿ جي پويان پرڏيھي سازش آھي، وزيراعظم کان اڳ پرڏيھي وزير شاھ محمود قريشي بہ انھي جي گواھي ڏني تہ ھي غير ملڪي سازش آھي پر انھي کي پڌرو نٿو ڪري سگھجي، اھو نہ ٻڌايو ويو تہ ڪھڙي ملڪ جو خط آھي انھي جو متن ڇا آھي، ڪنھن ڪنھن کي لکيو ويو آھي، ڪڏھن مليو آھي، آھستي آھستي انھي جا تفصيل سامھون آيا، ھاڻ تہ عمران حڪومت ھڪ ڪميشن بہ جوڙي ڇڏيو آھي، جلسي ۾، انھي کان اڳ تہ خط اچڻ جي تاريخ کان بي خبر رکيو ويو، بعد ۾ خبر پئي تہ اھو دستاويز ست مارچ تي حڪومت کي مليو آھي،ھاڻ عمران خان انھي خط تي کلي کيڏڻ لڳو. ست مارچ کان 27 مارچ تائين اھو خط وزيراعظم جي کيسي ۾ پيو رھيو،انھي تي نہ سيڪيورٽي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، نہ غير ملڪي سفارتڪار جي سڏائي سفارتي سطح تي احتجاج ٿيو، اھا خبر بہ دير سان پئي تہ اھو خط آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير ڊاڪٽر اسد مجيد جو موڪليل آھن جنھن بابت اھا دعوا ڪئي وئي تہ آمريڪي اختيارين چيو آھي تہ عمران خان جي پرڏيھي پاليسي خراب آھي، بي اعتمادي رٿ ڪامياب نہ ٿي تہ ان جا سخت نتيجا نڪرندا، عمران خان کي ھڪ بيانيو گهربل ھو،جئين اپوزيشن کي بدنام ڪري، ھن کان اڳ ۾ اپوزيشن کي چور، ڪرپٽ ، ڌاڙيل وارو جيڪو بيانيو ٺاھيو ويو ھو انھي جي بنياد تي ھڪ بہ چور کي سزا نہ ڏياري وئي، ھي بيانو اصل ۾ بھانو اصل ۾ ھمدردي ڪارڊ ھو عمران خان جو اصل ٽارگيٽ تہ اھو ھو تہ لکن جي مھان خلق ڏسي سمورا ادار خان صاحب جي پاسي ٿي ويندا، ناراض ميمبر بہ خوف وچان واپس اچي ويندا، اتحادي حڪومت جي پاسي اچڻ جو حتمي فيصلو ڪري ويھي رھندا پر انھي جلسي ڪو ٻوٽو نہ ٻاريو،انھي جلسي کان ٻي ڏينھن يعني 28 مارچ تي قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو جنھن اجلاس ۾ اپوزيشن کي بي اعتمادي رٿ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني، اپوزيشن ليڊر شھباز شريف رٿ پيش ڪئي، اپوزيشن سان انھي وقت 161 ميمبر قومي اسيمبلي ۾ موجود ھئا،ڊپٽي اسپيڪر انھي رٿ تي 31 مارچ تي بحث ڪرائڻ جو اعلان ڪيو،ھاڻ عمران خان کي پڪ ٿي وئي تہ ھو اڪثريت وڃائي ويٺو آھي، انھي جي ڪري وري ھن رھيل ادارن کي پنھنجي ڪرسي بچائڻ خاطر استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، 31 مارچ تي ٻہ ٽي سرگرميون ٿيون، ٻنپھرن جو سيڪيورٽي ڪميٽي جو اجلاس سڏايو ويو جنھن ۾ عسڪري قيادت ۽ وفاقي ڪابينا جا ميمبر شريڪ ٿيا، انھي کانپوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس رٿيل ھو، انھي اجلاس کانپوءِ پارليمنٽ جي سيڪيورٽي ڪميٽي جو اجلاس سڏايو ويو ھو، نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي اجلاس ۾ انھي مبينہ ليٽر جو جائزو وٺي انھي جي پڌرائي جاري ڪري چيو ويو تہ سفارتي آداب جي خلاف دستاويز آھي انھي جي ڪري انھي ملڪ جي سفير کي گهرائي سخت احتجاج ڪيو ويندو، رات جو دير سان آمريڪي سينيئر سفارتڪار کي طلب ڪري احتجاج ڪيو ويو، پرڏيھي آفيس اھڙن معاملن تي پرڏيھي سفارتڪارن کي طلب ڪري پڇاڻو ڪندي رھي آھي انھي ڪميٽي جي پڌرائي ۾ نہ سازش جو ذڪر ھو نہ وري بي اعتمادي رٿ جي پس منظر جو ڪو اکر ھو نہ ئي اپوزيشن جو پرڏيھي سازش ۾ ملوث ھجڻ جو ذڪر ھو.قومي اسيمبلي ۾ 31 مارچ واري اجلاس جي صدارت ڊپٽي اسپيڪر ڪئي، انھي بہ خانصاحب جي ونگار وھندي بي اعتمادي رٿ تي بحث ڪرائڻ بدران اجلاس کي 3 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.انھي ڏينھن شام جو اسپيڪر جي صدارت ھيٺ پارليمنٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو،اصل ۾ سڀ ڪجھ منصوبابندي سان ڪيو ويو تہ ڪئين بہ ڪري خانصاحب کي انھي بي اعتمادي رٿ مان اڪاري پار ڪجي.
ٽي اپريل جي اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي ايجنڊا تحت بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ ڪرائڻي ھئي، پر اجلاس شروع ٿيندي، فواد چوڌري کان تقرير ڪرائي ڊپٽي اسپيڪر اڳ ۾ تيار ڪيل رولنگ پڙھي بي اعتمادي رٿ کي ووٽنگ بنا رد ڪري ڇڏيو، انھي کانپوءِ پنج منٽن اندر عمران خان جي رڪارڊ ٿيل تقرير نشر ٿي جنھن ۾ ھن اسيمبلي کي ٽوڙڻ جي ايڊوائس صدر کي موڪلڻ جواعلان ڪيو، انھي تقرير ختم ٿيندي صدر کي اھڙي ايڊوائس ملي وئي صدر صاحب پنھنجوذھن استعمال ڪرڻ بنا انھي کي قبول ڪندي قومي اسيمبلي کي ٽوڙي ڇڏيو، ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ جي بنياد تي عمران خان ملڪ کي آئيني بحران جي ور چاڙھي ڇڏيو،عمران خان جو وڏي ۾ وڏو سرپرائز اھو ھو، انھي جي پويان جيڪي بہ ماسٽر مائينڊ آھن اھي عمران خان جا دوست گهٽ دشمن وڌيڪ آھن، انھي صورتحال ۾ رڳو اپوزيشن نہ پرجمھوريت، پارلياماني نظام ۽ آئين تي يقين رکندڙ ھر طبقي جو ماڻھو سڪتي ۾ اچي ويو، ملڪ ۾ سدائين آمرن آئين کي تھس نھس ڪيو آھي، اسيمبليون ۽ آئين ٽوڙيا آھن، عمران خان واحد سويلين وزيراعظم ٿي ڪري پنھنجي ڪرسي وڃن جي ڊپ کان آئين تان اڳڙي کڻي ڇڏي، انھي صورتحال ۾ سڀ نظرون سپريم ڪورٽ تي لڳي ويون، سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس جنھن ھيستائين ڪنھن بہ معاملي تي پاڻمرادو نوٽس نہ ورتو آھي انھي ھن صورتحال تي آچر جي ڏينھن پاڻمرادو نوٽس وٺي انھي ڏينھن مختصر ٻڌڻي ڪري ٻہ حڪم ڏنا، ھڪ تہ ڪو بہ رياستي ادارو ملڪ اندر ڪو غير آئيني قدم نہ کڻندو،ٻيو ھن صورتحال ۾ صدر ۽ وزيراعظم جي کنيل ھر قدم کي ھن معاملي جي حتمي فيصلي سان مشروط ڪيو ويو.عدالت انھي مختصر ٻڌڻي تي حڪومت جي ڪنھن قدم توڙي اسپيڪر جي رولنگ تي ڪو منع نامو جاري نہ ڪيو جنھن سياسي ڌرين کي مايوس ڪيو ڇاڪاڻ جو ھڪ تہ معاملو وڏو ھو، ٻيو عدالتن جو ڪردار ڪو اھڙو آئيڊل رھيو ناھي، ٽيون آئيني بحران پيدا ٿي چڪو ھو، عدالت مختصر ٻڌڻي کانپوءِ سومر تائين انھي کي ملتوي ڪيو، ھيڏانھن صدر پاڪستان نگران حڪومت جي جوڙجڪ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون، وزيراعظم نگران وزيراعظم جي لاءِ تازو رٽائرڊ ٿيندڙ چيف جسٽس گلزار احمد جو نالو تجويز ڪري ڇڏيو،صدر اپوزيشن ليڊر کي ٻہ خط لکي نگران وزيراعظم جي نالي تي مشاورت ڪري ڇڏي، اليڪشن ڪميشن کي خط لکي عام چونڊن جي تاريخ گهري وئي، اپوزيشن ليڊر جڏھن سپريم ڪورٽ ۾ معاملو ھجڻ جو چئي مشاورت کان انڪار ڪيو تہ وري ٽوڙيل اسيمبلي جي پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ جي لاءِ حڪومت چار نالا فائنل ڪري ڇڏيا، نگران حڪومت جوڙڻ جي لاءِ ويندڙ اسيمبلي ۾ قائد ايوان ۽ اپوزيشن ليڊر جي مشاورت سان نگران وزيراعظم مقرر نہ ٿي سگھي تہ انھي جي لاءِ حڪومت ۽ اپوزيشن جي برابر ميمبرن تي ٻڌل اٺ رڪني ڪميٽي قائم ٿيندي آھي جنھن ۾ چئن نالن تي غور ڪيو ويندو آھي، جيڪڏھن ڪميٽي انھي ۾ ڪنھن نالي کي حتمي شڪل نٿي ڏي تہ اليڪشن ڪميشن انھن چئن نالن مان ھڪ کي نگران وزيراعظم مقرر ڪندي، اليڪشن ڪميشن کي اھو ڪم ٻن ڏينھن ۾ ڪرڻو ھو، اھي سمورا قدم ايمرجنسي ۾ کنيا ويا.سپريم ڪورٽ ۾ روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي جاري رھي، ٽي،چار، پنج ، ڇھ اپريل کانپوءِ ست اپريل تي ڊگھي ٻڌڻي کانپوءِ فيصلو آيو انھي فيصلي ۾ رڳو اسپيڪر جي رولنگ کي غير آئيني قرار ڏئي ڪالعدم نہ ڪيو ويو پر وزيراعظم جي ايڊوائس، صدر جي اسيمبلي ٽوڙڻ جي فرمان کي بہ غير آئيني ڪيو ويو، اسپيڪر طرفان قومي اسيمبلي جو اجلاس اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪرڻ کي بہ بي بنياد قرارڏنو ويو،عدالتي فيصلي جي روشني ۾ سموريون شيون واپس ٽي اپريل جي پوزيشن تي ھليون ويون، اسپيڪر کي حڪم ڏنو ويو تہ نائين اپريل تائين انھي بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ ڪرائي وڃي جيڪا اسيمبلي ۾ موجود آھي، اھو بہ حڪم ڏنو ويو تہ اسيمبلي جي انھي اجلاس ۾ جيڪڏھن بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي وڃي ٿي تہ نئون قائد ايوان چونڊيو وڃي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عجيب رد عمل آيو، ھڪ تہ وزيراعظم ڪابينا سميت بحال ٿي ويو، اسيمبلي بحال ٿي وئي، جنھن بي اعتمادي رٿ کي رولنگ جي ذريعي موت ڏنو ويو سپريمڪورٽ انھي کي جياري ڇڏيو انھي تي ئي ووٽنگ ڪرائڻ جي ذميواري اسپيڪر جي ڪلھن تي رکي وئي، حڪومت بحال ٿيڻ تي تحريڪ انصاف ڏکاري ٿي پئي اپوزيشن جشن ملھايو، سپريم ڪورٽ حڪومت جي ٽي اپريل کان ست اپريل وارن سمورن قدمن کي غير آئيني قرار ڏنو آھي، جيڪڏھن نئين حڪومت چاھي تہ آئين سان ھٿ چراند تي ذميوارن جي خلاف ڪارروائي ڪري سگھي ٿي.
انھي سموري صورتحال انھي جي نتيجي ويندي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ بہ عمران خان سبق نہ سکيو آھي،سياسي سوچ وارو ڪو سياستدان ھجي ھا تہ انھي کي ميدان جو جنگ بنائي انھن سمورن قدم کان پاسو ڪري ھا ۽ آئين جي ڪمانڊ کي سمجھي پارليمينٽ جومان مٿاھون ڪري ھا پر وزيراعظم اپوزيشن ھٿان بي اعتمادي رٿ کي پنھنجي ذاتي انا جو مسئلو بنائي آئين ۽ پارليمنٽ کي انھي تان قربان ڪيو انھي جو کيس ڪو فائدو بہ نہ ٿيو، ٿيو وري بہ اھو جنھن جي اپوزيشن گهر ڪندي رھي، پر عمران خان وري بہ ساڳيو جملو ورجايو تہ ھو آخري بال تائين کيڏندو،ھاڻ ڪھڙو بال آھي، ھاڻ صورتحال اھا آھي جو سندس چوڻ تي پنجاھ سٺ ميمبر استعيفي ڏيندا ٻيا ميمبر اڃان ڏيڍ سال پگھارون، رعايتون مراعتون حاصل ڪرڻ جي لاءِ استعيفي بہ نہ ڏيندا، مارچ تي عمران خان ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندي انھي مشڪوڪ خط جي جاچ جي حوالي سان ڪميشن جوڙي ڇڏي آھي.ڪميشن جو سربراھ تحريڪ انصاف جي ھڪ منظور نظر شخص کي مقرر ڪيو ويو آھي،اڄ قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿي رھيو آھي انھي ۾ عمران خان جي قسمت جو فيصلو ٿيڻو آھي وزيراعظم جيڪو ساڍن ٽن سالن ۾ ٽي ڀيرا وزيراعظم ٿيو آھي پھرين 2018ع جي چونڊن جي نتيجي ۾ وزيراعظم ٿيو،انھي کانپوءِ اسيمبلي ٽوڙڻ جو غير آئيني ڪم ڪري انھي عھدي تي غير آئيني وزيرعظم طور رھيو، وري اسيمبلي جي بحالي کانپوءِ ٽيون ڀيرو ھڪ ڏينھن جو وزيراعظم ٿي ويو . قومي اسيمبلي اڄوڪي اجلاس جي ايجنڊا بہ جاري ڪئي آھي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي تحت رڳو بي اعتمادي رٿ تي آئين موجب فيصلو ڪرڻ ۽ ڪاميابي جي صورت ۾ نئين وزيراعظم چونڊڻ جو حڪم بہ ڏنو آھي، بظاھر 177 ووٽ رکندڙ اپوزيشن نئين قائد ايوان کي چونڊڻ ۾ ڪامياب ٿيندو نظر اچي رھيو آھي پر ٻہ ڀيرا ھڪ ڏينھن جي لاءِ قانون جو قلمدان سنڀاليندڙ فواد چوڌري چيو آھي تہ وزيراعظم عمران خان ئي رھندو ۽ حڪومت توڙي اپوزيشن گڏجي استعيفائون ڏيندي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے