نور الهديٰ شاهه

اِهو خط مون لکيو هو!

ليکڪ نورالهديٰ شاهه

نورالهديٰ شاهه

زوال ٿيندي ئي سج جي نيم تاريڪي ۾ وقت جو خليفو خط کي لهرائي لهرائي رعيت کي ڏيکاري رهيو هو ۽ ٻڌائي رهيو هو ته ان ۾ منهنجي خلاف سازش لکي وئي آهي ۽ منهنجي تخت ۽ تاج کي لوڏيو پيو وڃي پر هاڻي مان ان سازشي جو نالو نه ٻڌائيندس ته ڪٿي مون تي ڪو خطرناڪ جاني حملو نه ڪري وجهي.

تڏهن کان مملڪت خداداد پريشان آهي ته اهو خطرناڪ ڪير آهي جنهن خليفي جي شان ۾ ايڏي وڏي گستاخي ڪئي آهي!

ته مملڪت خداداد کي اطلاع ڏجي ٿو ته اُهو خطرناڪ سازشي مان آهيان!

مون ئي وقت جي خليفي کي اهو خط لکيو هو!

مون لکيو هو ته خليفا تنهنجي ڳچي ۾ خنجر کوپيو ويو آهي ان کي ڪڍ. ڪنهن سٺي طبيب کي ڳچي ڏيکار. ڳچي ۾ کوپيل اهو خنجر تنهنجي ئي سيني ۾ نه لهي اچي.

مون لکيو هو ته وقت جي خليفي جي ڳچي وارو ڦاهو سنهڙو ۽ نرم هئڻ گهرجي.

سنهڙي ۽ نرم ڳچي رعيت کي پڪ ڏياري ٿي ته منهنجو خليفو منهنجي مُٺ ۾ سوگهو آهي.

خليفا! اها پڪ رعيت کي تحفظ ٿي ڏئي ته اسان ڪيترائي بي وس سهي پر جڏهن به چاهيون ته رسي ڇڪي خليفي کي جنجهوڙي سگهون ٿا ته اٿ جاڳ خليفا ۽ ڏس ته تنهنجي رعيت ڪيڏي نه تڪليف ۾ آهي. ان لاءِ ڳچي هيٺ ڪري پاڻ کي رعيت جي رسائي ۾ رک.

خط ۾ مون اهو به لکيو هو ته خليفا! ياد رک ته جڏهن وقت جو خليفو درٻار ۾ ديني عالم حاضري ڏيڻ لڳن ۽ ان کي ان گمان جي مرض ۾ رکڻ لڳن ته فقط اهو ئي آسماني آيت جي معيار تي پورو لهي ٿو.

خليفو پنهنجي اطاعت لاءِ پاڻ تي آسماني آيتن جو استعمال ڪرڻ لڳو.

۽ ان جا درٻاري مٿس پيغمبري جو گمان ڪرڻ لڳا. تڏهن سمجهه، تخت ۽ بخت ٻنهي جي کسڪڻ جو وقت اچي پهتو ۽ خليفو منهن ڀر اچي ڪريو.

مون لکيو هو ته خليفا! پنهنجي تعريف کان پاسو ڪر. خلافت سرداري نه پر خدمت گذاري آهي. دماغ ۾ بادشاهت جو خناس نه ڀر پر پاڻ کي ان خلق جو خادم به سمجهه جيڪا تو کي پسند نٿي ڪري.

ياد رک مخالفن کي چٿي نٿو سگهجي پر مخالفن تي پنهنجي حڪمراني جي صلاحيت ثابت ڪئي ويندي آهي.

مخالف آئينو هوندا آهن. مخالفن تي گند اڇلائڻ پنهنجي چهري کي گندو ڪرڻ آهي.

مون اهو به لکيو هو درٻاري ۽ خوشامدي نه پال.

خليفا اهي ديمڪ وانگر هوندا آهن. اهي پنهنجي زبان سان توکي چٽي کائي ويندا.

هاڻي آئيني ۾ پاڻ کي غور سان ڏس ته ان جون ڊگهيون زبانون ڪيترو نه توکي کائي چُڪيون آهن.

خط ۾ خليفي کي مون اهو به لکيو هو ته حڪمراني جو فصل زمين ۾ پوکيو ويندو آهي ڇاڪاڻ ته زمين ئي رعيت جي اڪيلي ملڪيت هوندي آهي. زمين ۾ رعيت جي پاڙن سان پنهنجون پاڙون پوک.

پر افسوس تون پنهنجي حڪمراني ٻاهران گهرايل گيٽس ڪونڊين ۾ پوکيندو رهين. ياد رک ته ڪونڊين وارن ٻوٽن کي گهڻي بقا ناهي هوندي. ڪونڊين وارا ٻوٽا رڳو سينگارڻ جي ڪم ايندا آهن سينگار اميرن جو شغل هوندو آهي غريب ته پنهنجن ٻچن جو پيٽ پالڻ لاءِ فصل پوکيندو آهي.

۽ ها مون خليفي کي ڪا آخري خطرناڪ ڌمڪي نه ڏني آ مون ته بس اهو چيو آهي ته توکان اڳ به خلافت جا ڪيئي دعويدار آيا جن ديني عالمن کان پنهنجي اطاعت لاءِ فتوا به ورتا ۽ مخالفن جي کل به ڦاهي تي چاڙهي ۽ سزائن جو مزو به ورتو پر خليفا! تاريخ جا صفحا کولي ڏس. وقت ڦٽڪن جي سزا آهي. ڦٽڪا ڦري گهري واپس ڦٽڪا هڻندڙن ڏانهن ايندا آهن.

نالو ان جو ئي باقي رهندو جنهن تخت کي تختو سمجهيو!

باقي رهندو نالو الله جو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *