الطاف شيخ

ايوارڊ لاءِ حڪومت جي اجازت!

الطاف شيخ چونڊمواد ليکڪ

الطاف شيخ

ملائيشيا وڃڻ جي ويزا لاءِ مون هڪ دعوت ۾ فرخ حميد رضويءَ سان ڳالهه ڪئي، تنهن چيو ته جڏهن پروگرام ٺهي ته هن وٽ اچان، داتڪ فرخ گذريل ويهه پنجويهه سالن کان ملائيشيا جو ڪراچيءَ لاءِ آنرري قونصلر آهي. ان کان علاوه اسلام آباد ۾ ملائيشيا جي سفير سوفيان احمد سان پڻ ڳالهه ڪيم، جيئن بنا ڪنهن جي اسپانسر ڪرڻ جي مون کي ائين ئي ويزا ملي وڃي، ڇو جو منهنجي خيال ۾ اها وڏي خواري آهي جو ملائيشيا ۾ رهندڙ پنهنجن دوستن يا شاگردن کي خط لکندو وتان ته ٻيلي مون کي توهان جي ملڪ ۾ اچڻ جي اجازت وٺرائي ڏيو. اڄ کان فقط چوٿو صدي کن اڳ اهو حال هو جو ملائيشيا وارن اسان پاڪستانين کي پنهنجي ملڪ ۾ اچڻ لاءِ پئي منٿون ڪيون ته پاڪستان جا پروفيسرو، انجنيئرو، سرجنو، سائنسدانو! مهرباني ڪري اسان جي ملڪ ۾ اچي اسان جي نوجوانن کي تعليم ڏيو، تربيت ڏيو، علم ڏيو… وغيره وغيره ۽ هاڻ اهو حال ٿي ويو آهي جو اسان پاڪستاني سڀني جي اک ۾ ڪک ٿي پيا آهيون،  هر ڪو اسان کي پري پيو رکي، اسان جي اچڻ سان ڄڻ سندن ملڪ ۾ ڀونچال اچي ويندو.

اڳي ائين هياس، جو پنهونءَ ڌوتم ڪپڙا

هاڻ ائين ٿياس، جو جت نه نينم پاڻ سان

ٽڪيٽ وٺڻ مهل منهنجو پاسپورٽ ڏسي ٽريول ايجنٽ چيو ته، ”ڪنهن قونصلر يا سفير کي ويزا لاءِ چوڻ جي ضرورت ئي نه آهي، توهان کي نارمل پروسيجر ۾ ويزا ملي ويندي“ ۽ پوءِ هن هفتي بعد جڏهن مون کي پاسپورٽ واپس ڪيو، ته ان تي هڪ مهيني بدران ٽن مهينن جي ويزا لڳل هئي ۽ هڪ ويزا بدران  Multiple Visa لڳل هئي، يعني مرضيءَ سان ڪيترا دفعا به اچي وڃي سگهان ٿو.

”هي ڀلا ڪرشمو ڪيئن ٿيو؟“ مون ٽريول ايجنٽ کان پڇيو.

”ان ڪري، جو توهان جي پراڻي پاسپورٽ تي ناروي، سئيڊن، انگلينڊ، سعودي عرب ۽ ڊئنمارڪ جهڙن ملڪن جون ويزائون ڏسي هنن سوچيو هوندو ته هي چڱو ماڻهو آهي، تڏهن ته ٻين ملڪن به کيس اچڻ ڏنو آهي ۽ جيڪو سئيڊن ۽ ناروي جهڙن ملڪن مان موٽي آيو، سو ملائيشيا ۾ هرگز لڪڻ جي نه ڪندو، جنهن کان اسين پاڪستاني دنيا ۾ مشهور، بلڪه بدنام ٿيندا وڃون.“ ٽريول ايجنٽ ٻڌايو.

مونکي ويزا ۽ ملائيشيا ۾ ملندڙ ان قسم جي وڌيڪ سهوليتن جو سبب پي جي ڪي ايوارڊ به آهي، جيڪو مون کي 1989ع ۾ ملائيشيا جي حڪومت طرفان هنن جي نيول اڪيڊمي سيٽ اپ ڪرڻ ۽ وڏي عرصي لاءِ رهڻ ۽ ملائيشيا کي دنيا سان متعارف ڪرائڻ لاءِ اتي جي اخبارن ۾ لکڻ ڪري مليو هو. بلڪه پي جي ڪي ايوارڊ جو ميڊل ته تڏهن ئي سندن قومي ڏينهن واري فنڪشن تي مليو هو ۽ سرٽيفڪيٽ هاڻ وٺڻ لاءِ ملائيشيا آيو هوس، جيڪو ملاڪا رياست جي چيف منسٽر يا گورنر کي ڏيڻو هو.

ملائيشيا ۾ ملڪ جي بادشاهه ۽ حڪومت طرفان ڪجهه انعام ۽ ايوارڊ رکيل آهن، جيڪي انهن ماڻهن کي ڏنا وڃن ٿا، جيڪي ملڪ ۽ ان جي عوام لاءِ ڪا خاص خدمت سر انجام ڏين يا ڪنهن نموني سائنسي، تعليمي، زرعي يا ڪنهن ٻئي ميدان ۾ اهڙي ڪارڪردگي ڏيکارين، جنهن سان ملڪ جو ڀلو ٿئي، ملڪ جو نالو ٿئي، ماڻهن جي خوشحالي ٿئي. انهن ايوارڊن جي حقدارن مان هڪ ايوارڊ پي جي ڪي لاءِ منهنجو نالو به چونڊيو ويو هو.

پي جي ڪي ملئي لفظ Pingat Jasa Kebaktian جو شارٽ فارم آهي. انعام (ايوارڊ) جي چونڊ بلڪل راز ۾ رکي ويندي آهي. انعام ورهائجڻ واري تاريخ ۾ هفتو کن هو ته ٻين وانگر صوبي جي چيف سيڪريٽريءَ گهرائي مون کي به ٻڌايو ۽ ايوارڊ وٺڻ جي پرئڪٽس لاءِ روزانو اچڻ لاءِ چيو. ايوارڊ وٺندڙن ۾ ٻيا سڀ ملائيشيا جا مقامي ماڻهو هئا، جن کي سندن قومي لباس (پتلون ٽائيپ پجامو، بشرٽ ٽائيپ قميص ۽ بيلٽ مٿان اوچي ڪپڙي جو پوتڙو، جيڪو ڊيگهه ۾ گوڏن تائين ٿئي) پائي اچڻ لاءِ چيو ويو. ڌارين ۾ فقط آئون هوس، سو مون کي ٽائي سوٽ پائي اچڻ لاءِ چيو ويو. سواءِ پنهنجي سفارتخاني جي ٻي ڪنهن سان ايوارڊ ملڻ جي ڳالهه ڪرڻ لاءِ مون کي جهليو ويو.

ان رات ڪوالالمپور فون ڪري ارشاد عباسي (ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو ڀاءُ) کي اها خبر بڌايم ته اڳتي سفير صاحب کي ٻڌائي. هونءَ به تڏهوڪو سفير عظمت حسين ۽ ان بعد آيل بختيار احمد مون کي هميشه همت ڏياريندا رهيا ٿي ته، ”توڙي کڻي پگهار گهٽ آهي، ڪم گهڻو آهي ۽ نوڪريءَ واري جاءِ شهر کان تمام پري هڪ خاموش ٻيٽ نما هنڌ تي آهي، پر پنهنجي ملڪ جي ناموس خاطر اتي لڳو رهجانءِ، ڇو جو انهن Minus ڳالهين جي ڪري هنن جا پنهنجا ملائيشيائي به اتي نوڪري ڪرڻ کان ڀڄن ٿا.“ ۽ هاڻ جڏهن ڪو ايوارڊ ملي رهيو هو ته کين اطلاع ڪرڻ ضروري هو. ارشاد عباسي انهن ڏينهن ۾ ملائيشيا ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ انفارميشن سيڪريٽري هو ۽ ان کان اڳ هو ٽي چار سال جڪارتا (انڊونيشيا) ۾ به رهي آيو هو.

ارشاد مٿين خبر ٻڌي خوش ٿيو ۽ چيائين ته ان فنڪشن ۾ اسين ايمبسيءَ وارا به ا ينداسين. مون کي ملندڙ اهو ايوارڊ هن کان اڳ جن کي مليل آهي، انهن مان هڪ ملاڪا جو سرجن آهي، جنهن اهو ايوارڊ ملڻ بعد پنهنجي وزيٽنگ ڪارڊ تان ٻيون سڀ FRCS جهڙيون ڊگريون هٽائي فقط PJK لکرائي ڇڏيو هو ۽ منهنجي پڇڻ تي هن ٻڌايو هو: ”ملائيشيا ۾ انهن سڀني ڊگرين کان وڌيڪ فقط پي جي ڪي لکائڻ ڪافي آهي.“ ۽ هاڻ اهو ايوارڊ مون کي ملي رهيو هو. سو ظاهر آهي آئون پرديسي ته ڪپڙن ۾ ئي نه پئي ماپيس ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو آفيس جي ورانڊي ۾ ۽ شام جو پنهنجي پاڙي ۾، ملئي ماڻهن جي گهرن اڳيان بلبلن وانگر سيٽيون وڄائيندو رهيس. اڳي هن ملڪ ۾ پکين جي چين چين ۽ جيتن جي چرِ چرِ گهڻي، ويتر آئون به شروع ٿي ويو هوس. ماڻهن ضرور سوچيو هوندو ته هن کي ڇا ٿي ويو آهي ۽ مون کي جهل هجڻ ڪري کين آئون انهن سيٽين وڄائڻ جو سبب ٻڌائي نٿي سگهيس. پاڻهي پنجن ڏينهن بعد، فنڪشن واري ڏينهن کان هڪ ڏينهن اڳ اخبار ۽ ٽي وي ذريعي معلوم ٿيندن.

ٽئين ڏينهن آفيس ۾ ڪوالالمپور کان ارشاد عباسيءَ جو فون آيو ته، ”ابا اهو ايوارڊ ته توکي نه ملي سگهندو“ ۽ پوءِ هن ٻڌايو ته پنهنجي ملڪ جي قانون مطابق ايوارڊ ڏيڻ لاءِ اجازت وٺڻي پوندي آهي. ”ملائيشيا وارن کي پهرين پاڪستان حڪومت کان موڪل وٺڻ کپي ۽ هاڻ ته ڏينهن به ٿورا وڃي بچيا آهن. بهرحال تون کين ان بابت آگاهه ڪر ۽ ايوارڊ ڏين ته به نه وٺجانءِ.“ هن ٻڌايو.

”ادا مهرباني. آهي ته ظلم پر آئون هينئر ئي سيٽيون وڄائڻ بند ٿو ڪريان. ٿوري دير بعد اسان واري صوبي (رياست) جي چيف منسٽر کي به فون ڪري ان جو اطلاع ڪريان ٿو، پڪ اٿم ته هو ۽ هن جي سيڪريٽريٽ به ٺري پوندا.“ مون وراڻيومانس.

”يار پاڻ واري سفير کي به ڏاڍو ڏک آهي ته مس مس فارينر کي ايوارڊ مليو آهي، سو به هڪ پاڪستانيءَ کي. ڇا ڪجي قانون قانون آهي.“ ارشاد ٻڌايو.

ٿوري دير کان پوءِ چيف منسٽر مسٽر رحيم تامبي وٽ ويس، جنهن سان منهنجا دوستن وارا تعلقات هئا. هن کي به تعجب لڳو ۽ اهو هن کي عجيب لڳو ته ايوارڊ سان گڏ اجازت به وٺجي. هن ته اميد پئي رکي ته پاڪستان حڪومت جو ڪو نمائندو خوش ٿي مهربانيءَ جو فون ڪندو. بهرحال مون ٻڌايومانس ته ٻي صورت ۾ منهنجي لاءِ ڪا چوائس ناهي.

ملاڪا جي گورنر ۽ وزير اعليٰ شايد چاهيو ٿي ته اهو ايوارڊ مون کي ملي ئي ملي. هنن اسان جي سفارتخاني جي معرفت پاڪستان حڪومت سان رابطو ڪيو ۽ ڪارروائي هلندي رهي. آخر ايوارڊن جو اعلان ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ مون کي سفير صاحب اها خوشخبري ٻڌائي ته جيتوڻيڪ اسلام آباد کان لکت ۾ اجازت نامو نه آيو آهي پر اصولن هنن ”او ڪي“ جو سگنل ڏنو آهي ۽ اسان ايمبسيءَ طرفان ملائيشيا حڪومت کي لکت ۾ موڪلي رهيا آهيون. منجهند ڌاري مون کي ايوارڊ ورهائڻ واري ڪميٽيءَ طرفان به فون اچي ويو ته اجازت ملڻ تي تنهنجو نالو پڻ انائونس ڪري رهيا آهيون ۽ سڀاڻي ايوارڊ تقريب ۾ پهچي وڃ.

سوني ميڊل جي صورت ۾ ايوارڊ ان ڏينهن ملي ويو هو، باقي سونهري ۽ ڪارن اکرن سان لکيل سرٽيفڪيٽ، جيڪو ٻانهن جيڏو ڊگهو ٿئي، اهو سال ڏيڍ کان پوءِ ملي ٿو ۽ تيستائين آئون ملائيشيا ڇڏي چڪو هوس ۽ هاڻ ٻارهن سالن بعد اهو وٺڻ لاءِ ملائيشيا پهتو هوس. ملاڪا جا وزير اعليٰ بدلبا رهيا پر وزير اعليٰ جي پرائيويٽ سيڪريٽري اڃان تائين مس زيتون نالي ملئي خاتون آهي. وچ ۾ ملاڪا رياست جون سڀ آفيسون شهر مان شفٽ ٿي شهر کان ٿورو پر ٻهرو هڪ خوبصورت هنڌ تي ٺاهيون ويون، ته مس زيتون لکيو هو ته، ”سڀ آفيسون، فائيل، فرنيچر ۽ ڪاغذ پٽ، تنهنجي سرٽيفڪيٽ سميت کڻي نئين هنڌ تي آيا آهيون. ملائيشيا جڏهن به اچين ته پنهنجو هي سرٽيفڪيٽ هتان چيف سيڪريٽريءَ کان وٺي وڃجانءِ!“

مس زيتون جو احوال هاڻ ٻئي ڪالم ۾ ئي ڪنداسين.

( ڪاوش جي ٿورن سان )

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *