جمهوري ملڪن ۾ حڪومتن کان عوام جا مسئلا حل ڪرائڻ ۾ مخالف ڌر جو ڪرداراهم هوندو آهي، جيڪا تحرڪ ۾ اچڻ سان حڪومت پاڻمرادو متحرڪ ٿي وڃي ٿي، هاڻي ان جو اهو مطلب ناهي ته مخالف ڌر ٻيا ڪم ڪار ڇڏي رڳو روڊن تي احتجاجي مظاهرن، ڌرڻن يا اي پي سيز ڪرائڻ ۾ اڳڀري هوندي آهي، نه بلڪل نه، اُها پارليامينٽ ۾ موجود رهي هر ان قدم جي سخت مخالفت ڪري ٿي، جيڪو عوام لاءِ آزار هجي ۽ جڏهن ان جا اڳواڻ سمجهن ٿا ته کين روڊن تي اچڻ گهرجي ته اهي روڊن تي به نڪرن ٿا، پر سندن انداز انتهائي مهذب هوندو آهي، هتي هڪ ڳالهه واضع ڪبي ته مضبوط جمهوري ملڪن ۾ مخالف ڌر جو مطلب رڳو مخالف براءِ مخالفت به نه هوندو آهي، پر اتي حڪومت جيڪڏهن سٺو ڪم ڪري ٿي ته نه رڳو ان جي آجيان ڪئي وڃي ٿي، پر اهو مڪمل ڪرائڻ ۾ ساٿ پڻ ڏنو وڃي ٿو.
اسان وٽ خيرن سان حڪومت ۽ مخالف ڌر جو تصور ئي نرالو آهي. حڪومت پنهنجي طاقت جي زور تي هر ڪم ڪري ٿي، پوءِ ڀلي اُن سان ملڪ ۽ قوم کي نقصان ئي ڇونه ٿئي، اهڙي نموني مخالف ڌر جو ڪردار به اٽڪل ساڳيو ئي آهي، جنهن جو تازو عملي مظاهرو قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان ايف ٽي ايف بل جي منظوري وقت ڪيو ويو. مطلب ته اسان ٻٽي عذاب ۾ آهيون، نه حڪومت کي عوام جي اهنجن جو ڪو احساس ٿئي ٿو ۽ نه وري مخالف ڌر ماڻهن جي ڦٽن تي پها رکڻ جي ڪوشش ڪندي آهي، ها باقي ٻئي پنهنجي مفادن لاءِ هڪ ٻئي جو خيال ضرور رکندا آهن، جيڪو حقيقت ۾ پاڪستان ٺھڻ کان وٺي 73 سالن کان حڪمرانن جي غلطين سبب بحرانن جي ور چڙهيل عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر آهي، جنهن آڏو ٻئي ڌريون اهڙو تاثر ڏينديون آهن ته ڄڻ اهي هڪ ٻئي کي ڪچو کائي وينديون، پر خبر تڏهن پوندي آهي، جڏهن “خاص ملاقاتن” ۾ عوام جي احساسن سان کيڏڻ تي اتفاق ڪيو ويندو آهي.
هن وقت وفاق سميت چئني صوبن ۾ مخالف ڌر جو ساڳيو ئي ڪردار آهي، پر پاڻ سنڌ جي ڳالهه ڪنداسين، جتي پي پي پي جي سنڌ حڪومت بيڊ گورننس جا واڄٽ وڄائي ڇڏيا آهن، اتي وري جيڪڏهن مخالف ڌر جو ڪردار جاچيون ٿا ته اهو به ڪو اهڙو نظر نه ٿو اچي جو سندن اڳواڻن کي گلن جا هار پارائجن. جڏهن حڪومت ۽ مخالف ڌر عوام کي ڪجهه ڊليور نه ڪري سگهندي آهي ته پوءِ مسئلن ۾ ڦاٿل عوام کي ڪنهن اهڙي ماڻهو جي ڳولا هوندي آهي، جيڪو کين ڀلي نه وڻي پر سندن مسئلا حل ڪري ڏيکاري.
سنڌ ۾ هن وقت ڪراچيءَ کان وٺي ڪشمور تائين ساڳئي صورتحال آهي، برسات جي اڳڪٿي ٿئي ٿي ته هر ڪنهن جو ساهه مُٺ ۾ هوندو آهي ته، الائي ڇا ٿيندو؟ شهرن اندر موجود پاڻي جي نيڪال وارا نالا بند هجڻ معمول آهي، صوبي ۾ پاڻي جي کوٽ سمورو سال رهي ٿي، لوڊ شيڊنگ جو ته ڪو ڪاٿو ئي ناهي، ڳوٺن ۾ سولر نه هجن ته ماڻهو رات جو سمهي به نه سگهن. بيروزگاري ۽ بد امني سنڌ جا مستقل مسئلا آهن. هاڻي وري هر سال ماڪڙ جو حملو ۽ فصل چَٽُ ٿيڻ جو آزار ڌار وڌيو آهي، جنهن جي حل لاءِ ڳالهين کانسواءِ ڪجهه به ناهي ٿي سگهيو.
صحت جي سهولتن جي اها حالت آهي، جو سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽرئي ناهن، ناٽ فار سيل دوائون ميڊيڪل اسٽورن تي سر عام وڪرو ٿين پيون، مٺيءَ جي اسپتال ۾ هڪ مهيني ۾ 40 ٿري ٻارڙا طبي سهولتون نه هجڻ سبب پنهنجي حياتي وڃائي ويهن ٿا، سرڪاري ايمبولنسيون خبر ناهي ڪٿي گم آهن، جنهن ڪري ڪنهن شهر ۾ ڪو مريض فوت ٿئي ٿو ته مڙهه گهر پهچائڻ لاءِ مسڪين ماڻهو موٽر سائيڪل لوڊر يا گڏهه گاڏو استعمال ڪن ٿا. ڇا ڪڏهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٽن پارٽين تي ٻڌل مخالف ڌر انهن مسئلن لاءِ سنجيده آواز اٿاريو آهي يا هنن اسيمبلي جي فلور تي موٽ نه ملڻ بعد احتجاج لاءِ ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جواب ملندو ته نه، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ حڪومت 12 سالن دوران اهڙو واکاڻ جو ڳو ڪو ڪم ناهي ڪيو، جيڪو کيس ڪرڻ گهرجي، پر ان کان ڪم ڪير وٺندو، جيئن مون مٿي ذڪر ڪيو آهي ته حڪومتن کان ڪم وٺڻ مخالف ڌر جو ڪم هوندو آهي، پر افسوس ته سنڌ حڪومت جي بيڊ گورننس جيان موجوده حالتن ۾ مخالف ڌر جو ڪردار ۽ ڪارڪردگي پڻ “بيڊ ” آهي، ڪو ٻڌائيندو ته ايم ڪيو ايم ، تحريڪ انصاف ۽ جي ڊي اي ٻن سالن دوران سنڌ حڪومت کي عوامي مسئلن تي ڪيترو ٽف ٽائيم ڏنو آهي. جيڪڏهن سنڌ اسيمبلي ۾ آواز اٿارڻ سان مسئلا حل نه پيا ٿين ته ٻاهر نڪري عوام سان بيهو نه، باقي جيڪڏهن کين تقريرون ڪرائڻيون هجن ته اهي توهان کي واهه جون ڪري ڏيکاريندا.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي سيد قائم علي شاهه کان پوءِ ڪيل مقرريءَ واري مدي جي ڪارڪردگي شاندار هئي، انهيءَ آڌار 2018ع جي چونڊن ۾ اهو عوامي مطالبو هو ته کيس ٻئي مدي لاءِ به وڏو وزير بڻايو وڃي، پر سندس هاڻوڪن ٻن سالن جي ڪارڪردگي رڳو بيانن ۽ گڏجاڻين کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي.
تازو سنڌ جو وڏو وزير ڊگهي مدت بعد 03 آگسٽ تي ڪراچيءَ جي مختلف علائقن جا دورا ڪندي نظر آيو. کيس نديون ۽ نالا به ياد آيا. هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته هن اهڙو عمل اڳ ڇونه ڪيو هو، جنهن جو سڌو جواب اهو هوندو ته ڇاڪاڻ ته مٿس نه ڪو عوامي دٻاءُ نه هو ۽ نه ئي وري مخالف ڌر کائنس ڪو پڇاڻو ڪيو پر تازو وفاق پاران اين ڊي ايم اي جي جنرل صاحب کي ڪراچي موڪلڻ بعد شاهه صاحب متحرڪ ٿيڻ تي مجبور ٿيو، جيڪا جمهوري سسٽم ۾ شرم جوڳي ڳالهه آهي. جيڪڏهن سنڌ اسيملبيءَ اندر موجود هڪ وڏي مخالف ڌر متحرڪ ٿئي ها ته وڏو وزير ضرور ٻاهر نڪري ها، جيڪا جمهوريت جي مضبوطي ۽ هڪ سُٺو سنوڻ هجي ها، پر مخالف ڌر جي چڱن مڙسن خواجا اظهار الحسن، فردوس شميم نقوي، شهر يار مهر، نصرت سحر عباسي ۽ حليم عادل شيخ رڳو روايتي مخالفت براءِ مخالفت ڪندي قوم جو وقت ضايع ڪيو، جنهن سان مخالف ڌر جي ڪردار کي پرکي سگهجي ٿو ۽ اها وائکي ٿي آھي. انهيءَ صورتحال ۾ اچو ته سنڌ اسيمبلي ۾ موجود گڏيل مخالف ڌر ايم ڪيو ايم، تحريڪ انصاف ۽ جي ڊي اي کي “اين ڊي ايم اي” جي صورت ۾ سامهون آيل نئين مخالف ڌر تي مبارڪباد پيش ڪيون.