asma shirazi

ايندڙ ٽي مهينا سياست جي رانديگرن لاءِ اهم ثابت ٿيندا؟

عاصمه شيرازي ليکڪ

عاصمه شيرازي

ايئن ٿو لڳي ڄڻ، هڪدم پراڻي پاڪستان جو سوئچ وري ڪنهن آن ڪري ڇڏيو آهي،پراڻي پاڪستان ۾ پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن آمهون سامهون هيون، ساڄي ۽ کاٻي ڌر جي سياست هئي، الزام به هئا، هڪ ٻئي جي حب الوطني پڻ چيلينج ٿيندي هئي.۽ هڪ ٻئي کي گيٽ نمبر چار جي پيداوار ۽ ٻي ٽيم وغيره جي طعنا به ڏنا ويندا هئا. سيڪيورٽي رسڪ، مودي جو يار، ڦر لٽ ۽ پيٽ مان پئسا ڪڍڻ جا دعويدار ٽڪر ۾ هئا. پيپلز پارٽي ن ليگ تي اسامه بن لادن جي سيڙپڪاري .راولپنڊ جي زرخيز  زمين جي آبياري ۽ضياءُالحق جي  جانشيني جا جوابي حملا ڪندي هئي ۽ ايئن جيالن ۽ متوالن جو رت گرم پئي رهيو.

ان سياست جي وچ ۾ وري نئون زمانو آيو، پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ جي روايتي جنگ ۾ تحريڪ انصاف ڪجهه جڳهه ٺاهي ورتي ۽ ڪجهه جڳهه ڏني وئي.

تن من ۽ ڌن پي ٽي آءِ ،جي محبت ۾ لڳايو ويو، ۽ ايئن هڪ اهڙي پراڊڪٽ تيار ٿي وئي جنهن تي فخر ٿي پئي سگهيو. پي ٽي آءِ جو ثمر تيار ۽ فيض وٺڻ جو مناسب وقت پڻ اچي پهتو پر گهربل نتيجا نه ملي سگهيا ۽ عوامي دٻاءَ کان بچڻ جي لاءِ پراجيڪٽ کان دوري اختيار ڪئي وئي.

ساڍن  ٽن سالن جي سياست مقتدر حلقن کي باور ڪرائي ڇڏيو ته هاڻي لاتعلقي نه ڏيکاري ته ايندڙ  حالتون انهن جي لاءِ به پريشاني واريون ٿي سگهن ٿيون.

تدبير جي شاطر کي مات آئي ته پياري ملڪ جون زميني حقيقتون سامهون اچڻ شروع ٿيون، آهستي آهستي هڪ ئي ٽوڪري ۾ گڏ ڪيل بيدن کي  ڪُڪڙ جي پرن هيٺان ڪڍيو ويو۽ پوءِ متبادل جي لاءِ خالي جڳهه جو بورڊ ايئن ٽنگيو ويو جو ڀرم رهجي اچي ۽ شڪايت به نه ٿئي.

ن ليگ هجي يا پيپلز پارٽي ٻئي پنهنجي جڳهه تي واپس وڃڻ جي ڪوششن ۾ آهن، پيپلز پارٽي پنجاب ۾ واپسي جي خواهش مند ۽ ن ليگ جي قيادت پنهنجي مقدمن مان جان ڇڏائڻ جي جستجُو ۾.

ن ليگ ۾ بيانئي جي جنگ هاڻي” دورانئي“ جي جنگ ۾ بدلجي چڪي آهي جڏهن ته تحريڪ انصاف ايندڙ ٽن مهينن جي سياست تي فوڪس ڪري ويٺي آهي.

ان وچ ۾ ٿوري مدي خورشيد شاهه فارمولو به بحث هيٺ رهيو ۽ پنجاب ۾ هاڻي ان هائوس تبديلي جو پرپوزل پڻ ميز تي آيو آهي.ان ۾ ڪجهه موجود ڪجهه زائل ٿي چڪو . مسلم ليگ ن چاهي ته اِن هائوس تبديلي جي راهه هموار ٿي سگهي ٿي .

ذريعا  ٽيهن کان وڌيڪ اسيمبلي ميمبرن جي ن ليگ جي ٽڪيٽ جي شرط تي تبديلي جي راهه هموار ڪري سگهن ٿا.بهرحال ن ليگ جي طرفان پهرين مرحلي ۾ مريم نواز جي سياست ۾ انٽري ۽ ٻئي مرحلي ۾ مائنس شريف ڪنهن به شخص کي  وزير اعظم تسليم نه ڪرڻ  جو ضد هڪ رڪاوٽ رهي آهي.

بهرحال شهباز شريف جي نالي تي آمادگي جو ڪُڻو نڪري آيو آهي. جنهن جو اظهار تازو ئي شاهد خاقان عباسي صاحب پڻ ڪر ي ڇڏيو آهي. بهرحال اها ٽرين به جلدي نه ڪرڻ جي صورت ۾ ن ليگ جي هٿ مان ڇٽي سگهي ٿي.

پپلز پارٽي گهٽ مدي واري حڪومت جي لاءِ وزيراعظم ڏيڻ تي تيار ڏسڻ ۾ اچي ٿي  ۽ سنڌ ۾ هڪ شخصيت آئيڊيل قرار ڏني پئي وڃي.

پيپلز پارٽي اين اي 133 جي چونڊن ۾ پنهنجي ڪارڪردگيءَ مان مطمئن ڪرڻ ۾ ڪيتري  حد تائين ڪامياب  رهي آهي ۽ پنجاب ۾اهم اهم حلقن ۾ پنهنجن قدمن ڄمائڻ جي لاءِ لائحه عمل ترتيب ڏئي رهي آهي.

سڀني کان اهم سوال تحريڪ انصاف جي سياست جو آهي،وزير اعظم عمران خان ايندڙ ٽن مهينن ۾ طوفاني سياست جو منصوبو رٿي رهيو آهي. شايد پنهنجي جماعت ۽ ڪارڪردگيءَ جي تاثر کي ٺيڪ نه ڪري سگهي پر اهم مقرريون ۽ ان جي نتيجي ۾ ممڪن تبديلين کان سياست جو رخ  ضرور  بدلائي سگهي ٿو.

تحريڪ انصاف سياست کان مڪمل ٻاهر نه آهي بهرحال آئيندي جي سياست ۾ اهم بيانيئي سان گڏ واپسي جي تياري ڪري سگهي ٿي. ايندڙ ٽي مهينا سياست جي رانديگرن جي لاءِ انتهائي اهم ثابت ٿي سگهن ٿا ،

سياست جي  ميدان ۾ ان ميچ ۾ ڪو رانديگر هلڪو نه آهي بهرحال ڪنهن ۾ ڪيترو  دم آهي ان جو اندازو مارچ کان اڳ ئي ٿي ويندو.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے