عبدالقدير ميمڻ

ايم آر ڊي نوشهروفيروز ۽ ايس ڊي ايم نثار صديقي 

اوهانجو موقف عبدالقدير ميمڻ ليکڪ

عبدالقدير ميمڻ

1980ع جو ڏهاڪو جٿي ملڪ جي جمهوري عوام لاءِ مارشلائي عذاب مڙهيو هيوته اتي سنڌ جي جمهوريت ، ڪلچر ، تعليم ، وڻج واپار ۽ زندگيون اڳوڻي صدر پاڪستان رٽائرڊ جنرل ضياءُالحق جي سنڌ دشمن پاليسين جي نشاني تي هيون.

آگسٽ 1983ع ۾ ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي جي تحريڪ (ايم آر ڊي) جو پهريون مرحلو پنهنجي زور ۽ شور سان شروعات ڪري ، پنهنجي ڀرپور سياسي سگھه ڏيکارڻ لاءِ دادو_مورو پل جي تقريبن پنجاهه ڪلوميٽرن جي ريڊيس کي سنڌ اندر هلندڙ جمهوريت جي بحاليءَ واري هن تحريڪ کي پرتشدد بنائڻ ۾ ضياءُ الحق جي مارشلائي شيطاني سوچ هئي، جنهن اڳتي هلي هن تحريڪ کي آسانيءَ سان سبوتاز ڪرڻ لاءِ علحدگي پسنديء ۽ پاڙيسري ملڪ جي دخل اندازيءَ جهڙا الزام لڳائي ،سائين جي ايم سيد جا هن تحريڪ ۾ ابتا سبتا بيان منسوب ڪرائي هن جمهوريت جي بحاليءَ جي تحريڪ کي ختم ڪرڻ ئي بنيادي نقطا ۽ سازشون هيون ۽ انهن سازشن جو محور سنڌ جي هرشيء کي تهس نحس ڪرڻ ئي ان ڊڪٽيٽر جو مقصد هيو يا لکيل لوح محفوظ تي عمل ڪري رهيو هيو؟

آگسٽ 1983ع ۾ نوشهروفيروز ۾ هڪ سياسي ايورگرين گرگ وڏيري ايم پي اي سيد مرادعلي شاه کي ايم آرڊي نوشهروفيروز جي پهرين جلسي ۾ کيس ڀريا سٽي مان جلوس جي شڪل ۾ اچي نوشهروفيروز۾ گرفتاري پيش ڪرڻي هئي. سمورن قافلن ، گاڏين ۽ ورڪرن کي ڀريا پهچي سيد مراد علي شاه کي جلوس جي صورت ۾ نوشهروفيروز پهچڻو هيو، صبح ڏهين وڳي کان لائوڊ اسپيڪرن واريون گاڏيون ماڻهن ۾ جوش ۽ جذبو پيدا ڪرڻ لاءِ گهمن ڦرن پيون ۽ ايئن انهيءَ رونشي ۽ واندڪائيء جي ڪري مان به هن وقت پنهنجي موجوده ڪلينڪ واري روڊ تان هڪ بس ۾ ٽپ ڏئي اڪيلو هڪ بس ۾ چڙهي پيس ۽ انهيءَ جلسي جي اڳواڻي هڪ وليز جيپ ڪري رهي هئي، جنهن ۾ منهنجو پيارو جگري اسپورٽس مين دوست مرحوم سيد مٺل شاهه بخاري ۽ منهنجو بعد جو سياسي حريف ۽ موجوده ايس ايس پي غلام سرور ابڙو سڃاڻون هئا، باقي ٻي سموري خلق ٻهراڙين سان واسطو رکندڙ هئي ، باقي جيڪي لوڪل ڪارڪن يا اڳواڻ هئا اهي به پنهنجي خفت ۾ ضرور اڳيان هوندا، ۽ ايئن اسين ڀريا سٽيءَ جي ويجهو پهتاسين ته خبر پئي ته ايور گرين ايم پي اي سيد مراد علي شاهه، ڪنهن وڏي جاني ، مالي نقصان کان بچڻ خاطر انتظاميه سان ڪامياب ڳالهين کانپوءِ پنهنجي بنگلي ڀريا واري تان ئي گرفتاري پيش ڪري ڇڏي آهي ۽ ايورگرين ايم پي اي کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي نگرانيءَ ۾ سکر سينٽرل جيل ڏانهن روانو ٿي ويو آهي ،پوءِ شايد هو جيل ۾ نه بلڪه ڪنهن ريسٽ هائوس ۾ ڪجھه ڏينهن خاموشيء سان نظربند واري طريقي سان وي آء پي مهمان ڪري رکيو ويو هيو. هاڻي ڇا ٿيندو ؟ اهڙي اعلان کان پوءِمنهنجي ذهن ۾ اهو خيال اڀريو ته هاڻي ڇا ٿيندو ته هڪدم نعرن واري اڳواڻي ڪندڙ وليز جيپ مان اعلان ڪيو ويو ته” جيئن ته سائين مراد علي شاهه گرفتار ٿي چڪو آهي مگر اسان جو جمهوريت جو قافلو نه رڪجندو ۽ هيءَ قافلو هاڻي ٺاروشاه کان ٿيندو نوشهروفيروز ۾ پنهنجي اعلان ڪيل جاءَ تي ضرور پهچندو . نعري ڀٽو ………….

مون جئين نوشهروفيروز ڪراس ڪيو ته  همراهن ۾ ڦڙڦوٽ پئجي وئي ته سامهون پوليس جلوس کي روڪڻ يا منتشر ڪرڻ لاءِ پرامن جلوس تي ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو استعمال شروع ڪري ڏنو آهي ، گاڏين مان سڀني ماڻهن لهڻ شروع ڪيو ، انهن ڇا سمجهيو يا نه سمجهيو ، مگر مان جيئن ئي لٿس ته سامهون بوندا باريءَ ۾ پسيل روڊ مان دونها نڪري رهيا هئا ۽ انهيءَ ويراني ۽ هڪ پاسي باغ هئا ته ٻئي پاسي ريل جي پٽڙي ، مون بس مان لهڻ مهل ٻيو ته ڪجھه نه ڪيو بلڪه مون ڊوڙي وڃي اڳيان واٽر ڪورس 12 آر سرحل مائينر مان پنهنجا ڪپڙا آلا ڪيا ته جيئن اسين آنسو گيس جي مضر اثراتن کان اکيون بچائي سگهون ته اها مونکي خبر هئي ته ٽيئر گيس کان بچڻ جو هڪ اهو طريقو آهي ته آلي ڪپڙي سان پنهنجون اکيون اگهندا ته انهيءَ آنسو گيس دونهين جو توهان جي اکين تي اثر نه ٿيڻ برابر ٿيندو. ايئن ڪي همراه فصلن ڏانهن ڀڳا ، ڪي باغن ۾ مان وچ مان ڪنڊن پاسن کان ٿيندي مين روڊ نوشهروفيروز اچي پهتس ته ڇا ڏسان ته لاڙڪ هوٽل جي مٿان ڇت تي پوليس مورچا بند ٿيو فائرنگ ڪري رهي آهي ۽ بلڪل انهيءَ هوٽل جي سامهون موجوده آغا خان ليبارٽري واري ميدان تي ماڻهن جو تمام وڏو هجوم آهي ۽ اهي جلوس جا ماڻهون يا جيالا اتي وڪري لاءِ ڪاٺ جي گٽڪن جي هڪ ڍير کي پٿر طور انهن پوليس وارن ڏانهن اڇلائيندا رهيا جيڪي اسان جي سمجھه مطابق ته هوائي فائرنگ ڪري رهيا آهن ، مگر هو پوليس وارا ته انهيءَ هجوم ڏانهن سڌي فائرنگ ڪري رهيا هئا ،جيڪي هٿيارن کان خالي هيٿين ، ڪاٺ جي گٽڪن سان پوليس تي پٿراءُ ڪري رهيا هئا ۽ پوليس وارا پنهنجي ٿري ناٽ ٿري جي رائيفلن سان گولين جو مينهن وسائي رهيا هئا ، ته ايئن اچانڪ مونکان هڪ سال سينئر جساف جو ڪارڪن منهنجو پاڙيسري شهيد رياض احمد ميمڻ رڙ ڪري هڪ پاڙيسري کي چيو ته ” جاويد ، مونکي کڻ مونکي گولي لڳي آهي “

آڪٽراءِ ٽيڪس ، موجود عورتن جي انتظار گاه ( ناڪي) واري بلڊنگ جي پٺيان سنهي گهٽيءَ جي ويجهو ڪريل رياض ميمڻ کي هلندڙ فائرنگ کان ڪڍڻ لاءِ جاويد بانڀڙا پائي وڃي کيس ڇڪي انهيءَ سنهي گهٽي ۾ کڻي آيو ، جنهن کي دوست کڻي سڌو حبيب بئنڪ چوڪ تي کڻي آيا جٿي سندس ران ۾ جي ٿري جي گوليءَ ران جي ٻئي پاسي هڪ ٻرگهل ٺاهي ڇڏيو هيو ۽ سندس رت تمام گهڻو وهي رهيو هيو. هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي ، نيٺ نوجوان مڙسي ڪري کٽ جو بندوبست ڪري کيس موجوده نئين ٺهيل بلڊنگ واري سول اسپتال ۾ کڻي ويا ، جٿي اهڙي قسم جي ڪيس جي ڪنهن به ايمرجنسي جي نه تياري هئي نه ئي ڊاڪٽر هئا ( اڄ به هن اسپتال جي ساڳي صورتحال ايئن آهي ، جيئن ايم آر ڊي 1993 ۾ هئي ) ۽ ايئن رياض ميمڻ ڪنهن به فرسٽ ايڊ يا خون ملڻ کانسواءِ ، خون ضايع ٿيڻ جي ڪري مسڪين مائٽن جي اميد جو ڏيئو وسامندو ويو ۽ پاڻ هميشه لاءِ ابدي ۾ ننڊ ۾ جمهوريت کي هن ڪرپشن واري سماج ۾ ڏسڻ کان موڪلائي ويو.

اڳواڻي ڪندڙ ليويز جيپ ، موري روڊ ڏانهن نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ، جن مان ڪجھه جوشيلن ٽيليفون ايڪسچنج کي باهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ، هڪ مست تڳر فقير الائيڊ بئنڪ ، حبيب بئنڪ ۽ يو بي ايل بئنڪن جي دروازن ۽ تالن کي پنهنجي کنيل هڪ مظبوط ڏنڊي سان ڀڃندو ۽ ٽوڙيندو ، پنهنجي مستيءَ جو اظهار ڪندو رهيو.

پوليس جي فائرنگ جو سلسلو جاري هيو، ماڻهون هٿين خالي پريشان هئا ۽ ڪجھهه ماڻهن چيو ته اسان کي شهر مان هٿيار وٺي ڏيو ته اسين پوليس وارن کي فائرنگ ڪري ماريون ، همراه شهر جي ٻن مائي باپ جيالن خوشحال وڏيرن ڏانهن روانا ٿي ويا ته ڪجھهه بندوقون وغيره ڏيو ته اسين پوليس سان مقابلو ڪريون مگر اهي شهري وڏيرا اتي موجود ئي نه هئا بلڪه جان بچائڻ خاطر ڀڄي ويا هئا ۽ ايئن ڪجهھ همراه مايوس ٿي موٽي آيا ۽ ڪجھهه جلوس جي ماڻهن لاڙڪ هوٽل جي پويان وڃي انهيءَ هوٽل جي ڇپري کي باھ ڏئي ڇڏي ، جنهن ڪري مجبورن پوليس کي باھ کان پاڻ بچائڻ لاءِ ٻيا مورچا وٺڻا پئجي ويا ۽ ايئن تمام گهڻي فائرنگ ۽ سڌي فائرنگ جي ڪري ماڻهون چڙووڇڙ ٿي ڇڪا هئا ۽ ڪجهھ نامعلوم لاش ايئن روڊ تي ڪي ڪنڊ پاسن ۾ پيا رهيا.

آهستي ملڪ صاف ٿي ويو ، ماڻهون منتشر ٿي ويا ۽ فائرنگ جو سلسلو ختم ٿي چڪو هيو ، پوليس به غائب ٿي چڪي هئي. ۽ مان پنهنجو منهن ڏيکارڻ گهر ۾ گهڙيس ته منهنجي امڙ ۽ منهنجو نانا ڊاڪٽر ماما عبدالحميد ميمڻ جو والد نانا محمد صديق ميمڻ منهنجي انتظار ۾ ويٺا هئا ، نانا مونکان سوال ڪيو ته ڪاڏي ويو هئين ته مون کيس هلڪو جواب ڏنو ته اتي هيٺ بيٺو هيس ۽ منهنجو ننڍو ڀاء عمران آنسون گيس جي دونهين جي ڪري اکيون مهٽيندو ڪمري ۾ روئي رهيو هيو ، ڇو ته انهيءَ آنسون گيس جو دونهون اتر جو روشندان کليل هئڻ ڪري دونهون اندر ڪمري ۾ اچي رهيو هيو. گهر ۾ پاڻي وغيره پي ڪري ، امڙ کي منهن ڏيکاري ، واري گهر کان ٻاهر کسڪي آيس ، گهر مان انهيءَ ڪري نڪري سگهيس جو ابو عبدالستار ميمڻ پنهنجي ماستري وري نوڪريءَ تي هالاڻي روانو ٿيل هيو. گهر کان ٻاهر نڪرڻ سان ئي اسان کي سامهون مين روڊ ڏسڻ ۾ ايندو هيو. باهر نڪتس ته پاڙي وارا هم عمر دوست به ٻاهر بيٺا هئا ملڪ ۾ خاموشي هئي ڪو به آواز ٻڌڻ ۾ نه پئي آيو،اسين پنهنجي عزيز رٽائرڊ جيف جسٽس آف سنڌ مرحوم جسٽس محمد بچل ميمڻ جي بنگلي جي ڇت تي وڌيڪ خبر چار معلوم ڪرڻ يا ڏسڻ لاءِ چڙهي آياسين ته واپڊا ڪالونيءَ واري پاسي کان پوليس پنهنجي مئجسٽريٽ ( اسسٽنٽ ڪمشنر نوشهروفيروز ) جناب نثار احمد صديقي جي اڳواڻيءَ ۾ اسان واري گهٽي ۾ سامهون اچي بيهي رهيا ۽ جن مان هڪ ٻن سپاهين اشاري سان هڪل ڪري اتي موجود ماڻهن کي گهر وڃڻ جو حڪم ڪيو ۽ ايئن هڪ ٻن سپاهين اسان ڏي مٿي نهاريو ته اسين هيٺ ٿي چت تان لهي آياسين. مرحوم رفيق جوکيو(دايو) گهر کان ٻاهر پنهنجي سوزوڪي پڪ اپ جي چاٻي کڻي ٻاهر نڪتو ته اسان پڇيوسين ته ادا ڪاڏي؟

چيائين ته روڊ تي پيل لاشن کي کڻي اسپتال پهچائڻ ، مون کيس چيو ته اسين هلون ته انهيءَ مرحوم اسان کي ڪو جواب نه ڏنو ۽ اسين اتي ئي رهجي وياسين. اڄ جڏهن مرحوم نثار صديقي صاحب دنيا ۾ نه رهيو آهي ( الله سندس مٿان مغفرت فرمائي. آمين) ته سوچي رهيو آهيان ته انهيءَ ايم آر ڊي نوشهروفيروز جي سانحي جي فائرنگ وقت ڪو به مئجسٽريٽ موجود نه هيو، پوليس جو موقف هيو ته اسان پنهنجي بچاءَ ۾ فائرنگ ڪئي هئي ، جڏهن ته مظاهرين وٽ ڪنهن به قسم جو اسلحو نه هيو، پوءِ به پوليس جي فائرنگ هڪ سواليه نشان هوندي هئي ، جنهن کي شايد انهيءَ وقت کيس نه وڻندڙ اي سي واري نوڪري ۾ انهن ايم آرڊي جي بيگناه شهيدن جي خون کي قانون بنائڻ لاءِ پنهنجا مئجسٽريٽري پاورن جوبعد ۾ لکت ۾ اهو ضرور لکيو هوندئي ته هيءَ فائرنگ مون مئجسٽريٽ جي آرڊر تي ٿي آهي ، ڇو ته اهو جنرل ضياءُ الحق جو مارشلائي دور هيو جيڪو سنڌ ۽ سنڌين کي تباه و برباد ڪرڻ وارين سمورين سازشن جو متحرڪ اڳواڻ هيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *