ابراھيم ڪنڀر

اياز ميلو. ھي شور اجايو آ پيارا

ابراھيم ڪنڀر بلاگ ليکڪ

ابراھيم ڪنڀر

راڳ جا دشمن، ناچ جا دشمن، عورت جي خودمختياري ۽ حڪمراني جا دشمن،ٽھڪن،رنگن، خوشبوئن، آرٽ جا ويري جيڪڏھن اياز ميلي جي مخالفت ڪن تہ ڳالھ سمجھ ۾ اچي ٿي، ڳالھ اھا ئي سمجھ ۾ اچي ٿي جو سندن دماغ ننڍڙا آھن، سوچ خسيس،علم نالي منجھن ڪا شي ناھي، سوچين ابتو، ڳالھائين انھي کان الٽو،اھي انھي سوچ جا مالڪ آھن، جيڪا ڪنھن بہ مذھبي علم جي ابتڙ آھي، اھڙي سوچ رکندڙن جو عقل ۽ علم شلوار جي مرئين کان اوچائي وقت قيام ھٿن ۽ دن جي مفاصلي جي پئمائش،ڪاڪوس لاءِ جي ويندي ساڄي يا کاٻي پير رکڻ جي گنجائش جي حوالي سان دين جو تاوليون ۽ انھي حوالي سان دليل ۽ مناظرو ڪندڙ جيڪڏھن ڪنھن بہ ميلي کي غلط چون تہ ڳالھ سمجھ ۾ اچي ٿي پر ھي جيڪڏھن پاڻ کي عقل ۽ علم جا ابا، ٻيا سياسي ڏاھپ جا ٿنب جيڪا مخالفت ڪن ٿا انھن واري ڳالھ واري ۾ نٿي اچي، آئوم اياز ميلو ڪرائيندڙن جي گڊ بوڪس ۾ ناھيان انھن سان اختلاف بہ ڪي نظرياتي ناھن، پر ھنن جيڪو ھيڏو وڏو ڪم ھٿ ۾ کنيو آھي انھي تي جس ڏيڻ کان سواءِ نٿو رھي سگھي، مون حيرت ٿيندي آھي ھڪڙا بھترين پڙھيل ڳڙھيل ليکڪ اديب دانشور رڳو ذاتي دشمني ۾ ھن ھيڏي سرگرمي تي باھوڙ ٻاريو ويٺا آھن،انھن جا بہ ٻہ ٽي قسم آھن ھڪڙا اھي آھن جيڪي ميلي جي آرگنائزرز جا صفا دشمن آھن، ٻيا اھي آھن جيڪي انھن جا دشمن ناھن پر انھن کي اسٽيج تي وارو نٿو ملي، ٽيا اھي آھن جن کي ھن ھيڏي وڏي سنڌ جي ڪاڄ ۾ دعوت نٿي ملي، ڪا گهٽي نٿي ملي، يعني پاڻ پڏائڻ، پنھنجي وڏ ماڻھپ ظاھر ڪرڻ جو موقعو نٿو ملي، اھي بہ آھن جيڪي سياسي دشمني ۾ بہ ھن قسم جي سرگرمين تي ٺٺول ڪن ٿا، انھي جي لاءِ عجيب قسم جو طنزيہ جملا بيان ڪن ٿا، جيڪڏھن ميلي ۾ ڪنھن فنڪار عاشق مجبور آھي ڳائي ڇڏيو تہ انھي ۾ ڪھڙي اربع خطا ٿي وئي؟ بھرحال جيڪو جئين سمجھي، منھنجي خيال ۾ اياز ميلو حيدرآباد جي ادبي، ثقافتي ۽ شعوري سرگرمين جي حوالي سان انتھائي وڏي ۽ بھترين سرگرمي آھي، انھي ميلي جي آرگنائزيشن عورتن جي ھٿن ۾ ھجڻ انھي کان بہ وڏي ڳالھ آھي، ميلي مان ڪنھن نہ ڪنھن طريقي سان نقص ڪڍڻ اصل ۾ ميلي تي تنقيد ناھي پر ميلي جي آرگنائزيشن مان باھ ڪڍڻي آھي، پوءِ جيڪو جنھن کي وڻي ٿو انھي جي مرضي آھي، سنڌ ۾ درگاھن تي لڳندڙ ميلن کان ھن قسم جي ادبي ميلن جي وڌيڪ ضرورت آھي، جنھن ۾ سنڌ جو شعور خوش خوش ۽ وڏي انگ ۾ شريڪ ٿي ڪجھ ٻڌي ٿو ڪجھ پڙھڻ جو سامان خريد ڪري ٿو، اھي ميلا سنڌ کي لٽڻ جي لاءِ نہ پر سنڌ جي شعور کي ھٿي ڏيڻ جي لاءِ ھڪ قدم اڳتي جو سبق ڏين ٿا، انھي جي ڪري جيڪو بہ انھي جي مخالف ڪري ٿو اصل ۾ شعوري آبياري کي ٻنجو ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ضياالحق جي روح کي خوش ڪري ٿو تہ لگي رھو منا ڀائي و، آئون ھن ميلي جي آرگنائزرس کي مبارڪون اياز جي انھن سٽن سان تہ ھيرا ته ڏسو، پٿر نه هڻو. ايندو نه وري هي وڻجارو،ڪجهه ڏات ڏسو، پوءِ بات ڪيو، ھي سڀ شور اجايو آ

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے