Ali Memon

انقلاب ۽ ترقي پسند جمهوري ملڪ وارو خواب

علي محمد ميمڻ ليکڪ

علي محمد ميمڻ

دنيا جي سوشلسٽ ملڪن ۾ جڏهن انقلاب تبديل ٿي ويا ۽ انهن ملڪن ۽ اتان جي عوام پنهنجي جياپي ۽ سياست جا  نوان رخ ۽ رستا اختيار ڪيا ته اسان جي ملڪ ۾ هڪ جمود ڇائنجي ويو. ترقي پسندن جي اڪثريت، جنهن دنيا ۾ سوشلسٽ  انقلابن جي اهڙي طرح تبديل ٿيڻ جو ڪڏهن خواب ۾ به نه سوچيو هو ۽ هو پنهنجي ملڪ ۾ پڻ انقلاب اچڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا، انهن لاءِ اهڙي قسم جي صورتحال تمام وڏي صدمي ۽ سڪتي جوسبب بنجي وئي. اهڙي قسم جي صورتحال 30 سالن کان مٿي وقت گذرڻ جي باوجود اڃا تائين ڇانيل آهي. اڳوڻن انقلابين ۽ ترقي پسندن جون هن وقت ڪيتريون ئي سياسي جماعتون ۽ گروپ ، فڪري فورمز جي صورت ۾ ساهه ته کڻي رهيا آهن پر انهن  ملڪ جي عوام ۽ سماج سان تعلق ٽٽي وڃڻ ڪري  انهن جي واڌ ويجهه رڪجي وئي آهي. ۽ هر ڏينهن ، مهيني ۽ سالن ۾ ڪيترائي سينئر انقلابي اڳواڻ ، دانشور ۽ ڪارڪن پنهنجي طبعي عمر پوري ڪري وفات ڪري رهيا آهن، جنهن سان انقلابين جا نسل گهٽجي رهيا آهن ۽ انهن جي تعداد گهٽ ٿي رهي آهي. اها به حقيقت آهي ته سمورا ترقي پسند ڌريون اڄوڪي ڇڪتاڻ واري دور ۾ به تمام گهڻو قيمتي ۽ حوصلي ۽ ماڻهپي وارا آهن هو پنهنجي هاڻوڪي حالت ۾ خوش به ناهن ۽ ملڪ جي  ڪاروهنوار  ۾ جيئڻ جي ڪوشش ته ڪندا ٿا رهن پر سياست ۾ سندن ڪو خاص ڪردار نه هئڻ ڪري هو يقينن اداس، مايوس۽ پريشان ته ضرور آهن پر هو دنيا جي تبديل ٿيل انقلابن جو ڪو حقيقت پسنداڻو تجزيو به نه ڪري سگهيا آهن ته ائين ته ناهي جو دنيا جا سوشلسٽ ۽ انقلابي ملڪ  پنهنجو وقت پورو ڪري پنهنجي مرضي سان پنهنجي جياپي جي نئين دور ۾داخل ٿي ويا آهن.

دنيا ۾ سوشلسٽ انقلابن واري نظرياتي ۽ رومانوي دور جي پڄاڻي يا انهن جي اڳتي وڌي تبديل ٿيڻ تي مختلف ملڪن وانگر اسان جي ملڪ ۾ پڻ تمام وڏا سياسي واچوڙا ۽ طوفان اڀريا. انقلابي ملڪن ۾ ٿيندڙ ڀڃ ڊاهه  اسان جي ملڪ ۾پڻ  ترقي پسند ۽ انقلابي سياست کي ئي بحرانن جي حوالي ڪري ڇڏيو. جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ  جي کاٻي ڌر ۽ ۾ ان سان لاڳاپيل ترقي پسند ذهن، شاگرد، مزدور ۽ هاري تنظيمن ۾ ڪم ڪندڙ  ڪيڊر  تمام گهڻو پريشان ۽ مايوسي جو شڪار ٿي ويو.  ملڪ جا انقلابي جيڪي پنهنجي دروازي تي آيل انقلاب جي ائين واپس موٽي وڃڻ تي نه صرف پريشان هئا پر ملڪ ۾ ٿيل ڪم جي ضايئع ٿي وڃڻ ڪري تمام وڏي صدمن جو شڪار هئا. هو پنهنجين جماعتن جي گروهن ۾ ورهائجڻ ۽ افراتفري واري حالت ۾ هڪٻئي سان واسطا ۽ رابطا ٽٽي وڃڻ ۽ پنهنجن سوالن جا جواب نه ملڻ  ڪري هو پڻ عملي طور تي پنهنجي سماج ۽ دنيا کان لاتعلق، خاموش ۽ بي عمل ٿي ويا. ملڪ ۾ انقلابي ۽ ترقي پسند فڪر ۽ سياست جي حوالي سان انقلابين کي هميشهه اهو فخر حاصل رهيو ته هو تمام گهڻا سجاڳ، عوام سان لاڳاپيل ۽ ملڪ جي پورهيت ۽ محنت ڪش عوام جي اڪثريت کي فڪري ۽ علمي طور تي وڌيڪ بهتر سمجهن ٿا ۽ هنن وٽ ئي انهن جي فلاح ۽ سماجي ترقي وارو اهو نظريو  موجود آهي جنهن سان ملڪ ۾ انقلاب  آڻي،  وسيلن جي ملڪيت ۽ ترقي جون سموريون نعمتون عوام کي مهيا ڪري سگهجن ٿيون. ترقي پسندن جي حلقن ۾ جمهوريت پسند جماعتن جي سياست کي حاڪم طبقن سرمائيدار ۽ جاگيردارن جي اقتدار ۽ اختيارن جي جدوجهد قرار ڏنو ويندو هو ۽ اها جدوجهد غير نظرياتي سياست ۽  بي مقصد  ۽ عارضي قرار ڏني ويندي هئي.

شايد اهو ئي سبب آهي جو اسان جي ملڪ جا ترقي پسند به انقلابي جماعت واري هڪ خاص قسم جي ماحول ۾ ڪم ڪرڻ جا عادي هئڻ ڪري مختلف طبقن تي مشتمل عوامي جماعتن ۾ نئين ماحول ۾ ڪم ڪرڻ ۽ ملڪ ۽ سماج تي پنهنجا روشن خيالي جا اثر وجهڻ ۽ سماج سڌارڪ ذميواريون نڀائڻ لاءِ ڪا به نئين رٿابندي ڪرڻ ۾ اڃا تائين ڪامياب ٿي نه سگهيا آهن ۽ نه ئي ملڪ جي جمهوري جماعتن جي عوامي سياست ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ  هو پاڻ کي تيار ڪري سگهيا آهن . صرف هڪ شخصيت ۽ انقلابي اڳواڻ ڪامريڊ ڄام ساقيء طرفان پنهنجي زندگي جو وڏو سياسي فيصلو ڪيو ويو ۽ سوشلسٽ انقلابن جي بحرانن ۽ ڀڃ ڊاهه واري عرصي ۾ مايوسين ۽ بي عملي جو شڪار ٿيڻ بجاء هن پنهنجن انقلابين جي سخت اعتراضن ۽ اختلافن جي باوجود درست فيصلو ڪيو ۽ پنهنجي انقلابي فڪر کي عوامي سياست جو حصو بنائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ملڪ جي روشن خيال جماعت  پاڪستان پيپلز پارٽي جي چونڊ ڪئي ۽ سموري حياتي ان ۾ شامل رهيو. ڪامريڊ ڄام ساقي پاڪستان پيپلز پارٽي لاءِ نئون نه هو پر هنن حلقن ۾ سندس تمام گهڻو احترام هو. جنهن بابت تاريخي حقيقت اها پڻ هئي ته ڪامريڊ ڄام ساقي جي  جنرل ضياء ۽ ٻين آمريتن ۾ڊگهي مدت تائين قيد و بند دوران هن خلاف غداري جي مقدمي ۾ محترمه بينظير ڀٽو پاڻ سمري ملٽري ڪورٽ ۾ وڃي ڪامريڊ ڄام ساقي جي حق ۾ شاهدي ڏني ۽ ان کان علاوهه پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ موجود ترقي پسندن وارو وڏو حلقو پڻ سندن احترام ڪندو هو. ڪامريڊ ڄام ساقي جي پاڪستان پيپلز پارٽي  جي چونڊ ڪرڻ وارو واقعو منهجي خيال ۾ هو انهي ريت، انقلابين کي پنهنجي اتحادي جماعت ۽ ترقي پسندن ۽ جمهوريت پسندن جي گڏيل جماعت بابت وقت سر  نشاندهي ڪرڻ ئي هو ۽ اڄوڪي صورتحال ۾ پڻ اهو نتيجو وزنائتو ٿو لڳي. ملڪ جي ترقي پسندن جي هڪ وڏي تعداد  تي ٻڌل انهيءَ جماعت کي ئي پنهنجي ويجهو محسوس ڪري سگهجي ٿو.

اها پڻ حقيقت آهي ته، ملڪ جي ترقي پسند پراڻن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي وڏي اڪثريت پنهنجي سياسي تجزيي کي اڃا تائين ڪو رخ ڏئي نه سگهيا آهن . پر هر ڪنهن جو وقت ۽ زندگيون تيزي سان گذري رهيون آهن .ڪنهن به سياسي ڌر لاءِ زندگي جا سڄا سارا 30 سال، ڪنهن به انسان جي عملي طور تي هڪ زندگي جيترو وقت هوندو آهي پر افسوس ته زندگيون ائين گذري رهيون آهن ۽ محبوب اڳواڻ ۽ هستون پنهنجو وقت پورو ڪري فنا ٿي رهيون آهن پر اڃا فيصلا ٿي نه سگهيا آهن. ترقي پسند  انقلابي ساٿين کي جماعتي بنيادن تي فيصلا ڪرڻ ۾ ٿيل مايوسين بعد هاڻي پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ لاءِ اڳتي اچڻو پوندو. جنهن موجب، انقلابين جا پراڻا مقصد سوشلسٽ انقلاب کڻي ڀلي نه به آڻي سگهجن  پر  ترقي پسند ،روشن خيال ۽ بهتر سماج جي اڏاوت واري ضرور ممڪن آهي ۽ ان رستي سماج ۾گهڻو ڪجهه سڌارا آڻڻ ۽ ماحول تبديل ڪرڻ جا موقعا يقينن ملي سگهن ها. انهيء عمل ۾ملڪ جا ترقي پسند ۽ جمهوريت پسند گڏجي پنهنجو اثرائتو ڪردار ڪاميابي سان ادا ڪري وڃن ته به اها ملڪ، عوام ۽ملڪ جي قومن لاءِ ڪا گهٽ ڳالهه نه ٿيندي. پاڪستان پيپلز پارٽي يا ملڪ جي ٻي ڪنهن روشن خيال، جمهوري  ۾شامل ٿيڻ جو مقصد اهو قطعي ناهي ته ان ۾ ڀرتي ٿجي يا ملازم بڻجي پر ترقي پسندن جي عوامي طاقت ۾ شامل ٿيڻ سان ملڪ ۽ عوام کي سگهه ۽ طاقت ملڻ يقيني آهي. اها پڻ حقيقت آهي ته، ترقي پسند ۽ نظرياتي فرد جو هرجاء تي پنهنجو اثر ۽ عمل جي خوبصورتي ٿئي ٿي. جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾سوشلسٽ انقلاب نه ته  سوشل ڊيموڪريسي يا ترقي پسند جمهوري سماج  قائم ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري سگهجي ٿي. ملڪ ۾ آئين جي حڪمراني ۽ عوامي ادارن ۽ عوامي حقن جي حفاظت کي بهتر نموني محفوظ  ضرور بڻائي سگهجي ٿو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *