ڪنٽينرن تي بيهي ڪوڙا وعدا ڪرڻ وارا هيل تائين جيڪي به شقون، آرٽيڪل ۽ آئين بغل ۾ کڻي سڄو ڏينهن انهن ۾ ڦيرڦار جو ٿا ويٺا سوچن ته ڪيئن انهن ۾ ڦيرڦار ڪري پنهنجي ڪرسيءَ کي طول ڏجي، ڪيئن عرصو ڊگهو ڪجي، ڪيئن وري حڪومت جا مزا وٺجن، ڪيئن عوام کي وري ڪوڙ بدوڙ هڻي چريو ڪجي، پر هيل ووٽنگ مشين واري ڳوٽ هنن جي هٿ وس ان ڪري به ناهي، اها هڪ خودمختيار اداري جي صوابديد آهي جو ڪير به ان اداري کي ڊڪٽيٽ ڪري ۽ ڊيڄاري نه ٿو سگهي.
اليڪشن ڪميشن جي مرضي آهي ته اها جيڪو بهتر سمجهندي ان کي ايوان ۾ پيش ڪندي پر ايوان هنن تي پنهنجي مرضي نه ٿو هلائي سگهي، جيئن فارين فنڊنگ جا ڪيس به اليڪشن ڪميشن وٽ ڦاٿا پيا آهن جن جي حڪم جي انحرافي ڪندي پي ٽي آءِ ٻين ملڪن جي ماڻهن، آرگنائيزيشن، ادارن ۽ حڪومتن کان چندا ڪيا جيڪي به اليڪشن ايڪٽ 1975، 2002 ۽ 2017 جي ڀڃڪڙي آهن وري ”ساڳيون ڳوهن باگڙين جا گهر ٿيون ڳولهن“.
پر انهن حڪمرانن جي دماغ ۾ ڪڏهن اهو ناهي آيو ته معيشت ڪيئن سڌاريون پر اهو ضرور ٿو اچين ته رات جي وڳڙي ۾ ڪيئن آءِ ايم ايف جي ٽيم کي وَٽُ چاڙهي ڊسمبر 2019 ۾ 50 بلين جا ڪوڙا ٽيڪس ٻڌائي انهن کان قرضن جون ٻيڻيون قسطون ڪڍون، باقي مٿئين سال الله مالڪ آ، وري جو ڦري ڊسمبر 2020 آيو ته هن آءِ ايم ايف جي ٽيم کان روا ميڙ ڪئي، پٽڪا لاهي پيرن تي رکي اڳين غلطي مڃي وري ٻي قسط ڪڍرائي ويا، وري هنن جي دماغ ۾ اهو نه ٿو اچي (يا نه ٿا ڪري سگهن) ته تعليمي نصاب هڪجهڙو ڪيون پر اهو ضرور ٿو اچين ته ماڻهن کان ٻوليون کسيون، ميڊيم هڪ ڪيون (جيڪو اڻ ٿيڻو آهي) جو مشڪل سان 6 سيڪڙو ماڻهن جي ٻولي 22 ڪروڙ عوام جي مٿان ٿِڦيون ويٺا آهن، پر اها ڳالھه هنن جي سمجھه کان مٿي آهي.
هنن جي دماغ ۾ وري اهو نه ٿو اچي يا هنن کي شرم نه ٿو اچي ته هنن ڪيو ڪجھه به ناهي، نه ڪي ڪو غريب عوام سان ڪا واعدي وافائي به ڪئي اٿن جو غريبن جي لاءِ روزگار جي دروازا کولن هان، ڪجھه مهانگائي گهٽ ڪن هان، اٽو، لٽو ۽ اجهو ممڪن هان (پر هنن ته ائينا ڪٽنگ جي بهاني ۽ انڪروچمينٽ جي آڙَ ۾ هڻي غريبن جا جهڳا ئي جهڙُ ڪري ڇڏين) وري هڪ روپيو پيٽرول جو گھٽائي وري پنج روپيا وڌائي ٿا ڇڏن، هاڻي وري 37 سيڪڙو گئس جا اگھه ٿا واڌئن، معني مهانگائيءَ کي هٿ وٺي چوچڙي ٿا ڏين جو غريب عوام جي چيلھ چٻي ٿي پوندي، مهانگائي جا طوفان ٽٽندن، پوءِ اتي انهن کي ڪا معيشت جي اٽڪل بازي نه ٿي اچي پر هنن جي دماغ ۾ اهو ضرور ٿو اچي ته اهڙيون اٽڪلون ڪيون جو آئين، آرٽيڪل ۽ شقون جون شگليون ڦيرائي رکون جو ڪارڪردگي جي ڪري نه سهي پر انهن اليڪٽرانڪ اٽڪلن جي ڪري من زبردست ريگنگ ڪري سگهون جو عوام انهن اٽڪلن ۽ حرفتن کي سالن صدين تائين ڳولهيندو رهجي وڃي ۽ هي وري ٻيو دفعو به ڪرسيءَ تي چڙهي ويهن، معني عوام هن دفعي هنن جي نئين ووٽنگ مشن مان به ائين ڦاسي جيئن هنن جي نئين پاڪستان جي نعري مان اڙجي ويو هو.
هيءَ ووٽنگ مشين ايتري ته مهانگي آهي جو جنهن جو اندازو ئي ناهي، ۽ جي هن دفعي به سينيٽ جي چونڊن وانگي حڪومت مخالف ڌر کي ڌٻڙدئونس ڪئي ۽ زوريءَ اسٽيبلشمينٽ جو پريشر ڪرائي اليڪشن ايڪٽ 2017 وارو بل پاس ڪرائي ويا ته پوءِ هنن پي ٽي آءِ وارن مان جند ڇڏائڻ مشڪل هوندو، پوءِ اهي ايندڙ اليڪشن به کٽي ويندا، پر اها به حقيقت آهي ريگنگ پنهنجي جاءِ تي ان اهڙي مهانگي ترين ووٽنگ مشين جو ملهھ ڪٿڻ ۽ بجيٽ ۾ ثابت ڪرڻ به مشڪل هوندو جو ملڪ جو ذري گھٽ ڏيوالو ٿو نڪري ۽ وري هي مڙس اهڙيون ته ووٽنگ مشينون متعارف ٿا ڪرائن جو ملڪ جو رهندو ڪندو ٻيڙو ئي ٻڏي وڃي.
هڪ ڪاٿي موجب ايندڙ اليڪشن ۾ ملڪ کي هڪ لک کان وڌيڪ پولنگ اسٽيشنون درڪار هونديون (ايندڙ 2023 وارين چونڊن ۾) ڇو ته گذريل اليڪشن ۾ 85 هزار پولنگ اسٽيشن ٺاهي تيار ڪيون ويون هيون، وري هاڻي جي هن مشين جو استعمال به ڪيو ويو ته هڪ مشين تي تقريبن هڪ لک کان مٿي جو خرچ کائي ويندي جي هڪ پولنگ اسٽيشن تي گھٽ ۾ گھٽ چار پولنگ بوٿ ٺاهيا ويا ته اهي 4 لکن کان مٿي مشينون تيار ڪرايون ويندو رکيون يا لڳايون وينديون ۽ وري بيڪ اپ مشينون الڳ جي خدانا خواستا ڪا مشين فيل يا خراب به ٿي پئي ته ان جو بيڪ اپ هجڻ اشد ضروري هوندو نه ته چونڊن جي رفتار، شفافيت ۽ ايمانداريءَ ۾ شديد رخنو پوندو، وري ٽيليفون انڊسٽري آف پاڪستان کي جي اهو ٺيڪو مليو (جڏهن ته هنن اهو پروجيڪٽ اسپين کان ورتو آهي جنهن جي هن رقم الڳ ڀري آهي) ته پوءِ مڙئي سڙئي ليکي ۾ اهو خرچ بنا ٽرانسپورٽيشن، لاجسٽڪٽس جي گهرج، اسٽورج جي جاءِ، اسٽاف جي ٽريننگ ۽ گهربل پگهارون ۽ سيڪيورٽي جي خرچن بنا) 4 ارب روپيا بيهندو، (پر ٽي آءِ پي هريپور واري فيڪٽري 2012 ۽ 2013 کان اهڙي ڪم کان پري آ يا ڪنهن به ڪانٽرڪٽ ڏيڻ کان پابندي پيل آ) پر جي اهو سڀ خرچ ٻڌجي ته اها لاڳت 50 کان 60 ارب روپيا وڃي بيهندي.
ان جي ڀيٽ ۾ گذريل انڌي منڊي اليڪشن ۾ حڪومت سڀ ملائي جلائي 28 ارب روپيا مس خرچ ڪيا هيا، ۽ وري 2013 جي عام چونڊن ۾ اهو خرچ 4.7 ارب تائين هيو، ۽ 2008 واري اليڪشن ۾ اها چونڊن جي لاڳت 1.8 بلين روپيا هئي، پر جي انهن سڀني يا رڳو آخري ٽن چونڊن جو خرچ ڪٿجي ته به هن هڪ ووٽنگ مشين کان گهٽ بيهندو، يا هن مشين جو رڳو خرچ انهن ماضيءَ ۾ سڀني ٿيل چونڊن کان ٻيڻو ٿيڻو ٿيندو، اها ٻي ڳالھه آهي ته هر دفعي وانگي صدر صاحب به پنهنجي آرڊيننس جو استعمال ڪندي پوئين سال هن مشين جي لاءِ پئسن جي منظوري ڏئي ڇڏي هئي، پر حڪومت جي اها دعوي هنن جي پهرين نعري وانگي هوندي ته هيل هي نئون پاڪستان ٺاهيندا، ان ڪري هن مشين جي بهاني به هنن وٽ مشيني ريگنگ ڪرڻ جا هزار بهانا هوندا (اسان انهن جي ايمان ۽ نيت تي شڪ نه ٿا ڪيون پر اها پريڪٽس ڀارت، بنگلاديش ۽ يورپ جي ملڪن ۽ آفريڪا جي ملڪن ۾ ٿي چڪي آهي) جو هي اليڪشن جي نتيجن کي به ڦيرائي ۽ گهمائي سگهن ٿا.
اها ٻي ڳالھه ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان 37 اهڙيون ته پوائنٽون اٿاريون آهن جيڪي زبردست ٽيڪنيڪل آهن، جن جي جواب ۾ هنن جي ڇاڙتن وزيرن وٽ رڳو اهو جواب آهي ته ”اهڙي آفيس کي تيلي ڏئي ڇڏجي جو سڙي ٿئي سوڙهي“ جو اليڪشن ڪميشن هنن جي ڪنهن ڪم جي ناهي، جڏهن ته هي ڳالھه اهي وزير ٿا چون جيڪي پاڻ پنهنجي بيڪار ڪارڪردگيءَ جي ڪري هر هفتي پيا وزارتون مٽائيندا رهندا آهن، جيڪي رڳو هڪ هفتي لاءِ به اڻ تجربيڪار ناڻي جو وزير آڻيندا آهن، جيڪي ڪم سڌاريندا ناهن نه پر رڳو وزارتون پيا مٽائيندا آهن، پوءِ انهن جي ڪهڙي ڳالھه تي اعتبار ۽ اعتماد ڪجي ته هيل هنن کي اهي سڀ جون سڀ 37 پوائنٽون منٽ ۾ سمجھه ۾ به اچي ويون آهن ۽ حقيقت ۾ اهي هڙئي پوائنٽون آهن ئي ٽيڪنيڪل، پروفيشنل ۽ ايمانداريءَ تي ٻڌل، پوءِ هنن اڻ واقفڪار، اڻ تجربيڪار ۽ اڻ پڙهيل ۽ اڌ پڙهيل وزيرن ۽ مشيرن کي ڪهڙي خبر ته جيڪي آفيسر ويٺا ئي اهڙي اليڪشن ڪميشن جي آفيس ۾ آهن جن جو ڪم ئي رڳو انهن مشين کي هلائڻ ۽ انهن سان سڄو ڏينهن راند کيڏڻ آ پوءِ هي وري انهن کان وڌيڪ سيبتا ٿي ويا، جڏهن ته هي اهڙي ووٽنگ مشي ملتان واري ننڊي چونڊ ۾ استعال به ڪري چڪا آهن جنهن جو نتيجو هنن سڀني جي سامهون رکو ته هن مشين تي يقين ڪامل نه ٿو ڪري سگهجي، جو هي مشين رڳو رفتار جي ڪري يا نا اعتبار سان به ڀيٽي نه ٿي سگهجي پر ان ۾ نيٽورڪ، وائرس، فلپنگ، ڊيٽا چوري ٿيڻ، ڊيٽا ڪرپٽ ٿيڻ، نيٽورڪ فيل ٿيڻ، ڊيٽا ڊليٽ ٿيڻ کان وٺي هڙيون 37 اڻ ڳڻيون پوانٽون آهن جيڪي هنن غريب الحال وزيرن ۽ مشيرن جي سمجهھ سڳوريءَ کان زور آهن، وري حيرت اها به آهي ته هنن جي ناڻي واري وزير (جيڪو پهرين صنعتن جو وزير هيو) ان کي نه صنعتن جي ڄاڻ، نه ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ جي خبرچار، نه اها سُڌِ ته ماڻهن جي في ڪس آمدني ڪيئن وڌائجي، جي ڊي پيءَ جا ڪهڙا موئثر انڊيڪيٽر آهن، پر انهن وزيرن کي آءِ ٽيءَ جون سڀ ڳالهيون مهاڙيون سمجھه ۾ اچن ٿيون، اهي ايڏا وڏا ٽيڪنيڪل آهن جو اهي 37 پوائنٽن جا جواب صفا گهڙي ۾ گهرڙي لائيندا ۽ عوام، مخالف، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان اهي جواب ٻڌي صفا خاموش ۽ وائڙي ٿي ويندي ۽ هنن جي فلاسافي ٻڌندي رهندي.
وري مونجهارو اهو به آهي ته صدر جو آرڊيننس جو 100 ڏينهن مس هلندو آهي ۽ ان کانپوءِ ايڪسپائر ٿي ويندو آهي ۽ صدر وري ٻيهر وري ساڳي اشوءَ تي آرڊيننس جاري ناهي ڪري سگهندو (جيئن هن ٻيٽن جي معاملي تي ڪيو هو وري ٽائيم گذرڻ سان اهو حڪم نامو دم ٽوڙي ويو) اها ڳالھه به هنن وزيرن کي ڀلي ڀت سمجهڻ گهرجي ته هي مشين لوڪلي منوفيڪچر نه ٿيندي (کڻي اسيمبل ٿئي به) پر ايتري خطرناڪ هوندي جو انهن جو آپريشن ۽ استعمال آسان به هجي پر اها مشين پاڻ ڳجهي ۽ رسڪي هوندي، جنهن جي ڪري اهڙو قومي نقصان کڻڻ اسان جهڙي نادار قوم جي وس جي ڳالھه ناهي.