هر ڳالھه ۾ پي ٽي آءِ وارن ته پاڪستاني عوام کي نعرن تي مست ڪيو آهي وري ملڪ کي پُڇ ٻڌي مهري ڪيو اٿن، ۽ اها حقيقت مڃن ته هاڻي ملڪ جي اڌ پڙهيل ۽ اڻپڙهيل عوام کي ووٽن ڏيڻ جو شوق ئي ناهي رهيو ۽ انهن کي ووٽ مشيني ڏيڻو پوي يا ڪاغذي ان ڳالھه ۾ ڪو فرق نه ٿو پوي، ماڻهن کي هاڻي پرواھ ناهي ته ڪير کٽي ڪير هارائي، پر مهانگائي ضرور ختم ٿئي، بيروزگاري جو عذاب گهٽ ٿئي، بدامني، ڌاڙن، ڦرن ۽ رهزنيءَ جي پاڙ پٽجي، ڪوڙن ۽ هٿ ٺوڪين ليڊرن مان جان آجي ٿئي، پوءِ اتي اهڙي حالتِ زارِ ۾ ٻي ڪا به ووٽن جي انگريزي ۽ آلجبرا نه کپي،
ڇو ته جيترو قانونن، آرٽيڪلن ۽ شقن سان هي پي ٽي آءِ وارا ٿا کيڏن اوترو ماضيءَ جا حڪمران نه کيڏيا، مثال هنن جي پيٽ ۾ اهو به سور هيو ته هنن جي هٿئون 63 ون سي به اچي جو هنن جا ڪرپٽ وزير جيڪي 90 ارب روپين جي رڳو کنڊ جي ڪرپشن ڪري پاسڙي تي ٿي ويٺا آهن اهي ٻٽي شهريت وٺن، ملڪ ڇڏي ڀڄي ميدان ڪن، يا هنن جي طبيعت تي ارڙهين ترميم به وڏو بار آ، ته ڪنهن صورت اهو بار هلڪو ڪن ان ۾ ترميمون ڪن ته جيئن اين ايف سي ايوارڊ هنن جي هٿ وس اچي، صوبا ڪمزرو ٿين، ايڇ اي سي، ٻيا تعليمي ۽ دفاعي يا گهرو وزارت جون ڳالهيون، مهاڙيون ۽ اختياريون صوبن جي هٿن مان نڪري هنن جي هٿ وس اچن، وري ساڳو تبديلي وارو ڪيڙو هنن جي دماغ ۾ اڃان به آهي ته هو اليڪشن ڪيمشن کي به داٻو ڪن ته اهي هنن کي اليڪٽرونڪ ووٽنگ مشين آڻڻ ڏين، ايوان ۽ سينيٽ جا ميمبر به هنن جي ها ۾ ها ملائن.
پر حيرت اها به آهي ته جيڪي پاڻ رگنگ ڪري، اسٽبلشمينٽ جي ڪلهن تي چڙهي ٺڳي جا ٺاھ ٺاهي راتو واھ ڪرسي وٺي ويٺا اهي هاڻي ووٽن جي ٺڳي جي ڳالھه ٿا ڪن، اهي ووٽ ۽ چونڊون اهڙي ڌانڌليءَ کان پاڪ ڪري سگهندا، پر حقيقت ۾ هي اٻوجھه عوام کي اڃان به اوندھ ۾ رکڻ ٿا گهرن ته جيئن هن دفعي اهڙي ڪاريگريءَ سان ان اليڪٽرونڪ مشين سان رگنگ، فلپنگ، ڊيٽا جي لڪ ڇپ ۾ چوري ۽ مٽاسٽا ڪري وڃن ته جيئن اها سائنس ۽ آلجبرا عام ماڻهن کي سمهجندي سمجهندي وري پنج سال لڳي وڃن، جيئن هنن کي هاڻوڪن ٽن سالن ۾ ڪا ڳالھه سمجهھ ۾ ناهي آئي پوءِ اڳتي ڪهڙو ٻوٽو ٻاريندا، ۽ سڀاڻي اهي وري پاڻ اهو بهانو ڪرڻ ۾ لڳي ويندا ته انهن کي اها ڳالھه به سمجھه نه آئي هئي ۽ انهن سڀني حرفتن کي سمجهڻ جي لاءِ هنن کي ايندڙ پنج به گهربل آهن جو نئين پاڪستان ٺهڻ ۽ ٺاهڻ ۾ ڪي صديون درڪار ۽ گهربل آهن، پوءِ عام ماڻهو هنن کي ڇا ڪندا؟ يا رياست هنن کي ڇا ڪندي يا ڪورٽون ۽ مخالف ڌريون ڪهڙو منهن مٿو پٽي هنن جون پاڙون پٽيندا ۽ هنن کي اقتدار مان تڙي ڪڍندا.
هن ڀيري اي سي پي ته اهڙو ڪم ڪري ڏيکاريو جيڪو پي ڊي ايم به نه ڪري سگهي، معنيٰ هنن اي سي پي (اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان) وارن ته اهڙيون 37 پوائنٽون به ڪڍي هنن پي ٽي آءِ وارن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون آهن جن جو جواب هنن اڻ ڄاڻ سرڪار وٽ ناهي، ڇو ته هنن کي ته ڪجھه نه ٿو اچي نه ئي هنن کي ڪا ڳالھه هن مهل تائين سمجهھ ۾ ئي آئي آ پوءِ اليڪٽرونڪ ووٽنگ مشين جي انجنيئرنگ، سائنس ۽ آلجبرا هنن جي سمجهھ شريف ۾ فورن اچي وئي،
مثال اسان اها ڳالھه مڃون ٿا ته نوڪيا 3310 کانپوءِ سمارٽ فون ماڻهن جي دنيا کي تبديل ڪري ڇڏي آ، پر ووٽنگ مشين ۽ ڪمپيوٽر جي آسانين کي انهن شين سان ڀيٽي نه ٿو سگهجي، ڇو ته سمارٽ فون ۽ ڪمپيوٽر سڄو پاڪستان نه ٿو هلائي يا اهي ڳالهيون يا شيون ملڪ جي سڀني ماڻهن تي لاڳو نه ٿيون ڪري سگهجن يا اهي هڪ ڌڪ سڀني ماڻهن تي مڙهي نه ٿيون سگهجن، مثال جتي اسان هر ڳالھه ۾ طبقات جا شڪار آهيون ۽ اسان وٽ هيلو هاءِ چوڻ کان وٺي سڄو سلام ڪرڻ وارا مذهبي ۽ لبرل ماڻهو به آهن پر انهن سڀني کي هڪ قطار ۾ نه ٿو بيهاري سگهجي، اهڙي طرح تعليم کان وٺي، معاشي ۽ معاشرتي طبقات به اهڙين ترقين ۽ يورپي طرز جي عملن ۾ به رڪاوٽ به آهن جيڪي اهڙين رڪاوٽن ۽ ڳالهين مهاڙين جي ڪري هڪجهڙيون اپلاءِ نه ٿيون ڪري سگهجن، ان ڪري اليڪٽرونڪ ووٽنگ مشين جتي سڄي يورپ ۾ به ڪامياب ناهي اتي اسان جهڙي جيتامڙي ملڪ جي ڪهڙي حيثيت ۽ هيئت آ ته اهي جديد شيون منٽ ۾ مڙهي ڇڏجن يا ڪري سگهجن.
پر حقيقتن کان انڪار به نه ٿو ڪري سگهجي، ڀلي اسان وٽ پڙهائي جي شرح ۽ شعور جي شرح پنهنجي جاءِ تي الڳ الڳ آهن اتي آءِ ٽي بيسڊ شيون به هڪجهڙيون ۽ هڪ جاءِ تي اپلاءِ نه ٿيون ڪري سگهجن، مثال جڏهن سوشل ميڊيا جي ايڏي پڪ ۽ پابنديءَ جي باوجود به اهي فيسبوڪ جون آئڊيون، گوگل، ياهو، هاٽميل وغيره جون اسان جون پرسنل ٺاهيل آڊيون هيڪ (چوري) ٿي سگهن ٿيون اتي ووٽنگ مشين جڏهن نيٽ ورڪ تي ايندي تڏهن ان کي هيڪ (چوري) ڪرڻ ته آءِ ٽي اسپيشلسٽ ماڻهن جي لاءِ يا انٽرنيشنل هيڪرن جي لاءِ کاٻي هٿ جو کيل هوندو، ڇو ته انٽرنيٽ تي آيل شيون سيف ۽ سيڪيوئر ناهن هونديون، پر جتي اسان پنهنجي پرسنل ڊيٽا جو نقصان برداشت ڪري سگهون ٿا،
جتي اسان کڻي ٻيون آڊيون ٺاهي وري ساھ پٽي به وڃون ٿا يا وري ساڳيا رابطا بحال به ڪري سگهون ٿا، پر اتي اهڙي ٺڳي واري فنامنا ۾ اهڙو قومي نقصان برداشت ڪرڻ جهڙو نه هوندو، ڇو ته انهن ڪيسن، فراڊن ۽ هيڪرن جي انڪوائري ڪندي ڪندي وري ڪيئي سال ٽپي ويندا جو اهي انڪوائريون ٿي نه سگهنديون، ان ڪري اسان جهڙي قوم يا دنيا جي ڪا به قوم اهو برداشت نه ڪري سگهندي، پوءِ اسان جهڙي اٻوجھ قوم اهو رسڪ ۽ نقصان پنهنجي ڳچيءَ ۾ ڇو وجهي.
وري ڊيٽا جيڪا انٽرنيٽ تي هجي ٿي ان ۾ وائرس لڳڻ جا چانسز تمام گهڻا هجن ٿا پوءِ اهڙي ڊيٽا کي جي ان مهل وائرس جو اٽيڪ ٿي ويو ته پوءِ منهن ڪير ڏيندو؟ پوءِ اهڙي ڊيٽا جي رڪوري ان مهل مشڪل يا ناممڪن ٿي پوندي آ يا وري هنن ته 5 لک مشنيون به ٺهرائي ورتيون آهن جيڪي ناڻي تي الڳ بار آهن، وري اسان وٽ انٽرينٽ جي سهولت ۽ بجلي جي سهولتن جي بحث ته (ڊگهو) عام فهم آ جو اسان جي علائقن ۾ جتي بجلي، پاڻي، گئس جي سهولت ناهي اتي جا ماڻهو اهڙي اليڪٽرونڪ ووٽنگ مشين مان ڇا ڄاڻن، پر اتي ڀارت ۽ بنگلاديش جي گذريل اليڪشن ۽ ان جي ذريعي ٿيل فراڊن ۽ ٺڳين جون ڪهاڻيون ٻڌي ٻڌي ان ڳالھه تان روح ئي کڄي ويو آ ته ڪو اسان وٽ به ڪو اهڙو اليڪٽرونڪ ووٽنگ جو سسٽم هجي جو اسان به انهن ملڪن وانگي وري ڪنهن نئين فراڊ مان ڦاسي پئون، ڇو ته موديءَ جي لاءِ اها ڳالھه مشهور آ ته جي اهو ووٽنگ جو اليڪٽرونڪ سسٽم نه هجي هان ته مودي رگنگ نه ڪري سگهي هان ۽ ان جو ٻيو دور به نه اچي سگهي.
هان ڇو ته ڀارتي اليڪشن ڪميشن کي ان مشين تي ايترائي اعتراض هيا جيڪي اسان واري اي سي پي (جيڪا حقيقي پي ڊي ايم بڻجي وئي آ) هنيا آهن، جو اليڪشن واري رات ڀارتي چونڊن جون اهڙيون مشينون گم ٿي ويون هيون جن کي ٽريس ڪرڻ ڀارتي آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ جي وس جي ڳالھه نه هئي (جڏهن ته ڀارت اسان کان آءِ ٽي ٽيڪنالوجيءَ ۾ گھڻو آ) ۽ انهن جي جاءِ تي هنن ٻيون مشينون اهڙي ڊيٽا سان ڀري رکي ڇڏيون هيون جو ٻئي ڏينهن تي اهي اليڪٽرونڪ ووٽنگ مشينون ڀارتي هوٽلن، گهٽين ۽ روڊ رستن تان ٽٽل ڀڳل حالت ۾ لڌيون ويون هيون،
ساڳي ڪار بنگلاديش جي چونڊن مهل به ٿي هئي ۽ ان ڪري انهن هاڻي اهڙي اليڪٽرونڪ ووٽنگ مشين کان بنھ توبھه ڪري ڇڏي آ، وري هن ووٽنگ مشين جي اها سائنس به سمجھڻ جھڙي آ ته هن ۾ ووٽ کي فلپ ڪري يا اتي جو اتي ڦيرائي به سگهن ٿا، يا هڪ جي بجاءِ ٻئي تي نشان لڳي سگهي ٿو يا جي اهي مشينون ڪنهن هيڪ ڪري ورتيون ۽ انهن پنهنجي مرضيءَ سان هلايون ته پوءِ اهي پنهنجي مرضيءَ سان انهن ڏنل ووٽن کي هڪ پارٽي کان ڦيرائي ٻي پارٽي کي به ڏئي سگهن ٿا، جنهن جو اونت، ڌپو ۽ اندازو عام ماڻهن کي نه پوندو ۽ نه ئي ٿيندو، ڇو ته اڌپڙهيل ۽ اڻپڙهيل عوام کي اهڙي هيڪنگ، فراڊ، ٺڳي ۽ وائرس جون ڳالهيون نه ٿيون سمجهائي سگهجن، وري جيڪي 37 پوانٽون اي سي پي ڄڻ اٻوجھه عوام جي بدران يا پي ڊي ايم بڻجي اڀاريون آهن يا اعتراض واريا آهن اهي حقي ۽ واجب آهن ان ڪري ته عوام جي ڀلائي ۽ چڱائيءَ جا ٻيا به ڪم آهن جيڪي پي ٽي آءِ پنهنجي رهيل ڏينهن ۾ ڪري ۽ پنهنجا واعدا وفا ڪري ته جيئن عوام سک جو ساھ کڻي،
پر اسان جي پي ٽي آءِ سرڪار جو تبديليءَ وارو ڪيڙو اڃان مئو ناهي، ان ڪري هي به ايستائين دم نه پٽيندا جيستائين ماڻهن کي وري اهڙن ڏٽن ۾ نه ڦاسائن جهڙن ڏٽن ۾ هنن ماڻهن کي نئين پاڪستان جو چئي ڦاسايو هو ۽ ماڻهو هنن جي طلسم ۾ ڦاسي پيا هئا