هڪ شخص پنھنجي مرشد وٽ آيو ۽ چيائين ته سائين رات مون هڪ خواب ڏٺو آھي، مھرباني ڪري مونکي ان جي تعبير ٻڌايو ؟ خواب ۾ مون ڏٺو آھي ته منھنجو هڪ پير زمين تي آھي ۽ ٻيو پير آسمان تي آهي، هاڻي مرشد سائين توهان ٻڌايو ته ان خواب جي تعبير ڇا ٿي ؟ مرشد سائين نھايت تحمل سان ان شخص کي وراڻيو ته تعبير کي ڇڏ، تون بس وڃي مٺائي ورهاءِ. ان شخص اهو ٻڌي خوش ٿيندي ضد ڪيو ته سچا مرشد ! مڻ مٺايون، کوڙ مٺايون، پر پھريان تعبير ته ٻڌايو ؟ مرشد سائين شخص جي اٻھرائپ ڏسندي سنجدگيءَ سان جواب ڏيندي چيو ته مورک ! خواب ۾ تنھنجو هڪ پير زمين تي ۽ ٻيو آسمان تي هو، ان خواب جي تعبير بجاءِ توکي مٺائي ورهائڻ لاءِ انڪري پيو چوان ته وڃي شڪر ڪر ۽ خير جي مٺائي ورهاءِ جو شلوار نه ڦاٽي اٿئي ! !
اسانجو حال به ان شخص جھڙو آ، هتي هرڪو ماڻھو مسئلن ۽ مونجهارن کان منھن موڙي نئين سال 2023 جي خوشين ۾ مست لڳو ٿو وتي. هتي هر طرف بک، بدحالي، بيروزگاري وڌي ويٺي آ، برسات ۽ ٻوڏ سنڌ جي سڪار کي ڪاپاري ڌڪ هڻي بربادي ۽ مفلسيءَ طرف ڌڪي ڇڏيو آ ۽ اسين هليا آھيون ”هيپي نيو ايئر“ جون خوشيون ملهائڻ. پر هي خوشي آھي ڇا جي ؟ سيلاب ۾ سنڌ جي برباد شھرن جي يا مھانگائي وگهي مرندڙ جيئندڙ ماروئڙن جي ؟ ڇا اٽي جي اگهن ۾ اُلجهيل قوم لاءِ نئين سال جو سج اس بجاءِ ماني وسائيندو ؟ سنڌ جي شعور کي سوچڻ کپي ۽ انهن مسئلن جو جامع حل ڳولڻ کپي. اسانکي پنھنجا جذبا، خوشيون ۽ خواب ايترا سستا نه وڪڻڻ گهرجن، ڪڏهن ثقافتي ڏينھن جي آڙ ۾ ته ڪڏهن نئين سال جي اتساه ۾ اسانکي پنھنجو اصل مقصد هرگز وسارڻ نه گهرجي.
آخر اسين ٺيڪ وقت تي صحي ڪم ڪڏهن ڪنداسين ؟ اهو وقت آخر ڪڏهن ايندو جڏهن اسين مٺائي ورهائڻ وقت مٺائيون ورهائينداسين ۽ وري خوابن جي تعبير لھڻ وقت تعبير پويان پاڻ عملي جدوجھد ڪنداسين ۽ جعلي پير، مير، مرشد، وڏيري ۽ وزير پويان نه ڊوڙنداسين .