ابراھيم ڪنڀر

اقتدار جي ٻڏندڙ ٻيڙي جون ڪجھ نشانيون

ابراھيم ڪنڀر اوهانجو موقف ليکڪ

ابراھيم ڪنڀر

وزيراعظم عمران خان جي منظوري سان صدر مملڪت ٻہ تڪراري قسم جا آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيا آھن، پارليامينٽ کي قانونسازي جي لاءِ استعمال ڪرڻ بدران ايوان صدر کي آرڊيننس ٺاھڻ جي وضاحت تہ حڪومت جو قانون وارو وزير ڪري چڪو آھي تہ جيڪڏھن آرڊيننس جاري ڪرڻ اھڙي ئي خراب ڳالھ اھي تہ پوءِ ذوالفقار ڀٽي جي ڏنل آئين ۾ انھي جي گنجائش ڇو رکي وئي؟ يا ارڙھين ترميم ۾ انھي آرڊيننس جاري ڪرڻ جي عمل کي آئين مان ڇو نہ ڪڍيو ويو ؟ٻنھي آرڊيننس کي مخالف ڌر رد ڪري ڇڏيو آھي، ھڪ آرڊيننس کي ميڊيا جي آزادي تي راتاھو ھڻڻ ۽ ٻي آرڊيننس کي اليڪشن ڪميشن سوڙھو ڪرڻ سان تعبير ڪيو پيو وڃي، وزيراعظم يا سندس سموري حڪومت انھي ٻيڙي مثل آھي جيڪا وچ ڪن ۾ ڦاٿل آھي، جنھن جا سڙھ ليرون ليرون ٿي چڪا آھن، غوراب کي وچ مان سوراخ ٿي چڪو آھي، ٻيڙي لوڏن لمحن ۾ آھي انھي سموري صورتحال جي ھوندي وزيراعظم اقتدار جي بقا خاطري اھڙي قانونسازي تي زور ڏئي رھيو آھي جنھن کي عدالتون پرسن اسپيسفڪ لا قرار ڏئي چڪيون آھن. انھي قانونسازي جو اڳيان ھلي ڪھڙو حال ٿو ٿئي پر سمورين ڪوششن جي باوجود عمران خان کي موٽ ۾ وڏي نہ ملي آھي.
مون ڪٿي پڙھيو ھو تہ ٻيڙي ٻڏڻ جا ڏھ مٿي ڪارڻ ھوندا آھن، نمبر ون تي موسمي خراب، طوفان، انھي کانپوءِ ٻيڙي اندر سوراخ ٿيڻ،جنھن جي ڪري پاڻي اندر اچڻ، يا ڪنھن سامونڊي پٿر سان ٽڪرائجي وڃي، بيلنس وڃائي ويھي،ھوائن جي آڌار تي ٻيڙي پنھنجو بيلنس يا استحڪام وڃائي ھيڏانھن ھوڏانھن لوڏا کائي سمنڊ برد ٿي وڃي، ٻيڙي سنڀاليندڙ جي ڪا بہ غلطي ٿئي يا وري ٻيڙي اندر لڳل پرزا نقص ڀريا ھجن،،ٻيڙي جي مناسب مرمت نہ ٿيڻ جي ڪري بہ اھا خراب ٿي ٻڏي وڃي ٿي، ڪي ،قزاق يا سامونڊي ڌاڙيوال ٻيڙي کي لٽي بي حال ڪري ٻوڙي سگھن ٿا،ٻيڙي بيھارڻ واري جاءِ يعني ڊاڪ تي ايندڙ ڪو حادثو بہ ٻيڙي کي ٻوڙي سگھي ٿي،ٻيڙي کي ٻڏڻ کان بچڻ جي لاءِ سڀ کانپوءِ انھي ناکئي يا ڪپتان کي سمورن پاسن جي خبر ھجڻ ضروري آھي.پاڪستاني اقتدار جي ٻيڙي جا حال بہ پورا آھن، ٻيڙي کي ٻڏڻ جي لاءِ جيڪي جيڪي ڪارڻ ھوندا آھن اھا ساڳي صورتحال ھن وقت اقتداري ٻيڙي سان بہ آھي، جنھن جو ڪپتان ناتجريبڪاري جي ڪري حڪومتي ٻيڙي کي وچ ڪن ۾ڦاساايو ويٺو آھي جيڪا اڄ وئي يا سڀاڻي وئي،سياسي موسم خراب ٿيڻ جا آثار واضع آھن، پيپلز پارٽي جون 27 فيبروري تي اسلام آباد مارچ جون تياريون زور شور سان آھن، وزيراعظم جي خلاف بي اعتمادي رٿ تي اندران ئي اندران ڪم جاري آھي انھي ڏس ۾ پي ڊي ايم جا پنھنجي اڳواڻن يا ٻاھر ويٺل سياسي قيادت سان رابطا ۽ ملاقاتون جاري آھن، جھانگير ترين يا سندس گروپ اقتداري ٻيڙي جي سڙھن مثل ھئا انھن جي حوالي سان خبرون اچي رھيون آھن تہ انھي جا ايم اين اي قومي اسيمبلي ۽ ايم پي ايم پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن سان ھا ۾ ھا ملائڻ جي لاءِ تيار آھن، تحريڪ انصاف جا ويھارو اھڙا ايم اين ايز آھن جيڪي پنھنجي حڪومتي ٻيڙي اندر سوراخ جو ڪم ڪري رھيا آھن، انھن ويھارو ايم اين ايز سان بہ نواز ليگ جا معاملا طئي ٿي چڪا آھن. حڪومتي بيلسن يا استحڪام تہ رھيو ئي ناھي، انھي جا ڪيترائي مثال بيان ڪري سگھجن ٿا، ناڻي جو چوٿون وزير، انرجي جو ٽيون وزير، گهرو معاملن جو ٻيو وزير، پاڻي وسيلن جو ٻيو وزير يعني سمورين وزارتن ۾ پھرين ڏينھن کان بي استحڪامي برقرار آھي،ٻيڙي جا پرزا وفاقي ڪامورا شاھي آھي جيڪا چونڊي چونڊي لڳائي وئي آھي پر انھن جي لاءِ پرسنل ايجنڊا کان سواءِ ڪو رستو نہ ڇڏيو ويو آھي انھي جي ڪري ھا اقتداري ٻيڙي جا اھي پرزا ڪل مشينون بہ خراب ٿي چڪيون آھن.
وزيراعظم عمران خان ، سندس وزيرن يا حڪومتي روئين يا عملن کي ڏسجي تہ مون کي پرويز مشرف جا آخري ڏينھن ياد اچي وڃن ٿا انھن جي آخري ڏينھن اندر ڇا ٿيو انھي جو ھلڪو نمونو پيش ڪرڻ کان اڳ ھتي پھرين انھي جو ذڪر ڪجي تہ جڏھن ڪنھن حاڪم کي ھٿن مان اقتدار ويندو نظر ايندو آھي تہ اھو ڇا ڪندو آھي؟ اھي ڪنھن ويندڙ حڪمران جون نشانيون آھن،پھرين نشاني اھا تہ ھو پاڻ يا حاڪم وقت جا دادلا وزير مشير وڏي واڪي دعوائون ڪندا آھن ۽ مخالف پارٽين کي للڪاريندا آھن تہ اچو اوھان ۾ ھمت آھي تہ ھاڻ ئي اچو، جيئن ھن وقت قريشي صاحب **۽ فواد صاحب اپوزيشن کي بي اعتمادي رٿ آڻڻ جي ڳالھ ڪري رھيا آھن. جڏھن تہ حاڪم يا سندس ٽولي کي اندران خبر ھوندي آھي تہ اھي سڀ للڪارون خالي کوکليون آھن، ٻي نشاني اھا آھي تہ حاڪم وقت آس پاس جي پنھنجي انھن ماڻھن جي خالي کوکلن دلاسن تي بہ پنھنجي دل کي آٿت ڏئي خوش ٿيندو آھي، جيڪا سندس خوشفھمي ھوندي آھي، اندران کيس خبر ھوندي آھي تہ ڪم تمام ٿي چڪو آھي،ٽي نشاني اھا ھوندي آھي تہ اھو حاڪم وقت فرسٽريشن جو شڪار ٿي چڪو ھوندو آھي، گهڻو جذباتي ٿي ويندو آھي، اھو ڌمڪين تي لھي ايندو آھي، اھو پنھنجي وزيرن کي مخالف سياسي پارٽين تي بڇي ڇڏيندو آھي، ھو ڪاوڙ ۾ اچي اظھار جي آزادي تي حملا ڪرڻ جي شروعات ڪندو آھي، ميڊيا تي بندش لڳائيندو آھي، پنھنجي ماتحتي ۾ ھلندڙ ادارن کي مخالف سياستدان، ميڊيا يا صحافين جي خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏيندو آھي، جيڪڏھن حاڪم وقت جي صورتحال اڃان خطري ۾ ھجي، ڪرسي کي وڏو لوڏو ھجي، اتحادي ھٿ ڍرا ڪندي محسوس ٿين تہ انھي ۾ ھو وڏي غلطي ڪري ويندو آھي، اھا غلطي ناقابل برداشت ھوندي آھي، عمران خان صاحب انھي طرف وڃي رھيو آھي.
پرويز مشرف جي شروع کان آخري ڏينھن جي ڪارگذارين جو آئون اکين ڏٺو شاھد انھي جي ڪري آھيان جو اسلام آباد ۾ رھي اھي سموريون خبرون اسان رپورٽ ڪيون آھن، 12 مئي تي فتح جو جشن ملھائڻ کان وٺي ججن کي گهرن اندر نظربند ڪرڻ يا ججن جي گهرن جو سامان ٻاھر ڦٽو ڪرڻ وارا اھي سمورا عمل پرويز مشرف اقتدار وڃڻ جي خوف ۾ اچي وائڙپ ۾ ڪيا،پرويز مشرف کي جڏھن لڳو تہ اقتدار تي سندس گرفت ڪمزور ٿي رھي آھي تہ ھن مخالف ڌر جيڪا اڳ ۾ ئي ملڪ وري نٿي سگھي، انھن تي ڌرتي وڌيڪ ٽامو ڪري ڇڏي، عمران خان صاحب اھو ڪم شروع ڏينھن کان ڪري رھيو آھي، مشرف جي آخري ڏينھن ۾ اسلام آباد کي سيڪيورٽي زون ۾ تبديل ڪيو ويو، ميڊيا تي بندش جو ھڪ سلسلو شروع ڪيو ويو، ابتي سبتي قانونسازي جا نوان داستان قائم ڪيا ويا،يعني انھي جي لاءِ بہ پارليامنيٽ مان قانونسازي بدران صدارتي آرڊيننسز تي زور ڏنو ويو، ھزارين ماڻھن جي جلسن کي جلسيون قرار ڏنو ويندو ھو،انھي وقت جا گوئبل محمد علي دراني ۽ مملڪتي وزير عظيم سڀ ڪجھ سٺو آھي جي رٽ لڳائي نہ ٿڪبا ھئا،اھي وزير روڊن تي ڪٽبا ھئا يا صحافين جي سچ تي تپي باھ ٿي ويندا ھئا،ان وقت سوشل ميڊيا ايتري ترقي نہ ڪئي، نہ وري پاڪستان ۾ ٽوئيٽر ايترو سگھارو ھو، انھي جي ڪري ٽرولنگ وغيرہ جي سلسلن ڪم شروع نہ ڪيو ھو،پر مخالفن جي لاءِ پاڪستان جي ڌرتي سوڙھي ڪئي وئي، رڳو ايترو ئي نہ پر ميڊيا تي بندش مخالفن جي گرفتاري کانپوءِ ھڪ مرحلي تي آئين کي سبوتاز ڪري ججن کي گهر ڀيڙو ڪيو ويو، انھي جو ڪارڻ ٻيو ڪو بہ ھو رڳو ۽ رڳو پنھنجي ذاتي اقتدار جي بقا جو سوال ھو پرويز مشرف انھي کي پاڻي ڏئي رھيو ھو، ق ليگ انھي فوجي آمر سان ھا ۾ ھا ملائي رھي ھئي،ق ليگ جي حالت اھا جو آئين کي ٽوڙڻ، عدالتي آزادي تي راتاھو ھڻڻ، ميڊيا تي بندش ھڻڻ واري پرويز مشرف جي قدمن جي حمايت ۾ پارليامينٽ کي استعمال ڪري اتان قراداد منظور ڪرائي وئي، جئين تہ انھي وقت پرويز مشرف جي اقتداري ٻيڙي لوڏن ۾ ھئي انھي اقتدار کي بچائڻ خاطر ھن رڳو ھڪ اداري کي استعمال نہ ڪيو پر سمورن ادارن کي ھڪ ئي وقت استعمال ڪيو، اڄ جي وزيراعظم جي حالت بہ ساڳي آھي، اڄ بہ آئي جي اسلام آباد جي چونڊ وزيراعظم پاڻ ڪري ٿو، مون کي پوليس جي ئي ھڪ آفيسر ٻڌايو تہ خانصاحب جي پنھنجي پسند آھي انھي سان ڊاريڪٽ آھي،ايف آئي اي ۾ جيڪي ڪم بشير ميمڻ نہ ڪيا اھي ھاڻ نئون باس ڪري رھيو آھي، اسلام آباد ھائيڪورٽ جون ايف آئي اي جي حوالي سان آبزرويشن انتھائي خطرناڪ آھن. ٻيو تہ ٺھيو وزيراعظم پارليامنيٽ کي بہ پنھنجي مفاد، اقتدار جي بقا جي لاءِ استعمال ڪري رھيو آھي، وزيراعظم کي فيصلا سازي جو اختيار پارليامينٽ کي ڏيڻ گهرجي،ملڪ جي معاشي، پرڏيھي ، دفاعي، سيڪيورٽي معاملن تي پارليامينٽ کي نہ بحث جي اجازت آھي، فيصلا سازي يا پاليسي سازي تہ پري جي ڳالھ آھي پر وزيراعظم جڏھن چاھي ٿو تہ پرسن اسپيسفڪ قانون منظور ڪرائي وٺي ٿو،بدقسمتي آھي جو سينيٽ ۾ اپوزيشن پنھنجو ڪردار بہ ادا ڪرڻ جي پوزيشن ۾ناھي، اقتدار تي گرفت مضبوط ڪرڻ، ايندڙ چونڊن جي لاءِ ڌانڌلي جي منصوبابندي جي قانونسازي، اليڪشن ڪميشن جا اختيار گھٽائڻ وارن بل کي بلڊوز ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪرڻ يا وري آرڊيننس جاري ڪري ادارن تي اثر انداز ٿيڻ جي ڄڻ تہ حاڪم وقت جي عادت پئجي وئي آھي.
جيڪو حاڪم پنھنجي انا جي تسڪين خاطر قانون ئي بدلائي ڇڏي يا نئون قانون ٺھرايو ڇڏي اھو اسٽيٽس مين يعني دانا سياستدان ڪئين ٿو ٿي سگھي؟ حاڪم، بادشاھ يا مطلق العنان اِئين ڪندا آھن ھتي تہ کيس جمھوري وزيراعظم چيو وڃي ٿو، گھمنڊجي گهوڙي تي سوار حاڪم پنھنجي ڪچن ڪابينا کان سواءِ ڪنھن جي حيثيت مڃڻ جي لاءِ تيار ناھي، انھي جو ھڪڙو مثال انھي سوين مثال ڏئي سگھجن ٿا.نيب چئرمين جي مقرري جي لاءِ قانون چوي ٿو تہ وزيراعظم کي اپوزيشن ليڊر سان مشاورت ڪرڻي پوندي،وزيراعظم پنھنجي روح جي تسڪين جي لاءِ انھي قانون کي ئي بدلائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، نتيجي ۾ لانجھي قسم جي قانونسازي ڪئي وئي، اليڪشن ۾ ڌانڌلي ڪرڻ جو طئي ڪيو ويو، وزيراعظم ھدايت ڪري ڇڏي تہ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي استعمال جو قانون منظور ڪرايو وڃي،، پارليامينٽ کي وزيراعظم جي مرضي جي ماتحت ڪيو ويو، اپوزيشن جي گرفتار ميمبرن جا پراڊڪشن آرڊر جاري نہ ٿيندا، وزيراعظم جي وات مان نڪتل جملن کي قانون سمجھي ايوان جي نگھبان اسپيڪر اپوزيشن جي ميمبرن جا پراڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ بند ڪري ڇڏيا، ذاتي تسڪين يا مفاد جي لاءِ پرسن اسپيسفڪ قانونن کي عدالتون اڏائينديون رھيون آھن، پر جئين تہ خانصاحب خاص ماڻھو آھي انھي جي ڪري ادارن سندس سھوليتڪاري جو ڪردار ادا ڪيو آھي،پر خير جڏھن حاڪم وقت جي اقتدار تي گرفت ڪمزور ٿيندي آھي تہ انھي جون نشانيون واضع طور سامھون ڏسڻ ۾ اينديون آھن، ساڍا ٽن سالن جي عرصي ۾ خانصاحب جي ڪتاب ۾ اپوزيشن جون خرابيون ضرور آھن پر پنھنجي ڪاميابين وارا صفحا اڃان تاِئين خالي آھن، انھي صورتحال کي نظر ۾ رکي جيڪڏھن ڏسجي تہ خانصاحب ايندڙ چونڊن ۾ ٻاھر نڪرڻ جي پوزيشن ۾ نہ ھوندو، سندس پارٽي جي حيثيت ڪنھن بہ سرڪاري يا غير جمھوري ماڻھن جي ٺاھيل پارٽي جي حيثيت وڃي رھندي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے