اسٽيبلشمينٽ سان رابطا ناهن، ملڪ ۾ هن وقت جهنگ جو قانون لاڳو ڪيل آهي: عمران خان

خبرون

 اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته منهنجا اسٽيبلشمينٽ سان ڪي به رابطا ناهن، ملڪ تي قبضه گروپ مڙهيا ويا آهن، هن وقت جهنگ جو قانون لاڳو ٿيل آهي.
زمان پارڪ لاهور ۾ صحافين سان ڳالهين دوران عمران خان چيو ته منهنجو هن وقت اسٽيبلشمينٽ سان ڪوبه رابطو نه آهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ملڪ مٿان قبضه گروپ جو راڄ آهي قانون جي حڪمراني قائم ڪرڻ کان سواءِ پاڪستان جا مسئلا حل نٿا ٿي سگهن. نيب قانون ۾ ترميم ڪري 1100 ارب روپين جي ڪرپشن جا ڪيس ختم ڪيا ويا.
اڳوڻي آرمي چيف جنرل(ر) قمر جاويد باجوه تي هڪ دفعو ٻيهر تنقيد ڪندي عمران خان چيو ته جنرل(ر) قمرجاويد باجوه جا اسان جي حڪومت سان سٺا ريليشن رهيا. باجوه هن ملڪ تي وڏو ظلم ڪيو. جنهن سبب اسان ڊيفالٽ جي ويجهو پهچي چڪا آهيون. عمران خان چيو ته اسٽيبلشمينٽ جو نالو جنرل باجوه هو. آمريڪا ۾ منهنجي خلاف لابنگ جي لاءِ حسين حقاني جون خدمتون حاصل ڪيون ويون. آمريڪا کي اهو تاثر ڏنو ويو ته جنرل باجوه آمريڪا جو حامي آهي ۽ مان آمريڪا جو مخالف آهيان.
پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته جنرل باجوه جي ويجهو سياستدانن جي ڪرپشن بي معنيٰ هئي، مان جنرل(ر) باجوه کي سمجهائيندو رهيس ته ڪرپشن وڏو مسئلو آهي. باجوه جي سُهري جون ڪرپٽ ٽولي سان دوستيون هيون. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ٽيڪنو ڪريٽ حڪومت آڻڻ جو شوشو ڇڏيو پيو وڃي. مون کي هن وقت چونڊون ٿيندي نظر نه پيون اچن. حڪومت کان وڌيڪ پٺيان ويٺل ماڻهن جو چونڊن لاءِ راضي ٿيڻ ضروري آهي.
عمران خان چيو ته ايندڙ عام چونڊن ۾ جيڪڏهن ڪا پوليٽيڪل انجنيئرنگ ڪئي وئي ته نتيجا بهتر نه هوندا. پاڪستان جي سڀني کان وڏي پارٽي جو مينڊيٽ نه مڃيو ويو. عمران خان چيو ته اسان جي حڪومت ۾ 5 سيڪڙو ڊيفالٽ جو خطرو هو جيڪو هاڻ 90 سيڪڙو ٿي چڪو آهي. مسلم ليگ(ن) ۽ پيپلز پارٽي جا مفاد پرڏيهي ملڪن ۾ آهن. جڏهن ٻنهي خاندانن جا مفاد پاڪستان سان جڙيل ناهن ته ان سان ميثاق معيشت ڪيئن ڪنداسين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *