نور الهديٰ شاهه

اسان جي سڳي ماءُ ۽ ويڳي رياست

اوهانجو موقف ليکڪ نورالهديٰ شاهه

نورالهديٰ شاهه

مون کي ان ڳالهه تي خوشي ٿي رهي آهي ته مون هي هر PDMA Sindh پاران ٻه ميسيج اچن ٿا هڪ اردو ۾ ۽ ٻيو انگريزيءَ ۾ جن ۾ چيل هوندو آهي ته اوهان پرڏيهه جو سفر ڪري آيا آهيو تنهنڪري پاڻ کي گهر تائين محدود رکو ، هاڻي ڪجهه ڏينهن کان فون اچڻ شروع ٿي ويا آهن،

اوهان جي طبعيت ڪيئن آهي؟

ڪورونا جو ڪو آثار ته نه آهي؟

پليز اوهان پنهنجو خيال رکيو..

اسان جو نمبر محفوظ رکو ڪوبه مسئلو ٿئي ته اسان کي فون ڪريو اسان حاضر ٿينداسين.

دل کي بي انتها خوشي ٿيندي آهي ته منهنجي مرڪزي رياست ماٽيلي ئي سهي، اسان جي سنڌ حڪومت هڪ ماءَ وانگر منهنجو خيال ڪري رهي آهي.، منهنجي طبيعت پڇي رهي آهي، مون کي دلجاءِ ڏئي رهي آهي، ڪوبه خيال نه ڪر مان تنهنجي لاءِ حاضر آهيان ، پنهنجي هجڻ جو احساس ڏياري رهي آهي.

نه ته انهيءَ سنڌ حڪومت ۽ پيپلز پارٽيءَ سان منهنجي ناراضگي پڻ رهندي آهي ۽ ڪافي معاملن تي جڳڙا پڻ ٿيندا رهندا آهن، اڪثر ڪري اهو ئي سمجهيو ويندو آهي ته مان سنڌي آهيان، ان ڪري پيپلز پارٽيءَ جي مداح آهيان، اهڙي قسم جي تعصب سان ڀريل ڪمينٽس پڻ ٻڌل لاءِ ملندا رهندا آهن. اهڙن ڪميٽس کي گُهٽو ڏئي ان ڪري اڳتي وڌي ويندي آهيان جو مان تعصب کي اڳ ئي گُهٽو ڏئي ماري چڪي آهيان ۽ هڪ سڪون واري زندگي گذاري رهي آهيان.

اسان پيپلز پارٽيءَ جي وزيرن سان سندس سامهون جهڙي نموني تنقيد ڪندا آهيون ۽ وڙهندا آهيون، ان جي بجاءِ جيڪڏهن ٻي ڪا حڪومت هُجي ها ته اسان کي ننگيون گاريون ڏيندڙ ڪا ٽيم اسان جي پويان لڳائي ڇڏي ها. ۽ اسان وري ڀريل هجوم ۾ اسٽيج تي بيهي انهن کي جيڪو دل ۾ اچي ها چئي ڏيون ها.

اسان کي پيپلز پارٽيءَ جي سٺاين جي به خبر آهي ته براين جي به خبر آهي، انهن ڪڏهن به اسان کي غداريءَ جو سرٽيفڪيٽ نه ڏنو، ڪافر نه چيو پر اڳتي وڌي انهن وضاحت پيش ڪئي، ڪجهه ئي ڏينهن ٿيندا ته مان بلاول جي ويجهي ساٿيءَ تي فون تي چڙي پيس ته بلاول ڪٿي آهي؟. ان کي چئو ته ٻاهر نڪري ماڻهن کي منهن ڏيکاري مون کي جيڪو زبان تي آيو ان کي چئي ڏنم، اڳئين ڏينهن بلاول کي پريس ڪانفرنس ڪندو ڏسي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. جذباتي ٿي ان ماڻهو کي ئي هڪ وائيس ميسيج ڪري ڇڏيم، ” اها ٿيندي آهي ڳالهه، اڳواڻ اهو ئي ٿيندو آهي جيڪو مقتولن سان گڏ بيٺو هُجي، اها ئي مقتولن جي نسل جي سڃاڻپ هوندي آهي. جواب آيو ته مون اوهان جو ميسيج موڪلي ڇڏيو آهي.

اڄ پيپلز پارٽي سنڌ ۾ رهندڙ ماڻهن جي ماءُ بڻجي بيٺل آهي، منهنجو خير آهي پر اها ماءُ اڄ سنڌ ۾ جيئن ماڻهن جون زندگيون بچائڻ لاءِ جتن ڪري رهي آهي، اهو سولو ڪم نه آهي.

حقيقت ۾ اهو به هڪ ماءُ ئي ڪري سگهندي آهي ته پنهنجي بدتميز، لاڏلن، ناسمجهه ٻارن کي مصيبت ۾ سنڀاليندي آهي ۽ انهن کي سيني سان لڳائيندي آهي، آخر ڪار ماءُ ته ماءُ ٿيندي آهي.

اڄ سنڌ حڪومت حڪومت جي سرٽوڙ ۽ سر گهريندڙ جدوجهد جي ثمر ” تمغو“ پنهنجي سيني تي سجائڻ گهري ٿي، اسان جي وات مان گرهه ڪڍڻ لاءِ هاڻي تيار ٿيل اسٽيج تي اچي بيٺي آهي، پر اسان کي اها چڱي طرح خبر آهي ته اسان جي سچي ماءَ ڪير آهي ۽ اسان جا ويڳا ڪير آهن.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے