owais tauheed

اسان جي بي نور معاشري جي ڪهاڻي

اويس توحيد چونڊمواد ليکڪ

اويس توحيد

اڄ ان منظر کي چئن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصو ٿي چڪو آهي پر اڄ به منهنجي يادداشت اهو منظر چٽيل آهي، لاڙڪاڻي ۾ منهنجي گهر جي چائنٺ تي منهنجي گهر ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪرو رت ۾ ٻڏل ڪپڙن سان وڏا رانڀاٽ ڪري روئي رهيو هو، اسان ان کي مشتاق ڀائي چئي ڪري سڏيندا هياسين، ان سان گڏ ان جي ننڍڙي ڀيڻ انتهائي ڊنل حالت ۾ ويٺل هُئي، منهنجي ناني ۽ منهنجي والده انهن کي دلاسو ڏئي رهيا هيا، پر هو مسلسل رڙيون ڪندو رهيو، سندس ڪپڙا رت سان ٻڏل ئي رهيا. شام جو مون کي گهر جي عورتن جي ڳالهه ٻولهه مان ڪجهه اندازو ٿيو، مون پهريون دفعو ” ڪارو ڪاري“ يا ” عزت جي نالي تي قتل” جي فرسوده روايت جو ذڪر ٻڌو هو، ڪارو ڪاري جي قتل جي الزام ۾ مشتاق جي ماءُ ۽ ان جي ڳوٺ جو هڪ ماڻهو مارجي ويا هيا، مشتاق جي پيءُ ٻنهي کي قتل ڪري پاڻ کي ٿاڻي تي پيش ڪيو هو. مشتاق جي ماءُ جو ڏوهه رڳو اهو هو ته کيس ٻنيءَ مان ايندي ڪنهن کيس هڪ ماڻهوءَ سان گڏ ٻنهيءَ مان ايندي ڏٺو هو، مشتاق جي ماءُ جو لاش ڳوٺ ۾ پيل رهيو جيڪو ان وقت تائين دفنائجي نه سگهيو هو جيستائين منهنجي نانيءَ پنهنجو خانداني اثر استعمال ڪري ان جي لاش کي واپس نه آندو هو.

اها دشمني ايترو وڌي وئي جو نسلن تائين جاري رهي، منهنجي يادن ۾ لاڙڪاڻي جا ڪيترائي ڪردار آهن، انهن مان هڪ ڪردار اسان جي پاڙي جي هڪ ڪپڙن ڌوئڻ واري عورت جو به آهي جنهن کي هرڪو ” حنيف جي ماءُ“ چوندو هو، حنيف جو اڪيلو پٽُ پاڪستان چونڪ تي هڪ حجم جي دڪان ۾ ڪم ڪندو هو ۽ شام جو واندو ٿي پاڙي جي گهٽين ۾ بدمعاشي ڪندو هو حنيف جي ماءُ اسان جي گهر ايندي ئي اسان جي ناني جيڪا پنهنجي سامهون پاندان سجائي رکندي هوئي، سوپاريون ٽڪر ڪندي چوندي هُئي، وري اڄ نڀاڳيءَ مڙس جي مار کاڌي آهي، هوءُ ڏنڊي سان ڪپڙا نه پر ڄڻ پنهنجي قسمت کي ڏنڊن سان ڪٽيندي رهندي آهي.

مون کي اسان جي پاڙي جي گهرن مان غلاظت صاف ڪندڙ شانتي به ياد آهي ، اسان جڏهن به اسڪول کان واپس ايندا هياسي تڏهن کيس پنهنجي گهر جي آڳر ۾ ويٺل ڏسندس هياسي ۽ هُوءَ اڪثر ڪري منهنجي ماءُ ۽ نانيءَ کي فلمن جون ڪهاڻيون ٻڌائيندي رهندي هُئي يا وري پاڙي جي بجليءَ جي ٿنڀي جي هيٺيان يا پان جي دوڪان تي پاڙي جي اوباش ڇوڪرن جون شڪايتون ڪندي نظر ايندي، يا وري پنهنجي ڌيءُ نرملا جي مستقبل جي باري ۾ فڪرمند نظر ايندي هُئي، ناني کيس اڪثر ڪري چوندي هُئي، شانتي جيڪڏهن تنهنجو وس پڄي ها ته تون شميم آرا جي روپ ۾ جنم وٺين ها.

هڪ ڏينهن جڏهن اسان اسڪول مان واپس آياسين ته شانتيءَ کي پنهنجي گهر جي ٻاهران روئيندي ڏٺوسين، هوءَ مسلسل روئي رهي هُئي اسان کيس دلاسا ڏنا ۽ همٿ ٻڌائي کيس گهر جي چائنٺ تي ويهاريو ۽ ان بعد پاڻي پياريو، بعد ۾ معلوم ٿيو ته شانتي پاڙي ۾ رهندڙ هڪ انگريز نما آغا صاحب جي ستايل آهي جنهن مٿس جنسي حملو ڪيو پر شانتي ڪنهن نه ڪنهن نموني سان پاڻ کي بچائي ڀڄي آئي، اسان پنهنجي وڏي ڀيڻ کي صورتحال کان واقف ڪيو ۽ کيس انصاف ڏيارڻ لاءِ ان کي مدد ڪرڻ لاءِ چيو. اسان درخواست لکي ۽ شام جو اسان جي خاندان جو دوست ڊپٽي ڪمشنر جڏهن اسان جي گهر آيو ته اسان کيس صورتحال کان آگاه ڪيو درخواست ڏيندي کيس انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ اپيل ڪئي،

اسان کي ڪهڙي خبر ته ڊپٽي ڪمشنر اها درخواست اسان جي نانيءَ کي ڏئي ڇڏيندو. درخواست ۾ جڏهن سيني ۽ ڪلهن جي ذڪر سميت آغا صاحب جي حرڪتن جو ذڪر آيو ته ناني غصي ۾ ڳاڙهي ٿي وئي اسان کي ڊو تي درڙڪا مليا ۽ شانتيءَ کي الڳ سان صلواتون ٻڌڻيون پيون، پر خير ”شانتيءَ جي ڀلائيءَ“ ۾ فيصلو ڪجهه هن ريت ٿيو ته معاملي تي پردو وڌو وڃي نه ٻي صورت ۾ شانتي محلي ۾ ڪم ڪري نه سگهندي، يعني شانتي ” بدنامي“ جو بار کڻي نه سگهندي ۽ آغا صاحب جهڙن معاشري جي ”عزت دار مردن“ تي ڀلا ڪهڙي نموني الزام لڳائي سگهجي ٿو. ان بعد مهينا ۽ سال گذري ويا مشتاق جي ماءُ، حنيف جي امان ۽ شانتيءَ جهڙيون هزارين عورتون هرسال عزت جي نالي تي ڪڏهن گهريلو تشدد، ڪڏهن گينگ ريپ ۽ وري ڪارو ڪاريءَ جي موت مرنديون رهيون، جنهن مان ائين ٿو لڳي چڻ عورتن جي زندگين ۾ ڪڏهن بهار ايندي ئي نه آهي. اڄ کان ويهه سال اڳ جو واقعو آهي، پر اڄ به منهنجو وجود ان واقعي جي ياد ڪري لرزي ويندو آهي، جڏهن اسان جي هڪ دوست جي گهر واري چهري ۽ جسم جي ٻين حصن تي تشدد جي سان پنهنجي ننڍڙي نياڻيءَ کي ساڻ ڪري اسان جي گهر پناهه وٺڻ آئي هُئي، ان وقت مون کي انهيءَ تلخ حقيقت جو احساس ٿيو ته عورتن تي ٿيندڙ تشدد ڪنهن هڪ طبقي تائين محدود نه آهي. اهڙي ئي نموني هڪ عورت جنهن جو نالو سامعه هيو ۽ هوءُ پشاور جي رهندڙ هُئي سندس خاندان هڪ تعليم يافته خاندان هيو، چيو ٿو وڃي ته سامعه جي والدين ڪرائي جي قاتلن ذريعي کيس عورتن جي هڪ شيلٽر هائوس ۾ قتل ڪرايو.

سامعه کي عزت جي نالي تي قتل ڪرايو ويو جڏهن ته مختاران مائيءَ خلاف گينگ ريپ جو فيصلو هڪ جرڳي گڏيل طور تي ٻڌايو هو، مختاران مائي جو تعلق ڏکڻ پنجاب سان هو ۽ ان ئي علائقي جي هڪ انتهائي بااثر کرخاندان جي ننهن پنهنجي ئي مڙس هٿان تيزاب ذريعي ساڙي وئي، ڪيترين ئي آپريشنز بعد هُن اٽليءَ جي اسپتال ۾ جتي هو علاج هيٺ هُئي ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي.

سماج جو امير طبقو هُجي يا غريب، تعليم يافته هُجي يا تعليم کان ڪوهين ڏور، قبائلي نظام جو هُجي يا وري جاگيرداري دور جو آخر ڪار عورتن تي ئي ظلم ڇو ٿو ٿئي؟، اهو هڪ اهم سوال آهي. ملڪ ۾ عورتن جي ڊگهي جدوجهد بعد عورت خلاف ٿيندڙ تشدد، ريپ، ڪاروڪاري ۽ جنسي طور تي هراسان ڪرڻ جي ڏوهن خلاف قانون تي ٺهي ويا آهن پر انهن ته عمل ڪرائڻ پنهنجي جاءِ تي هڪ ٻئي انتهائي سخت جدوجهد جي تقاضا ڪري ٿو.

ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو آهي ڄڻ عورتن جي سامهون ايندڙ رڪاوٽن کي دور ڪرڻ ست سمنڊ پار ڪرڻ جي برابر آهي، رياست جي بنيادن ۽ مردن جي بالادستيءَ واري معاشري جي تهن ۾ انتها پسندي ۽ انهن جا محافط پهري تي موجود هوندا آهن، بس ائين سمجهو ته اهي سڀئي قوتون جهڙوڪر عورتن جي زندگيءَ کي قيد ڪرڻ جي لاءِ ئي آهن. رياست ۽ معاشري ۾ عورتن تي تشدد ڪندڙن کي ڄڻ ته قبول ڪيو ٿو وڃي، اهڙين ڏوهارين کي معاشري ۾ سزا جو ڪوبه خوف نه آهي. عورتن خلاف اهڙا سنگين ڏوهه خاندان، معاشري ۽ رياست جي ڪردار ۾ گهر ڪري ويهي رهيا آهن، جتي عورتن کي پنهنجي وجود جي احساس زندگي گذارڻ لاءِ هر لمحي ۽ هر موڙ تي جنگ ڪرڻي پوندي آهي.

ڊاڪٽر خديجه تي چاقوءَ سان ٽيويهه وار ڪندڙ ملزم ٽن سالن بعد آزاد ٿي ويو، مختاران مائي ڪيس جي جوابدار ناپخته ثبوتن جي آڌار تي آزاد ٿي ويا ان جي ابتڙ مختاران مائيءَ کي ئي طعنن جو نشانو بڻايو ويو ان جي مدد ڪندڙ عورتن کي اولهه جون متاثر ۽ ملڪ دشمن قرار ڏنو ويو، افسوس اهو آهي جو جرم به عورتن جي خلاف ٿيندو آهي ۽ وري مجرم به عورتون ئي قرار ڏنيون وينديون آهن، اهو ڪٿان جو انصاف آهي؟، ٻار پيدا نه ٿي ته تڏهن به عورتن جو قصور آهي، ڪنهن بازار يا اسڪول يا ڪاليج ويندي بدمعاشي ڪئي ته به عورت جي گهر کان ٻاهر نڪرڻ تي پابندي لڳائي ويندي، جيڪڏهن ڪو ريپ جو ڪيس ٿئي ٿو ته تڏهن به قصور وار ڇوڪري ئي هوندي آهي ته اها آخر ڪار ان جاءِ تي ڇا ڪري رهي هُئي؟. ڪپڙا اهڙا پاتل هوندس جو ماڻهوءَ جو من هرکجي پيو هوندو وغيره وغيره. گذريل سال لاهور موٽر وي تي هڪ عورت جو گينگ ريپ ٿيو، ان ڏس ۾ پنجاب جي آءِ جيءَ جو بيان ته اوهان کي ياد هوندو، اسان جي معاشري ۾ عورت رات جو اڪيلي سر گاڏي ڇو ٿي هلائي؟.

جيڪڏهن ڪا عورت زيادتيءَ خلاف انصاف وٺڻ لاءِ سندرو ٻڌي بيهي ته ان کي باغي، فحش ۽ بي حيا جي لقبن سان پڪاريو ٿو وڃي، بس معاشري ۾ موجود گندي سوچ کي تبديل نه ڪرڻو آهي جنهن ڪري معاشرو کي اڏهي کائي وئي آهي، معاشري ۾ اهڙي سوچ جا رکولا ميڊيا جي ادارن، ٽي وي چينلز ۾ اينڪرن جي صورت ۾ پڻ موجود آهن. اڳوڻي بيوروڪريٽ اوريان مقبول جان ڪيترن ئي سالن کان رٽائرمينٽ بعد هڪ ٽي وي چينل تي لڏو لاهي رکيو آهي ، ڪڏهن ملاله جي خلاف سازشي ٿيوريز پيش ڪندو آهي ۽ ڪڏهن ڪرڪيٽ جي جنون ۾ مبتلا ڇوڪرين جي لباس کي بي حيائي قرار ڏيندو آهي ۽ وري ڪڏهن تحريڪ لبيڪ جي جلسي ۾ تقرير ڪندو آهي، ان کان سواءِ هڪ ٻيو ناميارو ڪالم نگار به آهي جيڪو پڻ اهڙن خيالن جو مالڪ آهي، جڏهن سوات ۾ طالبان پاران عورتن کي ڪوڙا هنيا پئي ويا ۽ اهڙي وڊيو منظر عام تي آئي ته ان جو چوڻ هيو ته مذهب جي حوالي سان عورتن کي ڪوڙا هڻڻ ٺيڪ آهي، ان کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي ڪردار آهن جيڪي پڻ سڌو سنئون يا ان سڌي طرح سان طالبان جا سوچ جي حمايتي آهي.ڊرامه نگار ۽ شاعر قمر خليل ابراهيم به اسان جي معاشري جو هڪ ڪردار آهي جيڪو معاشري ۾ مشهور به آهي ۽ ان جي سوچ به ڪنهن کان لڪل نه آهي. اهڙي قسم جي ڪردارن کي ٽي وي ۽ اخبارن ۾ ڪافي جڳهه پڻ ملندي رهندي آهي.

معاشري ۾ قدامت پسند سوچ هڪ اهڙو تصوراتي محل جوڙي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ڄڻ عورتن کي هر آزادي حاصل هُجي، رياست جي قانونن ۽ مذهب جي اصولن مطابق عورتن کي مڪمل حق ملندا هجن. ڪجهه سالن کان نئين نسل سڄي ملڪ ۾ ” عورت مارچ“ جو انعقاد ڪري سڌو سنئون يا اڻ سڌي نموني فرسوده روايتن ۽ معاشري جي انهيءَ مڪروه روپ خلاف بغاوت جو اعلان ڪيو آهي. نئين نسل جي نئين سوچ ” منهنجو جسم، منهنجي مرضي“ جو پوسٽر انتهائي تڪراري پڻ ٿي ويو هو، ان بعد اهڙين عورتن تي ڪڏهن فحاشي ۽ ڪڏهن بي حيائي ڦهلائڻ جو الزام مڙهيو ٿو وڃي. جڏهن ته اهڙن جلسن ۾ شريڪ عورتن خلاف ” توهين رسالت“ جا پرچا به ڪٽرايا يا وڃن.

عورت کي معاشري ۾ ڀيڻ، ماءُ ۽ ڌيءُ جي حيثيت ۾ سڃاڻپ ڏني وئي آهي، پر ان ڳالهه کي تسليم نه ٿو ڪيو وڃي ته ان جي وجود جي به ڪا سڃاڻپ آهي ۽ ان ئي سڃاڻپ ۾ سندس جي آزادي لڪل آهي. نئين نسل جي جدوجهد به اهڙي حق ۽ آزاديءَ جي لاءِ جنهن تي وري وري ڪري وار ڪيا ٿا وڃن، حيدرآباد ۾ قرت العين ۽ اسلام آباد ۾ نوري مقدم جي بي رحماڻي قتل اسان جي دل جهوري ڇڏي آهي. گذريل ڏينهن منهنجي ڏيءُ واٽس ايپ تي پنهنجين دوستن سان ڳالهه ڪري رهي هُئي، اسان لاءِ اها ڳالهه فڪر لائق آهي ته ڇا اسان جو ملڪ ڇوڪرين جي لاءِ محفوظ آهي؟“.

هاڻي اها اوهان جي مرضي آهي ته اوهان انهن ڇوڪرين کي اولهه کان متاثر چئو، معاشري جي فرسوده روايتن کي آڪسيجن ذريعي جيئرو رکو، معاشري کي ڪوڙن تصورن جي روپن سان عورتن خلاف تسلط قائم رکو، نور جي قتل بعد روايت اها ئي پراڻي آهي، سوال اهي ئي پراڻا آهن، مقتول ڇوڪري، قاتل ڇوڪري جي گهر ڇو وئي هُئي، اتي ڇا ڪري رهي هُئي؟، منهنجي خيال ۾ اها رڳو نور جي ڪهاڻي نه آهي پر اسان جي ”بي نور معاشري“ جي ڪهاڻي آهي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے