گجرات جي چوڌرين سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو انهن جهڙن سمورن سياسي گروپن لاءِ هڪ سبق کان گهٽ نه آهي، هاڻي ته گجرات جي چوڌرين کي به اها خبر پئجي وئي هوندي ته هو ڪيتري اگهه تي وڪامبا آهن ۽ انهن جو اگهه پار ڪير طئه ڪندو آهي، سياسي طور تي چيو وڃي ته انهن جي هٿ ۾ سڀ ڪجهه آهي، پنجاب جي حڪومت به چوڌرين جي قربانيءَ سان قائم آهي، مرڪز ۾ عمران خان سائيڪل ۽ جيپ ۾ سوار ٿي ڪري وزيراعظم هائوس پهتو، جڏهن ته پنجاب اسميبليءَ جو دروازو پرويا الاهي اسپيڪر جي حيثيت ۾ کوليندو ۽ بند ڪندو آهي.
هي سڀ ڪجهه هڪ پاسي آهي، ۽ عمران خان جو پير ۽ مرشد منشا هڪ پاسي آهي، جيئن کي سياسي جي ميدان ۽ حڪمران ڌر جي ڪنن تي اها ٻڙڪ پئي ته چوڌري ڀائر هاڻي اڏامڻ جي ڪري رهيا آهن تئين ئي سندن خلاف نيب جون ڪارروايون شروع ٿي ويون. اخبارن جون خبرون ۽ تجزه پڙهندا ته ائين معلوم ٿيندو ڄڻ گجرات جي چوڌرين ۽ شريف خاندان وچ ۾ اختلاف ختم ٿي ويا آهن ۽ هاڻي شريف خاندان جون اولادون ۽ گجرات جا چوڌري هڪ ئي خاندان سان تعلق رکن ٿا.
نيب جي رپورٽ موجب چوڌري ڀائرن بي نامي اڪائونٽس ذريعي 1985ع کان وٺي رقمون پئي وصول ڪيون آهن جن جو تخمينو 2 ارب 55 ڪروڙ آهي، جڏهن ته 2019ع کان سندن جي شيعرز ۾ واڌ 21- لکن مان وڌي ڪري 51- ڪروڙ روپين تائين وڃي پهتي آهي. جڏهن ته انهيءَ عرصي دوران چوڌري شجاعت 12- ڪروڙ 30 لکن جي پراپرٽي پڻ ٺاهي، جڏهن ته ان عرصي دوران سندس ٻنهي ڦٽن سال شجاعت ۽ شافع شجاعت پنهنجي تعلق وارين ڪمپنين کي ڏيڍ ارب روپين کان وڌيڪ جا قرض پڻ ڏنا.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته چوڌري شجاعت ۽ ان جي پٽن جي اڪائونٽس ۾ پرڏيهه کان 58- ڪروڙ 10 لک روپين پڻ وصول ڪيا ويا آهن، اهڙي رقم موڪليندڙن پنجن ماڻهن جو چوڻ آهي ته هُنن چوڌرين جي اڪائونٽ ۾ اهڙي قسم جي ڪابه رقم نه موڪلي آهي. جڏهن ته پنج ئي ماڻهو تفتيش ۾ شامل آهن.
پرويز الاهي ۽ ان جي خاندان جي ملڪيتن ۾ 1985ع کان 2018ع تائين 4.069 ارب روپين جو اضافو ٿيو آهي، ان خاندان 25- ڪروڙن جون ملڪيتون پڻ خريد ڪيون آهن. پرويز الاهيءَ جي ڪائونٽ ۾ 97- ڪروڙ 80 لک روپيه پرڏيهه مان موڪليا ويا، جڏهن ته پئسا موڪليندڙ ٽئي ماڻهو انهيءَ ڳالهه ڪا انڪاري آهن ته ڪو انهن پئسا موڪليا آهن هاڻي اهي ٽئي ماڻهو به تفتيش ۾ شامل آهن. نيب جو چوڻ آهي ته انهن گهنام اڪائونٽس ذريعي پرڏيهه مان پئسا گهرائي ظاهري طور تي مني لانڊرنگ ڪئي وئي آهي.
چوڌري ڀائرن کان ڪيترائي دفعا معلوم ڪيو ويو آهي ته انهن جي آمدنيءَ جي ذريعن وڌيڪ آمدني هجڻ جا ڪهڙا ذريعا آهن، پر هو هر دفعي اهو ٻڌائڻ ۾ ناڪام ثابت ٿيا آهن, تنهنڪري لاهور هاءِ ڪورٽ کي گهرجي ته سندن خلاف داخل ڪيل ڪيس خارج ڪيا وڃن. هاڻي چوڌري ڀائر پنهنجي خلاف ٿيندڙ اهڙي ڪارروائيءَ کي پنهنجي توهين سمجهن ٿا ۽ کين اهو ياد رکڻ گهرجي ته عمران خان جيتوڻيڪ سندن لاءِ وقتي طور تي محبت پالي آهي، پر هو اڄ به کيس پسند نه آهن ۽ جلسن جلوسن ۾ کين خراب لقبن سان پڪاريو ويندو آهي.
جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ عمران خان جي وزير اعظم ٿيڻ جي خواهش رڳو ان جي ڪري پوري ٿي نه سگهي جو هو چوڌرين کان سواءِ مشرف جو هر اول دستو ٿيڻ جو خواهشمند هيو، اهڙو اظهار ان وقت جنرل پرويز مشرف هڪ پريس بريفنگ ۾ ڪندي پڻ چيو هو ته عمران خان پاڻ هرتو وزير اعظم ٿي وڪيٽن جي ٻنهي طرفن کان پاڻ ئي کيڏڻ چاهي ٿو ، جيئن ته چوڌرين وٽ اسيمبلين جا ميمبر به هيا ۽ سندس جو ساڄو هٿ طارق عزيز به ان ڪري عمران خان جي دل ڳري نه سگهي.
اهي ڏينهن ۽ هي ڏينهن چوڌرين ۽ عمران خان جي وچ ۾ دوستي ڪڏهن به پڪي ٿي نه سگهي، اطلاع اهي به آهن ته عمران خان چوڌري پرويز الاهيءَ کان وڌيڪ ان جي پُٽق مونس الاهيءَ جو مخالف آهي، هو ساڻس ملاقات ڪرڻ به گوارا نه ٿو ڪري، ٻنهي ڌرين ۾ وٿيون هاڻي ايندڙ نسلن تائين وڌي ويون آهن ۽ مسئلا به ايندڙ نسلن تائين وڌي ويا آهن.
2018ع جي چونڊن ۾ پنجاب ۾ مذهبي ووٽ کي به زبردستي تحريڪ انصاف جي ووٽ سان جوڙيو ويو، لال مسجد واقعي بعد امن جو پکي ٿيندڙ چوڌري اڄڪلهه به اسلام آباد ۾ مندر جي تعمير جي خلاف بيهندي پنهنجو پاڻ کي ساڄي ڌر جي فڪر سان سلهاڙيون پيا اچن. پر عمران خان انهن جي سياست کي نقصان پهچايو آهي، نه خادم حسين رضويءَ تي چوڌرين جو وس ٿو هلي ۽ نه ئي وري جماعت الدعوه جي سياسي ڌڙي تي انهن جو ڪو اثر آهي. 2018ع جي سياست ۾ سامري جادوگر جيڪڏهن ٽوپيءَ مان ڪبوتر جي بجاءِ هاٿيءَ کي نه ڪڍي ها ته چوڌرين جي سياست ختم ٿيڻ واري هُئي، اهو ته ڀلو ٿئي سياسي ناخدائن جو جيڪي سياسي سچ اوڀي بجاءِ اولهه کان به اڀري وٺندا آهن. سياسي ناخدائن کي نواز شريف خلاف محاذ جوڙڻو هو تنهنڪري انهن هڪ ئي پرچن هيٺ سڀني کي گڏي ورتو پوءِ نه ڪو رهو چوڌري ۽ نه خان، سڀئي فيض ياب ٿي ويا آهي ۽ دوست بڻجي ويا.
سياسي موقعي جي ڳولا ۾ چوڌرين ٻن سالن تائين عثمان بوزادر کي به قبول ڪري ورتو، سندن خيال هيو ته عثمان بوزدار جي نالائقي سندن خال سنوي آنا ڏيندڙ ڪڪڙ ثابت ٿيندي، پرعثمان بوزادر وڃڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي، جيڪڏهن فرض ڪريو ته هو هليو به وڃي ٿو ته تڏهن به تخت لاهور نه ته بني گالا جي مريدن کي وقف ٿيندو ۽ نه ئي رياست گجرات کي. هاڻي چوڌرين جو مسئلو هي آهي ته انهن جو اثر رسوخ وڃي مقامي سطح تائين محدود ٿي ويو آهي، هو هاڻي جهڙوڪر پاڻ کي اقتدار ۾ ئي سمجهن ٿا، چوڌري شجاعت وزيراعظم ٻڻجي چڪو آهي، چوڌري پرويز الاهي ڊپٽي وزيراعظم ۽ پنجاب جو وزير اعلى ٿي ويو آهي. ان بعد هو گلي محلي جي سياست تي سوچ ويچار ڪري ٿڪجي پيا هوندا. هاڻي هو ڪجهه وڏو ڪرڻ گهرن ٿا پر غثمان بوزدار ۽ عمران خان جي هوندي سندس لاءِ ائين ڪرڻ ممڪن نه آهي، ان بعد هو جڏهن پنهنجو رخ راءِ ونڊ طرف ڪرڻ چاهين ٿا ته کيس ان ندامت جي نديءَ ۾ ٻڌڻو پوي ٿو پر هو چاهين ٿا ته ان ندامت جي نديءَ مٿان ڪا معاهدي جي پل تعمير ڪئي وڃي جيڪا ڳالهه ميان نواز شريف کي قبول نه آهي، جڏهن ته پرڻيون وارداتون جوڙ توڙ، ڌڙ بنديءَ وغيره لاءِ جهڙوڪر حالتون سازگار نه آهن. عمران خان جيڪو هن وقت زرهه پهري ويٺل آهي، اهو اهڙي ڪنهن به قسم جي وار کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندو. هاڻي چوڌري جي سڪون سان ويهڻ وارا نه آهن، انهن جي ڪوشش هوندي ته پنهنجي نيهن چوٽيءَ جو زور لڳائي عمران خان جي بازي پلٽي ڇڏين. اهڙي صورتحال ۾ نيب جي ذريعي کين پيغام ڏنو ويو ته اوهان جيڪڏهن اڏڻ جي ڪوشش ڪئي ته اوهان جي پر ڪٽي اوهان کي اونڌاهين زندانن ۾ قيد ڪري ڇڏبو. گجرات جي چوڌرين جي خلاف هاڻي جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو پاڪستان جي سمورين سياسي ڌرين ۽ ڌرڻ جي لاءِ ڪنهن به عبرت کان گهٽ نه آهي