ابراھيم ڪنڀر

آل پارٽيز ڪانفرنس کان اڳ ۽ پوءِ جي ڪھاڻي

ابراھيم ڪنڀر اوهانجو موقف ليکڪ

ابراھيم ڪنڀر

سياسي ڌرين جي آل پارٽيز ڪانفرنس، انھي کان اڳ اپوزيشن جي اڪثريتي پارلياماني ليڊرن جي عسڪري قيادت سان ملاقات، آل پارٽيز ڪانفرنس کانپوءِ انھي ملاقات جي ڳالھ ليڪ ٿيڻ، اي پي سي جي ڪامياب اتفاق کانپوءِ حڪومت جو دفاعي پوزيشن تي اچڻ وارا سمورا معاملا آھن جن تي بحث زورن تي آھي، شيخ رشيد ملڪ جو سينيئر سياستدان آھي پر ھن جي خرابي اھا آھي تہ فوجي آمريتي نظام ھن جو پسنديدہ نظام ۽ ھر اڀرندڙ سج جو سلامي ٿيڻ ھن جي پسنديدہ مصروفيت رھي آھي، ملڪ جي ھر باشعور ۽ ٿوري گھڻي سياسي سمجھ رکندڙ ماڻھو کي اھا خبر آھي تہ غيرسياسي قوتن جو سياستدانن سان ملڻ، ملڪي معاملن،قانونسازي، پرڏيھي معاملن تي بحث ڪري کين ھدايتون يا اتفاق ڪرڻ جا ڀاشن ڏيڻ خود ھڪ سياسي عمل آھي، پر شيخ رشيد چوي ٿو تہ عسڪري قيادت سياستدانن تي واضع ڪيو آھي تہ اسان کي سياست ۾ اچڻ جو ڪو شوق ناھي، شيخ رشيد جي بيان ، پريس ڪانفرنس، خطاب يا بريفنگ ۾ ڪڏھن بہ سويلين بالادستي، پارليامينٽري نظام جي مضبوطي، آئيني حڪمراني، قانون جي سگھ جو ڪو حوالو نہ ملندو، سندس تقريرون، تحريرون خطاب يا ميڊيائي ڳالھ ٻولھ ۾ سياسي بغذ، ساڙ، حسد سان گڏ طعني بازي ۽ انھي کان وڌيڪ بي ڍنگيون پيشنگيون، اڳڪٿيون ۽ اھي پيغام ملندا جيڪي پرچين تي وٽس ايندا رھيا آھن، ھن صاحب ملڪ ۾ جمھوريت مستقبل جي شاندار، باڪمال يا انھي جي روشن مستقبل بدران سدائين سياسي نظام يا پارليامينٽ تي راتاھي جو خوف ڏياريو آھي، ھن مضمون ۾ شيخ رشيد جو حوالو ڏيڻ انھي جي ڪري ضروري آھي جو شيخ رشيد آل پارٽيز ڪانفرنس کان ٻي ڏينھن سياسي ۽ عسڪري ڌرين ۾ ملاقات جي حوالي سان جيڪا خبر ڏني آھي انھي ذريعي ھن تاثر ڏنو آھي تہ اصل اي پي سي اپوزيشن جي نہ پر سياستدان ۽ عسڪري قيادت جي ملاقات واري آھي.
ھن ملاقات جي حوالي سان شيخ رشيد ٻاھر اچي اھو چيو جنھن جي کيس ھدايت ملي ھئي پر اھا ڳالھ ڪنھن کان ھضم ٿيندي تہ عسڪري قيادت سياستدان سان ملاقاتون ڪري، سياسي، معاشي، احتسابي، اليڪشن ۽ ٻين مسئلن کي بحث ھيٺ آڻي ۽ وري اھو چيو وڃي تہ عسڪري قيادت کي سياست ۾ نہ گھليو وڃي، ھڪ سياسي عمل کي غير سياسي ڪير قرار ڏيندو؟ آل پارٽيز ڪانفرنس انھي کان اڳ ۾ ھي سياسي نوعيت جي ملاقات، حڪومتي رد عمل وزيرن ج دفاعي پوزيشن تي اچي وڃڻ وارا سمورا معاملا پاڻ ۾ گڏجي ويا آھن،گڏيل معاملن جي انھي منجھيل سٽ کي سلجھائڻ جي ڪري ضروري آھي تہ شين کي ھڪ ھڪ ڪري ڏسجي، پھرين مرحلي تي آل پارٽيز ڪانفرنس جي ڪامياب ميڙاڪي ۽ انھي ۾ ميان نواز شريف جي شاندار تقرير،انھي کانپوءِ سمورين پارٽين جو پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تي متحد ٿيڻ، انھي سان گڏ حڪومت خلاف تحريڪ ھلائڻ جو ايڪشن پلان جوڙڻ آھي،انھي جي ڪري پاڻ سڀ کان پھرين آل پارٽيز ڪانفرنس جي ڳالھ ڪريون ٿا جنھن ۾ 11 سياسي ۽ مذھبي پارٽين جي نمائندن شرڪت ڪئي ۽ انھن گڏجي ھڪ اتفاق راءِ سان تيار ڪيل پڌرنامي تي صحيحون ڪيون،انھي کان پوءِ سمورين پارٽين جي اعلي قيادت گڏجي پريس ڪانفرنس ڪري انھن فيصلن جو اعلان ڪيو جيڪي انھي ڪانفرنس ۾ اتفاق سان ڪيا ويا آھن. آل پارٽيز ڪانفرنس جي فيصلن مان تہ بظاھر اھو نظر اچي رھيو آھي تہ ملڪ جي اپوزيشن ھڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي چڪي ايندڙ ڏينھن ۾ ھو حڪومت خلاف متحرڪ ٿيندي،اپوزيشن طئي ڪيو آھي تہ ھاڻ گهڻو ٿيو، سوا ٻن سالن موجودھ حڪومت کي جيڪي گل کلائڻا ھئا اھي کلي ويا، ھاڻ حڪومت ۽ خاص طور حڪومت کي آڻيندڙن جي خلاف پارليامينٽ کان روڊن تائين عوام کي متحرڪ ڪجي انھن قوتن جي روڪٿام ضروري آھن جيڪي ھاڻ چئي رھيون آھن تہ اسان کي سياست ۾ ملوث نہ ڪيو وڃي.
ھن آل پارٽيز ڪانفرنس جي ڪاميابي اھا آھي تہ فوجي آمر پرويز مشرف جي آمريتي دور کانپوءِ پھريون ڀيرو سمورين پارٽين نہ رڳو ھڪ وسيع تر اتحاد قائم ڪيو آھي پر غير آئيني حڪومت جي خاتمي واري اعلان سان گڏ گھڻي عرصي کانپوءِ سياسي ڌرين اسٽبلشمينٽ کي مخاطب ٿي چيو آھي تہ ھو سياست ۾ دخل اندازي ختم ڪري ڇڏي، پرويز مشرف جي خلاف تحريڪ ۾ انھي قسم جا آواز، نعرا، اعلان ٻڌڻ ۾ ايندا رھيا ھئا، آل پارٽيز ڪانفرنس جي 26 نڪاتي پڌرنامي کي پڙھڻ کانپوءِ اھو محسوس ٿئي ٿو تہ سياسي قوتن رڳو عمران خان خلاف سندرا نہ ٻڌيا آھن پر انھن ڌرين کي بہ واضع پيغام ڏنو آھي تہ عوام اسان سان گڏ آھي ۽ ھاڻ ڪير بہ اسان جي رستا روڪ نہ ڪري، انھي پڌرنامي کان اڳ ۾ ڪانفرنس دوران جيڪي تقريرون ٿيون يا اي پي سي کان پوءِ جيڪا پريس ڪانفرنس ٿي آھي انھي ۾ بہ واضع طور چيو ويو آھي تہ اپوزيشن رڳو حڪومت خلاف رستن تي اچڻ جي تياري نہ پئي ڪري اھو بہ طئي ڪيو ويو آھي تہ سياست کي يرغمال بڻائيندڙ غير سياسي قوتن جي چنبي مان بہ ملڪ ۽ سياسي نظام کي آزاد ڪرائڻو آھي. ارڙھين ترميم، اين ايف سي جي تحفظ ۽ صدارتي نظام جي ڪوششن جي نندا سميت سمورن معاملن کي اي پي سي جي پڌرنامي جو حصو بنايو ويو. .ھڪ منٽ جي لاءِ پاڻ انھي آل پارٽيز ڪانفرنس جي سموري ڪارروائي، سياسي ڌرين جي اتحاد، انھن جي پڌرنامي ، تقريرن ۽ پريس ڪانفرنس کي ذھن ۾ رکي وري انھن سياسي اڳواڻن جي عسڪري قيادت واري ملاقات ڏانھن ھلون ٿا.
اھا ملاقات ھاڻ ڳجھي نہ رھي آھي، گذريل ٻن ڏينھن کان ميڊيا تي انھي ملاقات ۾ شريڪ ماڻھن جو موقف اچي رھيو آھي، ھاڻ سموري ڳالھ کلي وئي آھي تہ انھي ملاقات ۾ پيپلز پارٽي جو چئرمين بلاول ڀٽو، اپوزيشن ليڊر ميان شھباز شريف، امير حيدر ھوتي، مولانا اسعد محمود، سراج الحق، شيري رحمان، احسن اقبال سميت اھم سياسي شخصيتن شرڪت ڪئي آھي، آھي، انھي ملاقات واري خبر کي سياسي اڳواڻن تہ ھڪ ھفتي تائين لڪائي ڇڏيو پر انھي ملاقات جي خبر جو ليڪ ٿيڻ واري ٽائيمنگ اھم آھي، آل پارٽيز ڪانفرنس جي ٺيڪ ٻي ڏينھن تي انھي وڏي خبر کي شيخ رشيد جي واتان ليڪ ڪرايو ويو، عسڪري قيادت سان ملاقات جي خبر شيخ رشيد جي واتان ليڪ ڪرائڻ مان ھڪ تاثر اھو اڀري ٿو تہ اپوزيشن جي آل پارٽيز ڪانفرنس ڪامياب ٿي آھي، انھي جي ڪري شعوري طور ڪوشش ڪري سياسي قيادت کي امتحان ۾ وڌو ويو آھي جئين عام ماڻھو اھو سمجھي تہ ھنن سياستدانن جو حال اھو آھي جو پنھنجي آل پارٽيز ڪانفرنس بعد ۾ ٿا ڪن پھرين لڪي لڪي ملاقاتون ٿا ڪن.انھي خبر کي ليڪ ڪرڻ جي پويان شيخ رشيد، حڪومتي مشينري جي بدنيتي پنھنجي جاءِ تي برقرار آھي پر ٻيو مقصد اھو تاثر پيدا ڪرڻ بہ آھي تہ اپوزيشن جي مقتدر حلقن سان ڊيل ٿي چڪي آھي، انھي جي ڪري اپوزيشن اي پي سي ۾ جيڪي بہ خبرون ڪيون آھن اھي سموريون ھوائي آھن. پر حقيقت ۾ ائين بلڪل ناھي،ھي سڀ الڳ الڳ واقعا ضرور آھن پر انھن جو رعمل ھڪٻئي سان جڙيل آھي، ھن ملاقات جي حوالي سان وفاقي وزير شيخ رشيد جيڪو ڪجھ بيان ڪيو آھي اھو پورو سچ ناھي،شيخ رشيد کي جيڪو ڪجهھ چيو ويواھو ھن ٻاھر اچي بيان ڪري ڇڏيو پر انھي سياسي غيرسياسي ملاقات ۾ ڪافي ٻيون شيون بہ ٿيون آھن، ملاقاتي ذريعن جو چوڻ آھي تہ اھا ملاقات قطعي طور خوشگوار نہ ٿي آھي، انھي ملاقات جو مقصد تہ کڻي گلگت بلتستان جي اسٽيٽس جي حوالي سان سياسي قوتن کي اعتماد ۾وٺڻ ھو،ممڪن آھي تہ گلگت بلتستان کي پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ صوبي جھڙو درجو ڏيڻ واري فيصلي جي جاءِ تي ڪو نئون فارمولا تيار ڪيو ويو ھجي انھي تي سياسي ڌرين کي اعتماد ۾ وٺڻ جي لاءِ گهرايو ويو ھجي پر جڏھن ٽيبل تي ڳالھيون ٿيون تہ ڪجھ موقعا اھڙا اچي ويا جن ۾ ٻنھي ملاقاتين ڌرين جي موقف ۾ تضاد سامھون آيو، اپوزيشن اتي گلگت بلتستان ۾ رٿيل چونڊن ۾ ڌانڌلين جو امڪاني پلان خلاف داانھيو آھي،گلگت بلتستان جي معاملي تي موجودہ اسٽيٽس کي ڇڏي تجويز ڪيل پلان تي پيپلز پارٽي جي سربراھ بلاول ڀٽو ڳالھائيندي چيو تہ اھو امڪاني پلان يا انھي تي عمل تہ ولاريل ڪشمير بابت ڀارتي قدمن جھڙو ھوندو جئين ڪشمير کي ڀارت ٽريٽ ڪري رھيو آھي ڇا اسان بہ ساڳيو فارمولا اختيار ڪري ڀارت کي درست ھجڻ جواز بخشيون؟ ٻيو تہ گلگت ۾ جيڪي چونڊون ٿي رھيون آھن انھن کي شفاف ٿيڻ ڏنو وڃي انھن چونڊن ۾ مداخلت نہ ٿيڻ گهرجي جيڪا پارٽي چونڊجي اچي انھي کي فيصلي جو اختيار ڏنو وڃي،ذريعن موجب انھي معاملي تي ڌرين جا موڊ خراب ٿيا، بعد ۾ بلاول ڀٽو چيو تہ جيڪڏھن گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي تہ اسان انھي جي نتيجن کي قبول نہ ڪنداسين، ھن ملاقات ۾ انھي حد تائين ڪيل ڳالھ بہ درست آھي تہ مولانا فضل الرحمان جي فرزند مولانا اسعد کي عسڪري قيادت اھو طعنو ڏنو تہ جنھن پارليامينٽ کي اوھان جو والد ناجائز يا مڙھيل چئي رھيو آھي انھي ساڳي پارليامينٽ جي ووٽن جي لاءِ ھو صدارتي اميدوار ھو، ھن ملاقات ۾ ٿيل ڳالھين ۾ اپوزيشن وارا سياسي مداخلت يا سياست ۾ گھلجڻ واري شيخ رشيد جي ڳالھ کي نٿا مڃين، اھا ڳالھ درست بہ آھي ڇاڪاڻ جو مسئلو سياسي نوعيت جو بحث ھيٺ ھو ھاڻ ڪير چوندو تہ اسان جو نالو سياست ۾ نہ ورتو وڃي.فرض ڪجي تہ جيڪڏھن ائين ھج ھا بہ شايد سياسي پارٽيون آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ اسٽبلشمنٽ جو لفظ چئي کين سڌي ريت مخاطب بہ نہ ٿين ھا.
ھي ملاقات آل پارٽيز ڪانفرنس کان اڳ ۾ ٿي ھئي، جنھن ۾ وزيراعظم عمران خان اچڻ پسند نہ ڪيو، ٿي سگھي ٿو تہ وزيراعظم صاحب آرمي چيف کي شڪايتي انداز ۾ چيو ھجي تہ اپوزيشن کي اوھان پاڻ گهرائي ڪن مھٽ ڪريو، جئين گلگت بلتستان جي حيثيت بابت ڪنھن قانونسازي تي اسان حمايت ڪن ،بقول شيري رحمان جي تہ آزاد ڪشمير جي حوالي سان آرمي چيف سان ملاقات وقت بہ وزيراعظم نہ ھو ھاڻ گلگت اشو تي وزيراعظم کي ھجڻ گهرجي ھا پر ھن شرڪت نہ ڪئي، خير اھا ملاقات ڪامياب نتيجا نہ ڏئي سگھيا، جيڪڏھن انھي ۾ تلخ ڪلامي يا ھڪٻئي جي موقف تان نہ ھٽڻ جي ڪا ڳالھ بہ ٿي تہ انھي جو رد عمل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ سامھون اچي ويو،فرض ڪجي تہ ھن ملاقات ۾ ڪا ڊيل يا ڊيل جي ڳالھ ٿي بجه ھجي يا ڪو آسرو ۽ مستقبل جو پلان ھجي ھا تہ شايد اي پي سي بہ نہ ٿئي ھا، ٿئي ھا تہ انھي سخت قسم جو پڌرنامو جاري نہ ٿئي ھا نہ وري نواز شريف يا آصف علي زرداري انھي ڪانفرنس کي خطاب ڪن ھا نہ حڪومت خلاف وڏو ڪو اتحاد ٺھي ھا، جيڪا ڳالھ سمجھ ۾ اچي رھي آھي اھا ھي تہ انھي ملاقات ۾ معاملا خراب ٿيا جن جو رد عمل سخت لھجي ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس ذريعي سامھون آيو*، ان ۾ غير جمھوري ۽ طاقتور قوتن جي خلاف ھڪ چارج شيٽ تيار انھي کي پڌرنامي جي شڪل ڏني وئي، انھي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ جيڪوسياسي اتفاق پيدا ٿيو انھي کي رولڙي ۾ وجھڻ جي لاءِ حڪومتي قيادت طرفان ھڪ تہ نواز شريف سميت اپوزيشن جي سمورين سياسي پارٽين کي ڀارت نوازي وارا سرٽفڪيٽ ۽ فتوائون ڏئي غدار ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رد عمل ڏيکاريو ويو ٻي طرف وري شيخ رشيد ذريعي انھي ملاقات جي خبر کي ليڪ ڪرائي پسند جون خبرون ھلرايون ويون. پر اپوزيشن انھي تي ميچورٽي جو مظاھرو ڪندي اڳتي وڌي، ھن وقت بہ سياسي ڌرين جي وچ ۾ رابطا قائم آھن، ايڪشن پلان جي مول متن کي درست ڪيو پيو وڃي، اپوزيشن سمجھي ورتو آھي تہ عمران خان کي آڻيندڙ قوتون عمران خان مان ھٿ ڪڍڻ جي لاءِ تيار ناھن انھي جي ڪري عوام جي قوت جي ذريعي سياسي ميدان مچائجي جيڪڏھن اپوزيشن مستقل مزاجي، سياسي نموني منظم ٿي اي پي سي ۾ ٿيل فيصلن تي سچي دل سان بيھي ٿي، پنھنجي صفن مان ڪارين رڍن کي ڪنٽرول ڪري وڃي ٿي تہ حڪومت ڀلي ڪيترا بہ حيلا ھلائي غير فطري نموني مڙھيل حڪومت جو ھلڻ محال ٿي ويندو.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے