اڄ مان سياست تي نظر رکندڙ پنھنجي سمورن نظرياتي دوستن جي آڏو هڪ اھڙو ڪيس ۽ مڪالمو رکڻ چاهيان ٿو، جنھن جي مونجھاري سلجھائڻ بابت بحث مباحثا ھڪ عرصي کان ھلندڙ آھن.شايد اھي جاري رھڻ بھ گھرجن، ڇاڪاڻ جو اسين سڀ نظرياتي بحث مباحثي سان ئي انساني حقن،سياست جي لاھين چاڙھين.انساني محرومي جي سببن ۽ سياسي معاشي طور سان عوام کي محڪوم بڻائيندڙ سامراج نواز سرمائيداي نظام جي عوام دشمن ۽ سماج دشمن چالاڪين کان وقف ٿيا آھيون. پر ڪجھھ دوستن جون چھنبون ھاڻي بھ سرمائيدراڻي جمھوري مفاداتي چھنبن سان چھٽيل آھن. تنهنڪري بظاهر اهي نظرياتي دوست اسان جا ٿي ڪري تمام دلچسپ انداز ۾ عوام دشمن سرمائيداري نظام جون خاصيتون ۽ فائدا ٻڌائڻ جي لاءِ اڃان تائين اسان جي وچ ۾ داخل ٿي ويٺل آھن.اسان جي نوجوانن کي سرمائيداراڻي جمھوريت جي واٺي بڻائڻ تي لڳل آھن.سياست ۽ تاريخي نقطه نظر رکندڙ ۽ ان جي دفاع ڪرڻ جو حق نقطھ نظر ڏيندڙن کي ملڻ گهرجي .ھنن جو بنيادي حق آهي، بھرحال ڪنهن به نقطه نظر تي فوري يا حتمي راءِ قائم ڪرڻ کي صحيح رويو نٿو چئي سگهجي، هر فرد کي پنھنجي ڳالھھ ڪرڻ ۽ پيش ڪرڻ جي مڪمل آزادي جي اصول تحت مخالف يا ناپسنديدھ نقطھ نظر کي نھ ٻڌڻ يا سمجهڻ پڻ ڪنهن به طرح صحيح ناهي.
اسان جھڙي نيم جاگيرداراڻي ۽ سرمائيداراڻي نظام ۾ رهندڙ اڪثر ڪري مخالفن جي نظرين کي يڪسر رد ڪري ڇڏيندا آهن يا وري ناپسنديدھ نقطھ نظر پيش ڪندڙن جي خلاف فتويٰ جاري ڪري ڇڏيندا آھن.جيڪو ڪنهن به صورت ۾ صحتمند سماجي روين جي عڪاسي نه آهي،تنهن ڪري ڪوشش ڪرڻ گھرجي ته ٻين جي ڳالھھ کي مڪمل ۽ سڄي پس منظر ۾ ٻڌون ۽ ان تي پنھنجي راءِ يا تنقيد پيش ڪريون.گفتگو يا مڪالمي جو وڌ کان وڌ ھئڻ صحت مندي سياسي دانش ۽ برداشت جو فھم پيدا ڪن ٿا. ھن لکڻيءَ ۾ ھڪ وقت جي ڪُلي ساٿين جي بدلجندڙ خيالن کي ٻڌڻ بھ اسان جي سياسي تربيت جو حصو ھو.تنھڪري انھن دوستن جي راءِ سڀني جي سامھون پيش ڪرڻ لازمي ڄاتو آهي.
گفتگو يا مڪالمي جي ذڪر ڪيل ويھڪ جو مول متو اھو ٻڌايو ويو ھو تھ ملڪ جي موجوده بدلجندڙ صورتحال ۾ روشن خيال ۽ ترقي پسند دوستن جو گڏيل بيانيئو جوڙيون جيڪو عوام جي حقيقي نمائندگيءَ جو ضامن بڻجي ته جيئن ڏينهون ڏينهن وڌندڙ مهانگائي ۽ بيروزگاري جو خاتمو آڻي سگهجي، ۽ ملڪي معاشي بدحالي ۾ ٻاھرين قوتن جي اثرن کي ڪڍڻ جو بھ ڪو حل، مڪالماتي فورم تي گڏيل طور تي ڪڍجي.مڪالماتي ويھڪ جي شروعات ۾ گڏيل ڳالهه ٻولهه بدران ٽن ماڻهن کي پنهنجو نقطه نظر پيش ڪرڻ جي دعوت ڏني وئي ۽ شرڪت ڪندڙن کي چيو ويو ته انھن ٽن دوستن جي راءِ کان پوءِ سمورا شرڪت ڪندڙ پيش ڪيل نقطي تي پنهنجي راءِ ڏين ۽ پنهنجا سوال پيش ڪن. ته جيئن هڪ صحتمند بحث کان پوءِ موجوده سياسي حالتن ۾ ھڪ ” عوامي بيانيئو “بڻائي سياسي قوتن ۽ عوام جي وچ ۾ رکيو وڃي،ان مڪالمو جي پهرين شريڪ دوست ڳالھھ شروع ڪندي چيو تھ ”انھن دوستن سان ڪنھن بھ قسم جو ماڪالمو نٿو ٿي سگھي. جيڪي ليننزم ۽ مارڪسزم کي عقيدو يا نظريو سمجهن ٿا“.۽ ٻيو ھي ته ”جديد ٽيڪنالاجيءَ جي اچڻ سان ڪارخاني جو مزدور، پورھيت جي تعريف تي پورو نٿو لھي.جنهن جي بنياد تي انھن جي انجمن سازي يا ٽريڊ يونين جي ضرورت آهي“.
مڪالمي جي ان ويھڪ جي ابتدائي بيانيئي سان گڏ ئي موجود دوستن ۾ ڳڻتي جي لھر پيدا ٿي وئي.جنھن کي ميزبان ۽ منتظمن بھ محسوس ڪيو.
ان مڪالمي جي ويھڪ ۾ ٻئي سياسي دانشور دوست دليل ڏيندي چيو ته ”دنيا ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۽ سرمائيداراڻي جمهوريت انساني سماج جا ڪيترائي مسئلا حل ڪري ڇڏيا آهن، دنيا ۾ عوام جو استحصال ختم ڪيو آهي ۽ عوام کي پنھجي ووٽ ڏيارڻ جي حق ڏيارڻ جي ھڪ ڪامياب ڪوشش ڪئي آھي،ان سياسي دانشور دوست اها به دعويٰ ڪئي هئي ته ”هاڻي دنيا ۾ انساني حق طئي ٿي چڪا آهن، دنيا ۾ مزدورن جي استحصال ۾گهٽتائي آئي آهي ۽ جديد ٽيڪنالاجي، دنيا جي مزدورن کي خوشحاليءَ جي طرف وٺي وئي آهي.“
هن جو اھو مضبوط دليل هو ته، آءِ ايم ايف، هاڻ سرد جنگ کانپوءِ عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ وارو ادارو بڻجي چڪو آهي، تنھنڪري هاڻي اهڙن ملڪن کي نه ته آءِ ايم ايف کي خراب چوڻ گهرجي ۽ نه ئي خراب سمجھڻ گھرجي.بلڪھ آءِ ايم ايف کي عوام دوست جي فھرست ۾ رکي ڪري سرمائيداراڻي جمهوريت هيٺ پنهنجا آئيني ۽ قانوني حق ورتا وڃن.ان دانشور دوست جو ا ھو پڻ چوڻ ھو تھ ھاڻي پورھيت جو استحصال سرد جنگ جي دور وانگر نٿو ٿئي، تنھنڪري پورھيت دوست ٽريڊ يونين بھ يونين سازي جي حق کي جديد گھرجن پٽاندر استعمال ڪن يا ڪا رٿابندي جوڙين“ يعني پورھيت حق ۾ ھڙتال ۽ احتجاج تي نظرثاني ڪرڻ گھرجي.
انهن ذڪر ڪيل دوستن جي نقطھ نظر کانپوءِ مڪالماتي ويھڪ ۾ منھنجو سوال ھو تھ جيڪڏھن جديد ٽيڪنالوجيءَ پورھيت جي ڪم جي جاءِ ڀري ورتي آھي،۽پورھيت جي ڪا حيثيت متاثر نھ ٿي آھي تھ ھزارن جي تعداد جي مقابلي ۾ ڪجھھ سئو پورھيت رکڻ کانسواءِ ھزارين پورھيتن جي بيروزگاري جي ذميداريءَ ڪنھن تي وڌي وڃي.ڇا سرمائيدا جديد ٽيڪنالوجي تي وڌي وڃي ؟ يا جيڪڏھن آءِ ايم ايف عوام دوست بڻجي ويو آھي تھ پوءِ عوام جي استعمال وارين شين بجلي گئس جي مد ۾ واڌو ٻوجھھ عوام تي وجھڻ جو مطالبو ڇو ڪري ٿو، ان جي ابتڙ آءِ ايم ايف اسان جي ملڪ جي عوام جو استحصال ڪندڙ ”اسٽيبلشمينٽ “ جي غير پيداوري خرچن کي واضِح ڪٽوتي جو مطالبو ڇو ۽ ڪھڙي مفاد جي ڪري نٿو ڪري ؟ ؟ ان موقعي تي نوجوان ڪامرِيڊ خرم علي خان جو چوڻ ھو تھ جيڪڏھن انساني حق عالمي طور تي طئي ٿي ويا آھن تھ پاڪستان ۽ آفريقي ملڪن ۾ لاڳيتي انساني حقن جي توھين تي سرمائيدار دنيا ڇو خاموش تماشائي بڻيل رھي ٿي. جڏھن تھ سرمائيدار سامراج غيرترقي يافتھ ملڪن جا وسيلا ڇو طاقت ۽ سرمائيداراڻي جمھوريت جي آڙ ۾ غصب ڪري رھيا آھن.جڏهن ته سرمائيداراڻي جمھوريت جو نقطھ نظر پيش ڪندڙ دوستن کان جواب نھ ٺھي سگھيو تھ مڪالماتي اجلاس کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري سرمائيدراڻي جمھوريت جو بچاءُ ڪندڙ دانشور پنھنجي پنھنجي گھر روانا ٿي ويا.