غلام رسول چانڊيو

سنڌ رُلي، سَتُرَ رليا…

اوهانجو موقف غلام رسول چانڊيو ليکڪ

غلام رسول چانڊيو

حڪمرانن جي بي حسي، ڀوتارن جي ڀيانڪ ڪردار ۽ نوڪرشاهي جي ناجائزين سڪي ٺوٺ ٿي ويل سنڌ تي برساتن جهڙي نعمت کي به هڪ قيامت جهڙي آفت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ڪنهن پنهنجا فصل بچائڻ، ڪنهن پنهنجا فارم هائوس ته ڪنهن پنهنجا بنگلا بچائڻ لاءِ سنڌ جي هزارين گهرن ۽ ڪروڙين ماڻهن کي روڊن تي رلائي، دربدر ڪري، مانيءَ گراه لاءِ نياڻين، پوڙهن ،پڪن ۽ ٻارن کي قطارن ۾ بيهارڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي.
روڊن تي عورتون پنهنجي معصوم ٻارڙن کي ٿڃ به نه ٿيون پياري سگهن. تصور ڪجي ٿو ته وجود مان ريهون نڪري وڃن ٿيون. جن ماڻهن جا سکيا ستابا گهر هئا، اوطاقون هيون، واڙا ۽ وٿاڻ هئا، انن جون گنديون ڀريل هيون، ۽ فصلن جي آسري تي جن پنهنجي پٽن جي موڙن ٻڌڻ جون تِٿوُن ٻڌي ڇڏيون هيون ۽ سندن ونيون لائُن لهڻ جو اوسيئڙو ونواھ ۾ اَکيا ٻڌي پچائي رهيون هيون اهي سڀ سرڪاري مفادن واري ٻوڏ ۾ لڙهي ويون.
اوچتو اوچتو گهرن ۾ بندن کي ڏنل ڪَٽن جو پاڻي ائين پهتو جو لاڏا چوندڙ عورتون پنهنجون گَنديون رَوا به سنڀالي نه سگهيون. هنن حڪمرانن ۽ ڀوتارن ڪنوارن جو ونواھ لوڙهي ڇڏيو ته جوانن جون موڙُون به لڙهي ويون، لڙهي ويو اهو ڏاج جيڪو ذرو ذرو ڪري گڏ ڪيو ويو هيو، لاڏا لڙهيا ۽ ڳيچ ٻڏي ويا.
متارين مِينهُن ڪلا ڇنائي اهڙو ٽاھُ کاڌو جو وري وٿاڻين نه وريون.
ريهون ۽ ڪيهون سنڌ جي ڪروڙين ماڻهن جو مقدر بڻجي روڊن تي وڏين گاڏين جي هارنن ۾ گُهٽجي ويون.
سنڌ روڊن ڪناري رلي وئي، سَتُرَ رُنا، لڄادار نياڻين جي نيڻن وڏ ڦڙو وسائي پنهنجن ڪراڙن ابن کي پٽ تي ويٺل ڏسي اندر جي اڌمن کي روڪڻ جي گهڻيئي ڪئي پر اوڇنگارون به برسات بڻجي انهن نياڻين جي وجود کي ٻوڙي ويون.
برساتون سدائين پونديون هيون پر هن ڀيري الائي ڪهڙي برسات هئي جو چاچو ڌڱاڻو پينگهي بجاءِ روڊ تي اچي ويٺو، سندس دوا ۽ ٽيڪ واري لٺ به لڙهي وئي.
سنڌ اهڙا ڏينهن اڳ ڪڏهن نه ڏٺا هئا! مينهنَ لاءِ دعائون گهرندڙ سنڌ ائين ٻوڙي وئي جو ڄڻ ته آسمان تان ڪنهن برسات جي ڇپ ڪيرائي هجي.
ڏسندي ئي ڏسندي ويڙها ويران ٿي ويا ۽ سنڌ سمنڊ بڻجي اجگر جيڏيون ڇوليون ڏيڻ لڳي.
چاچي ڌڱاڻي نرڙ هٿ ڏئي آسمان طرف ويندڙ هڪ هيليڪاپٽر ويندي ڏٺو ، سوچيائين ته ” جن کي ٻارين ٻچي ووٽ ڏنا هئاسين، شايد اهي واهر لاءِ پهتا آهن”، پر چاچي ڌڱاڻي کي ڪير ٻڌائي ها ته اهي هيليڪاپٽر سنڌ جي برساتي ٻوڏ کان بچي ويل ٽڪرن کي ٻوڙائڻ جي ڳولا ۾ آهن.
سنڌ ٻڏي، سَتُرَ رُليا، مال مئا، ٻار مئا ۽ ڪراڙن کي ڪلهو ڏيڻ لاءِ ماڻهو پاڻي جھاڳي پهتا پر قبرستان به ٻڏل هئا……
۽ پوءِ هڪ طرف قيامت هئي ته ٻي طرف ڀوتارن جي بنگلن تي بوتلون کليل هيون ته ڪن وري ڪُڌي ڪاروبار سان پنهنجو ڪارو منهن ڪرڻ شروع ڪري ڏنو، ” برسات متاثرن لاءِ پئسا ڏيو“ جا اعلان ڪيا، ته ڪن وري راشن جي ڪٽن جا ڦوٽو ڪڍي ماڻهن کي ڏيکاري گهر ڀريا.
پر هڪ ٻي سنڌ به هئي جنھن بنا چون چُران جي، روڊن تي ويٺل سنڌ کي ويلو وجهڻ نه ڏنو، ڪن راشن ڏنو، ته ڪن ڪپڙا ته وري ڪي دوائون کڻي اَگهن کي سگھو ڪرڻ لاءِ اچي پهتا. ھڙئون وڙئون ڪري روڊن تي رليل سنڌ کي سيني لاتائون، ٻارن کي رانديڪا پهتا ته نياڻين کي رَوا، عورتن جي مٿن تي هزارين شفيق هٿ رکي وچن ورجايو ويو ته ” جيستائين پنهنجي گهر تڙ وارا نه ٿا ٿيو تيستائين اَلھ تلھ وڪڻي، هٿ هٿ ڪري به اوهان کي ويلو وجهڻ نه ڏبو”.
ائين سنڌ روڊن تي پنهنجي نه رڳي بقا جي جنگ وڙهي رهي آهي پر هاڻ ڀوتارن جي ڀيل لاءِ به سندرا ٻڌي اٿي کڙي ٿي آهي. سنڌ ان کان به سنگين الميا ڏٺا آهن ۽ پار پئي آهي پر هن دفعي سنڌ ڪنهن وڏي فيصلي جي سوچ ۾ گهڻو ڪجھ طئي ڪري رهي آهي ۽ سوچي رهي آهي ته بس هاڻ گهڻو ٿيو…..
شال سنڌ ڪنهن آخري فيصلي تي پهچي!

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے